• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تڪراري ڪالاباغ ڊيم ۽ واپڊا جو سنڌي آفيسر

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
مون تڪراري ڪالاباغ ڊيم خلاف گھڻيون پوسٽنگس ڪيون آهن ـ انهن جي موٽ ۾ هڪ سنڌي، جتوئي غلام سرور جيڪو واپڊا ۾ ڊپٽي ڊاريڪٽر (ايڇ آر ـ ايڊمن) آهي ۽ حيدرآباد ۾ رهي ٿو تنهن منهنجي اعتراضن جا جواب، دليلن سان ڏيڻ بدران لکيو آهي: ”محمد خان سيال آپ ڪو ڪڇ پتا نھين هيَ اور بات ڪرتيَ ھين ڪالاباغ ڊيم ڪي ـ آپ ڪا اتنا ليول هي نھين جتنا چيرمن واپڊا ڪا ليول ھيَ....افسوس پتا ڪچھه نھين اور بڪواس ڪرنا آتي ھيَ“ ـ
جنھن جي موٽ ۾ مون لکیومانس: “دليلن جو جواب دليلن سان ڏنو ويندو آهي ـ اهڙي ريت فتوى ڏيڻ مناسب ڪونهي اوهان جو واسطو سنڌ سان آهي ۽ ڪرپٽ واپڊا ۾ نوڪري ڪريو ٿا ته پوءِ چيئرمن واپڊا جي اهڙي ريت ”چمچاگيري“ ڪرڻ سان، اوهان کي ڪو فائدو ملي ٿو ته مون کي ڪو اعتراض ڪونهي ـ ڪنهن درست سچ چيو آهي: لگيَ رھو مُنا بھائي“ ـ
• نوٽ: جتوئي غلام سرور جھڙا، اوهان کي کوڙ ماڻهو ملندا جيڪي سمجھن ٿا ته چيئرمن واپڊا ته پري پر سندس جيتري به، اسان جي ليول ڪونهي ۽ سنڌ جو ڪيس پيش ڪري اسان ”بڪواس“ ڪريون پيا ـ وڌيڪ دوست تبصرو ڪن ته سندن مهرباني ـ
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
ڪالا باغ ڊيم تڪراري ڇو بنيو؟ اڄ تائين پنجاب جيڪو چاهيو آ سو ڪيو آ پوء ان ڊيم ٺهڻ تي ڇو ٻين صوبن ڏانهن ڏسي رهيو آهي ؟
ڪٿي ائين ته ناهي ته ڪو ٽيڪنيڪل مسئلو هجي ۽ ان کي لڪائڻ لاء تڪراري بنايو ويو هجي.؟
اگر پنجاب ڪالا باغ ڊيم ٺاهي هان ته پوء پوري پنجاب ۾ ننڍا ننڍا ڊيم ٺاهڻ جو ڇا مقصد هو؟
پنجاب ان وقت به پنهنجي جابرانه پاليسي اختيار ڪندي ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ جا مڪمل انتظام ڪيا ، ماڻهن کان زمينون خالي ڪرايون ويون مشينون گهرايون وايون ، ٻاهرين ڪمپنين کي ٺيڪا ڏنا ويا ڪم شروع ڪيو ويو ، پوء اچانڪ تڪراري ڪيئن بنجي ويو؟
ان جي نه ٺهڻ کي ۽ پنهجي نا اهلي کي لڪائڻ لاء لساني فساد کي جنم ڏنو ويو،صوبن ۾ تڪراري نفرت پئدا ڪئي وئي . ان جو سبب فقط اهيو هيو جو ڪالا باغ ڊيم تي ڪم ڪرڻ کان پوء خبر پئي ته ان جاء تي ڊيم ڪڏهن به نٿو ٺاهي سگهجي .
ڇو جو اها جڳه لوڻياٺ واري آهي اتي ڪا به سيمينٽ يا لوه واري ڪنسٽرڪشن مناسب ناهي ۽ اگر اتي اهڙي ڪا به ڪنسٽرڪشن ڪئي ويئي جنهن جو مقصد پاڻي گڏ ڪري رکڻ هجي ته اها ٻن چئن سالن ۾ ڊهي سگهي ٿي.
