• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڃا نه سنڌ لئه تو جنگ جوٽي ...

اڃا نه سنڌ لئه تو جنگ جوٽي
_________________
اڃا نه سنڌ لئه تو جنگ جوٽي اڃا به سهمن ۾ تون سڙين ٿو
اڃا به تنهنجي نه جوش جيون اڃا به ڳڻيتين ڳوڙها ڳڙين ٿو
ٻيو نه ايندوڪو ڏينهن سائين پڇين لڇين ٿو پور پيارا
ڪرڻو توکي آ حملو هن تي ويڙه پنهنجن سان ڇووڙهين ٿو
ها منڃا ٿو دوکو دلبر اجايو اميدن ۾ ٿي رهين ٿو
تتي ٿڌي ڪاه پنهنجي مام ۾ تون اڇا مڙين ٿو
هو ولر ورائي وياديس پنهنجو آزاد ڪر تون جند جن کان
ويڙه وڙهڻي جو آهي توکي لاڙ هي تون وري لڙين ٿو
ڪو وقت ڪونهي جو سنڌ سامهون سور ناهن درد ناهن
صديون پويون جانچي ڏس تون ڪنڌ دشمن ڪيئن لڻِي ٿو
هاڻي توکي ويو آ ڇا ٿي نه ساڳي غيرت وجود تو ۾
سستي ڇڏ تون ڪاهلين کي روح ۾ بس ڇو رڙين ٿو
لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top