01 ـ مون عيدالفطر، سنگاپور ۾ ڪئي جيڪو دنيا جو سڀ کان سهڻو ۽ صاف سٿرو ملڪ ليکيو ويندو آهي ـ هونئن به سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ ۾ سنڌي بزنيس مين ڇانئيل آهن ـ عيدالفطر جي نماز سنگاپور جي عاليشان ۽ ڪشادي سلطان مسجد ۾ پڙهيم جتي عورتن جي نماز پڙهڻ لاءِ، ٿوري وٿيءَ تي الڳ حصو ٺهيل هو ـ سموريون تڪبيرون پهرين رڪعت ۾ هنيون ويون ۽ ٻيءَ ۾ نه ـ سوره فاتح به سڀني وڏي آواز ۾ هڪ ٿي، سُر ۾ پڙهي ۽ مزي جي ڳالهه ته نماز ختم ٿيڻ تي ڪير به ڪنهن سان ڀاڪر پائي ڪونه مليو البت مون کي سلوار قميص پاتل ڏسي ۽ ڌاريو سمجھي ڪجھه ماڻهن اچي هٿ ملايو ـ رات جو پي آءِ اي جي جهاز ۾ ڪراچيءَ لاءِ روانو ٿيس ۽ صبح جو سوير ڪراچي پهتس ـ خبر پيئي ته ڪراچيءَ ۾ اڄ (ٻئي ڏينهن) عيد آهي ـ مان ٽئڪسي ڪري گھر پهتس ۽ ٻي عيدالفطر لياريءَ جي تاريخي عيدگاهه ۾ پڙهيم ـ 02 ـ جڏهن عيدالفطر جو ماني نصيب نه ٿي: سنگاپور وڃڻ کان گھڻو اڳ جو قصو آهي ته مان ريڊيو پاڪستان سنڌي نيوز ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪندو هوس ـ شام جو 6 لڳي 20 منٽن جي مڪاني خبرون ذريعي پتو پيو ته سڀاڻي عيدالفطر آهي سو تڪڙ ۾ جناح روڊ تان بس پڪڙيم ۽ حيدرآباد مان وري ويگن پڪڙي نوابشاهه پهتس ـ ٻئي ڏينهن نوابشاهه جي عيد گاهه ۾ نماز پڙهيم ۽ پوءِ ويگن ۾ حيدرآباد ۽ پوءِ ڪراچي پهتس جو شام جو 5 لڳي 20 منٽن تي سنڌي خبرون ۾ منهنجي ڊيوٽي لڳل هئي ـ ڪراچي پهچڻ کانپوءِ ڏٺم ته ويجھڙائيءَ واريون سڀ هوٽلون بند هيون ۽ ريڊيو پاڪستان جي ڪينٽين به ـ سو ڪوشش جي باوجود منجھند جي ماني نصيب ڪانه ٿي ـ البت ڊيوٽي ختم ڪري هڪ دوست وٽ بهار ڪالوني ويس، اتي هوٽلون کليل هيون، سو رات جي ماني پيٽ ڀري کاڌم ـ