جنهن جي ڪري ان پراجيڪٽ کي بند ڪيو ويو ۽ ان تي سياست ڪئي ويئي . ۽ ان کي تڪراري بنائي منجهائي رکيو.۽ پنهنجي نا اهلي کي لڪائڻ لاء اهيو ڊرامو رچايو جنهن جو انت اڃا تائين ناهي ٿيو .جڏهن ته سنڌ جا پگهاردار سياستدان پنجاب جي ڪنهن به اهڙي زيادتي کي نه اڳ روڪي سگهيا آهن نه هاڻي ئي ڪنهن ۾ طاقت آهي.
چشمه بئراج وٽ سنڌوء جي حالت ڏسڻ وٽان آهي ،
چشمه رائٽ بينڪ +ليفٽ بينڪ + گريٽر ٿل ڪينال ٺاهي لکين ايڪڙ ريگستان کي آباد ڪيو ويو . ڪنهن ڪڇيو اڄ تائين ،ان کان بچي آيل پاڻي کي تونسه بئراج وٽ ورهايو ويو ،ڪنهن ڪڇيو؟
اسان جي سنڌ جا نمائيندا پ پ پ جي صورت ۾ فقط نوڪري ڪندا رهيا ۽ پنهجني مفادن خاطر سنڌ ۽ سنڌين جي ناموس ۽ عزت کي پائمال ڪري ويٺا آهن ، ايتريقدر جو انهن جو نفس عزت حب الوطني جو جذبو ۽ غيرت کي ڪڍي انهن جي جاء تي لالچ عيش عِشرت ۽ غداري ڀري ڇڏي ، جنهن کي اڄ جي هن وقت ۾ ظاهر ڪري انهن کي اگهاڙو ڪيو ٿو وڃي،
اڄ سنڌ جي جيڪا حالت آهي سا فقط انهن بگهڙن جي ڪري آهي جن پنهنجي مفاد خاطر پنهنجي قوم کي به نه بخشيو،
انهن عقل جي انڌن کي اهيا ڪل ڪانه رهي ته اهيو سمورو پئسو سنڌ جو آهي جيڪو توهان دلالي ۾ کائو ٿا، پنهنجو ئي پيسو توهان کي کارائي انڌو ڪيو ويو آهي ، ۽ اهيو ئي پئسو توهان جي ماروئڙن جو آهي ، اڄ اهيو ئي پئسو انهن لاء ذلت جو سبب بنجي رهيو آهي ، ۽ اهيا پائي پائي وصول ڪري انهن ئي ماڻهن کي سنڌ جو نمائيندو بنائي سڄي دنيا ۾ بدنام ڪري ڏيکاريندا ته سنڌي اهيا قوم آهي ، جنهن کي پنهنجا وصيلا به استعمال ڪرڻ جي صلاحيت ناهي ، اهي ڪرپٽ آهن ، ان جي جاء تي ڌاريا ڌر بڻائي اڳيان آندا ٿا وڃن،.
هنن انڌن جي حڪومت ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي نه ٿي پڙهائي وڃي دانهون ڪرڻ تي به ڪو تحرڪ نه ٿو اچي. تعيلم جو معيار چند مثالي اسڪول ڪاليج ۽ يونيورسٽيون بنايو ويو آهي جنهن ۾ سنڌين جي داخلا منع آهي پوء به انڌن وزيرن کي ڪا خبر ڪو نه ٿي پوي،
ڪجي ته ڪجي ڇا ،
ايندڙ وقت ۾ مڪمل ظابطو سنڌي قوم تي انهن جو آ جن جي ڳاله ڪندي هاڻي گهڻن جا وات بند ٿي ٿا وڃن ،
وڏا نعرا هڻندڙ پنهنجي جان بچائڻ ۾ پورا آهن ، هڪ دفعو وري بدامني جي نالي تي سنڌ کي تار تار ڪيو ويندو،
ڪرپشن جي بهاني هر ماڻهو کي گهر وڃڻ لاء انهن جي چوڪي کان ٽپڻو پوندو، فلسطين جيان رڙيون ڪندي رهجي وينداسين ڪير به ڪونه ورلائيندو. هن وقت اهيا ئي تصوير وڃي بيٺي آهي.
الله سائين ڪا هن قوم تي مهرباني ڪري باقي ته هر شئي ٻڏل ٿي ڏسڻ ۾ اچي.
 
Back
Top