• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

صحرا مون ۾ ساهه کڻي ٿو ( امر ساهڙ جي ڪتاب تي تبصرو)

سجاد علي چنا

سينيئر رڪن
انتظامي رڪن
ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ
تبصرو: سرواڻ سنڌي

صحرا مون ۾ ساهه کڻي ٿو جي تخليق ڪار سان منهنجو لاڳاپو صرف سندس شاعري جي ڪري آهي، ساڻس رابطي جو وسيلو به صرف شاعري آهي جنهن جو مطلب اهو آهي ته اسان جي وچ ۾ احساسن جو رشتو آهي ۽ اهو رشتو دلين جو رشتو آهي جيڪو لفظن وسيلي اسان جي احساسن جي ترجماني ڪري ٿو، نئون ڪوٽ خوش قسمت آهي جو سندس ادبي سڃاڻپ امر ساهڙ جهڙي خوبصورت شاعر سان ٿئي ٿي، جڏهن به نئين ڪوٽ جو نالو کڄي ٿو ته اتي سڀني جي ذهن ۾ امر ساهڙ جو نالو ئي تري اچي ٿو، امر ساهڙ انهن وانگر ناهي جيڪي پنهنجي تاريخي ماڳن تي پنهنجي ڏاڍ مڙسي وسيلي قبضو ڪري انهن کي ميسارين ٿا، پر امر ساهڙ پنهنجي ثقافت ۽ ورثي سان پيار ڪندڙ ۽ انهن جو نگهبان شاعر آهي. امر ساهڙ پنهنجي ٽهي ۾ ته نمايان آهي ئي آهي پر هو پاڻ کان پوئين ٽهي کي به وڏي عزت ۽ تعظيم ڏي ٿو، هن ڪتاب جي مهاڳ کان ويندي مختلف راين تائين اڪثريت نئين ٽهي جي انهن شاعرن جي آهي جيڪي خوبصورت لکن ٿا، امر ساهڙ انهن دلين، انهن احساسن ۽ انهن مجبور ماڻهن جو شاعر آهي جن کي اڄ تائين ڪا خوبصورت زبان ناهي ملي سگهي جيڪا انهن جي ترجماني ڪري. امر ساهڙ انهن ڍاٽين انهن ڏتڙيل ۽ انهن بي زبانن جو آواز بڻيو آهي جيڪي صرف لابارو ڪري سگهن ٿا جيڪي مال چاري سگهن ٿا ۽ جيڪي هر وقت پنهنجي پيٽ پالڻ جي لاءِ هيڏانهن هوڏانهن واجهائيندا رهن ٿا. امر ساهڙ جيڪو ڀروسو ڪري نوجوان دوستن کان پنهنجي ڪتاب تي مهاڳ ۽ رايا لکرايا ان مان ظاهر آهي ته هن کي پنهنجي ڏات تي ايڏو ته ڀروسو آهي جو ڪنهن به وڏي نالي جي پٺيان ڊوڙڻ بدران پنهنجي نئين ٽهي تي ئي اعتماد ڪري ٿو اها هڪ ڀلوڙ شاعر جي خوبي آهي جو هو پنهنجي شاعري تي لکڻ جي لاءِ هڪ نوجوان دوست جي چونڊ ڪري ٿو. گهڻا احساسن کان وانجهيل شاعر وڏ ماڻهپي جي پڳ ٻڌڻ لاءِ وڏن جي درن جي چائنٺ تان سر ناهن لائيندا ۽ پوءِ اهي جڏهن پنهنجن گدلن احساسن کي سٺن لفظن وسيلي گندي پاڻي ۾ ڪنول وانگر منظر عام تي آڻيندا آهن ته اهي ان وقت وڏا لڄي ٿيندا آهن جڏهن لفظن جو پاڻي جڏهن لهي ويندو آهي ته انهن جا اهي هٿرادو ڪنول پڻ شرم کان ڪنڌ هيٺ ڪري بيهي رهندا آهن پر امر ساهڙ جي شاعري انهن سڀني شين کان تمام گهڻي مٿڀري آهي جنهن کي ڪنهن به وڏي ماڻهو جي سرٽيفڪيٽ ۽ ٺپي هڻڻ جي ضرورت ئي ناهي ۽ هو پنهنجي ڏڍ تي ايتري ته ڳاٽ اوچي سان بيٺل آهي جو ڀلي وقت ڪهڙو به هجي پر ان تي ڪنهن به صورت ۾ مرجهائڻ جو مرحلو نٿو اچي سگهي. پر اهو به ڏسڻو پوندو ته انهن دوستن به ساڻس انصاف ڪيو آهي يا نه؟ ۽ مهاڳ لکندڙ اسان جي دوست شاعر روحل ڪالرو امر ساهڙ سان ڪيترو نڀايو آهي؟ ڇو ته جڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن شيءَ تي لکي ٿو ته ان جي سڀني رخن تي لکڻو پوي ٿو ۽ اهڙيون شيون سامهون آڻڻيون پون ٿيون جيڪي هڪ شاعر کي منفرد بڻائين ٿيون ۽ ان جو ڪمال انهن مان ظاهر ٿئي ٿو، هاڻي صحرا مون ۾ ساهه کڻي ٿو جو ڀرپور ڀاڱو غزلن جو آهي جنهن تي روحل ڪالرو صرف هڪ سٽ لکي چوي ٿو ته ”امر ساهڙ جي غزل واري سڃاڻپ به اهميت لائق آهي پر غزل ۾ شاعر ڊوڙي ڊڪي ۽ ڀڄي نٿو سگهي ۽ نه ئي وري غزل جي خيال تي ڳالهائي سگهجي ٿو ان ڪري ساهڙ جي هڪ غزل جي بند مان لطف اندوز ٿيندي سندس غزلن وارا پنا ٻيڻا ڪري اڳتي وڌون ٿا“ هاڻي مون کي خبر نٿي پوي ته روحل ڪالرو پڙهندڙن کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهي ٿو۽ هن ائين ڇو پنا واري ڇڏيا ڇا وٽس لکڻ لاءِ وقت نه هو يا اڃا ڪا ٻي ماجرا هئي؟ ڪنهن تي لکڻ وقت ائين پنا ٻيڻا ڪري اڳتي نٿو وڌي سگهجي ۽ ڪنهنجي پورهئي تي اکيون پوري نٿيون سگهجن جيڪڏهن غزل ۾ شاعر ڊوڙي نٿو سگهي ۽ خيالن جو اظهار به نٿو ڪري سگهي ته پوءِ غزل جي صنف جو هجڻ هاڻي ڪهڙي معنيٰ رکي ٿو ۽ ڇا اها امر ساهڙ جي خوبي نه چئبي ته هن غزل ۾ پنهنجو پاڻ کي ايترو ته ڊوڙايو آهي جو اها سندس خوبي ٿي سامهون آئي، منهنجي خيال ۾ روحل کي هر صنف تي بهتر طريقي سان ڳالهائڻ گهرجي ها ۽ نه ئي وري پنا ٻيڻا ڪري اڳتي وڌڻ گهرجي ها، هن ڪتاب ۾ سڀ کان خوبصورت ڀاڱو غزلن جو آهي ۽ سندس ڪهڙي غزل جي واکاڻ ڪري ڪهڙي جي ڪجي. سندس پهرين ئي غزل
مون ۾ پاڻ اتاري آئينءَ
هڪڙي لهر اٿاري آئينءَ
ڀاڪر بوسو خرچي ڏئي
دل جو درد ڌتاري آئينءَ
هاڻي ڪنهن ٻار کي صرف چمي جي خرچي ڏئي ان کي ماٺ ڪرائڻ يا محبوبا کي چمي جو تحفو ڏيڻ ۽ ان کي ائين محسوس ڪرائڻ ته هن کي ڄڻ سڀ ڪجهه ملي ويو آهي ڀلا ان کان وڌيڪ هڪ شاعر پنهنجي خوبصورت احساسن جي ترجمان ڪئين ٿو ڪري سگهي يا سندس ٻيو غزل
ڪري وٺ تون جيڪي ڪرين ڪارروايون
اسان پاڻ ڌوڃي کنيون دلربايون
هاڻي هتي ڌوڃي لفظ کي ڪهڙو نه خوبصورت نموني استعمال ڪيو ويو آهي، ڌوڃي لفظ جي معنيٰ آهي چونڊ ڪري کڻڻ، معنيٰ ته پنهنجي پسند جي شيءَ کڻڻ ۽ جڏهن ماڻهو محبوب کي چونڊي ٿو ته پوءِ سندس مرضي آهي ته هو ڪهڙا به ڪلور ڪري پر ان کي مهڻو نٿو ڏئي سگهجي ڇو ته جڏهن شيءَ جي چونڊ انسان پاڻ ڪري ٿو ته پوءِ ٻئي تي ميار ڏئي نٿي سگهجي. سندس هڪ ٻيو غزل
نيڻ جيڪي نشائي هيا
پاڻ لئه پارسائي هيا
ڪيڏو نه ڪمال جو خيال آهي، ضروري ناهي ته ڪنهن مڌ پيئندڙ جي اکين جي ڳالهه هجي پر شاعر جي سوچ اتان کان شروع ٿئي ٿي جتي عام ماڻهو جي سوچ اڳتي وڌڻ کان نابري واري ٿي، ڪنهن نشائي کي پارسائي جو درجو ڏيڻ هڪ عام ماڻهو جي وس جي ڳالهه نه آهي ۽ امر جهڙو خوبصورت شاعر ئي اهو تصور ڏئي سگهي ٿو، يا سندس هي غزل ته پڙهو
ڇاڇري کي ڇينٽ وانگر ڇوڪريءَ
ڍوليي لئه ڍاٽ تي ڌوتو پئي
يا
اڙي رات تارن ڀري
ننگر ڏي نگاهون ته کڻ
يا
تو کي ڪهڙي ڪل زمانا
جڳ ۾ ڪيئن جيئان ٿو آئون
جهڙا خوبصورت غزل هن ڪتاب جي اصل خوبصورتي آهن جن تي الائي ته ڇو نه ڳالهايو ويو ۽ غزلن جي خوبصورتي کي مروڙي ائين اڇليو ويو ڄڻ اهي ريڙهي تي پيل انهن ميون ۾ نه هلڻ جهڙا ميوا هجن جيڪي غريب ماڻهو به ٽڪي ڌڙي تي وٺڻ کان نابري واري ڇڏين، اهڙن خوبصورت غزلن تي نه ڳالهائڻ يقينن هڪ سوچ پيدا ڪري ٿي ته ائين ڇو ٿيو آهي يا سندس صادق فقير جي لاڏاڻي تي لکيل غزل ۾ هي احساس ته
رات ننگي سر نچندي نچندي
ناچو مُٺ ۾ نوٽ مري ويو
منهنجي خيال ۾ هن کان اڳ ۾ اهڙو خيال لکيو ئي ناهي ويو، يا سندس هي غزل جو بند
پوءِ يڪجا ٿيون يا ته وکري وڃون
پل گهڙي ئي سهي پاڻ ميڙي وٺان
يا
حياتي هاڻ ڇڏ کيٽا
پڇاڙيءَ پهر ۾ آهيون
يا
جهوڪ سڄي غمگين لڳي ٿي
لاڙ منجهان ڪو لڏيو آهي
لاڙ مان لڏڻ ۽ جهوڪ جو ان تي ڏکارو ٿيڻ هڪ دلين جو احساس آهي ۽ اهو احساس جو باهه ڪنهن پرائي گهر کي لڳي ۽ انسان محسوس ڪري ته اها ڀونگي منهنجي هئي جيڪا سڙي وئي ۽ ان ۾ رهندڙ ٻار جڏهن پاري هيٺ هوندا ته ڇا ٿيندو، اهو ئي احساس آهي جيڪو هڪ شاعر کي عام ماڻهو کان الڳ ڪري بيهاري ٿو ۽ ان جي ڪري ئي امر چوي ٿو ته
ڇورين وانگي ڇرڪو ڇو ٿا
شاعر آ، سئو پيرو ڪونهي
پاڻ کپائن ويٺا سڀئي
واندو ڪوبه وڏيرو ڪونهي
هن دور ۾ جڏهن سڀڪو پنهنجي خريد و فروخت ۾ لڳل آهي اتي هڪ شاعر ئي اهڙن مانائتن لفظن ۾ انهن کي وائکو ڪري ٿو جو اڳيون پڻ محسوس ئي نه ڪري سگهي ته هن چيو ڇا آهي، عزت ڏني يا اهڙو ڌڪ هڻي ويو جنهن جو سور سمهڻ کانپوءِ تارا تڪڻ وقت ٿيندو آهي، امر غزل ۾ اهڙو ته خوب نڀايو آهي جو سندس هر غزل وري وري پڙهڻ تي دل چوي ٿي، سندس هڪ ٻيو خوبصورت غزل
هو ڇيڪ ڇتن کي ڇوڙيندي
پوءِ ٻيڙو جڳ جو ٻوڙيندي
سميت خوبصورت غزل آهن جڏهن ته امر ساهڙ نظم جو به ڀلوڙ شاعر آهي ۽ سندس منهنجا گيت گهٽائون ٿيندا، ڪتاب جي نالي وارو نظم صحرا مون ۾ ساهه کڻي ٿو يا سنڌ ڇڏي ويندڙ شاعر جي نانءُ سميت ٻيا کوڙ اهڙا نظم آهن جيڪي امر کي نظم جي صنف جو به ڀلوڙ شاعر ڪري پيش ڪن ٿا ۽ امر اهو چئي سگهي ٿو ته هو نظم جو ايترو ئي ڀلوڙ شاعر آهي جيترو غزل جو آهي، سندس هڪ نظم ۾ هي ڇا ته سٽون آهن
سرمد جهڙي سنڌ سموري
ڳوٺ اڀيچند جهڙو تنهنجو
رڻ سان تنهنجو رشتو ناتو
صحرا تنهنجو سنگتي آهي
ماڃر تنهنجي ماتر ڀومي
ڀاءُ بديڻو ڀانئي توکي
لاڙ گلي سان لائي توکي
بڙ جو ڍورو ڀيڻي تنهنجو
يا
سندس ٻي نظم ٻيهر ڪوئي ٻار نه ڄڻجان جون هي سٽون
آئون هلان ٿو هاڻ هتان کان
وچن وٺان ٿو هڪڙو توکان
ٻيهر ڪوئي ٻار نه ڄڻجان
غربت جهڙي گار نه ڄڻجان
۽ پنهنجي نظم زماني جي ظرف کان ناواقف نوجوان ۾ واقعي ئي هو نوجوانن کي هڪ اهڙي راهه ڏسي ٿو جنهن تي جيڪي هو هلن ته ڪڏهن ڀي ٿڙي نٿا سگهن.
امر جي انهن سمورن نظمن مان سندس شاهڪار نظم ”وڻ سڀئي وانڍا ٿيا“ کي چئي سگهجي ٿو ، جنهن ۾ اهڙين ته اڻٿيڻين کي ٿيڻيون ٿيندي پيش ڪيو ويو آهي جو ماڻهو پڙهندي دنگ رهجي ٿو وڃي، سڀني وڻن جي اڻ ٿيڻي جي ڳالهه ڇا به خوبصورت انداز ۾ ڪيل آهي ۽ جڏهن هو هن نظم کي پورو ڪري ٿو ته هو چوي ٿو نمن جي نامردي کانپوءِ
کجين خودڪشي ڪري ڇڏي آهي
تمر جي وڻ طهر ڪرائي ڇڏي آهي
۽ وڻ سڀئي وانڍا ٿي ويا آهن
هن نظم ۾ صرف وڻن جي وارتا ناهي پر اصل ۾ انهن سڀني ڌرتي جي غدارن ۽ موقعي پرستن جي لاءِ به هڪ ڀونڊي برابر آهي جو اهي ڪيئن نه وقت تي ڳالهائڻ بدران خاموش رهن ٿا ۽ پوءِ اوچتو وڏيون روڙيون ڪري اهو ظاهر ڪن ٿا ته انهن کانسواءِ ڪو به ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين هڏ ڏوکي ناهي، ۽ هو اهڙن ماڻهن کي پنهنجن بيتن ۾ هينئن وائکو ڪري ٿو
سياسي پنڊت سنڌ جا، تنهنجو دين نه ايمان
هر ماڻهو حيران، لڄي تنهنجي لڇڻ ڪيو
يا
هاڻ نه رهيو هن ديس ۾، ڪو دولهه درياخان
آيل! هيءَ ارمان، ماري وجهندو مُٺي کي
يا
ڪنڊي هيٺان ڪونج، راتوڪي رهجي وئي
گهايل جنهن جي گونج، پڄي وئي پولار ۾

سندس وايون به ڪمال جو آهن سندس هڪ وائي
گوري گوري گوري وو
ڇير وڄائي ڇوري وو
شهر سڄي کي ساڙين ٿي
تون به ته ڪنهن کي تاڙين ٿي
چوري چوري چوري وو
ڇير وڄائي ڇوري وو
امر ساهڙ سنڌ جو ته شاعر آهي ئي آهي پر هو نئين ڪوٽ جو رکوال شاعر آهي ۽ اسان کي خوشي آهي ته هي خوبصورت شاعر پنهنجي ڏات سان نڀاءُ ڪندو اچي ۽ گرمين توڙي سردين ۾ پنهنجي قلم کي بند ڪري ڪنهن پيتي ۾ ناهي رکيو پر سندس قلم مسلسل هلندو رهي ٿو ۽ خوشي جي ڳالهه آهي ته سندس لکڻين ۾ اهو ٿڪ به ناهي جيڪو ڪڏهن ڪڏهن مختلف ليکڪن جي لکڻين ۽ شاعرن جي شاعري ۾ نظر ايندو آهي.
________

لنڪ/ ذريعو:
 
Back
Top