• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌسلامت تصويري مقابلو 2016 : قسط عِيدالفطر

ڇا سنڌسلامت تي ٻيا به اهڙا مقابلا ٿيڻ گهُرجن ؟

  • هرگز نه..!

    Votes: 0 0.0%

  • Total voters
    9

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
السلام عليڪم سنڌسلامت جا ساٿيو!
اميد ته خوش خُرم، ٺيڪ ٺاڪ ۽ پنهنجي زندگي جي بهارن ۾ هُوندا... :)

دوستو! عيدون (خُوشيون) سال ۾ ڪئين ڀيرا اينديون آهن ۽ انهن لا مخصوص مهينا مقرر ڪيل آهن. تازو هڪ ڏينهن اڳ رمضان المبارڪ جو مهينو ختم ٿيو ته شوال المعظم جو چنڊ ظاهر ٿيو ته توهان ۽ اسان (مسلمانن) عيد ملهائي، الله ڪري توهان ائين ئي بهارن ۾ هُجو ۽ عيدون ملهائيندا رهو.

دوستو! مطلب جي ڳالھ طرف ٿا هلون:
جيئن ته اڄڪلھ سمارٽ فونز جو دؤر آهي ۽ هرڪنهن وٽ سُٺي کان سُٺي ڪئمرا وارو سمارٽ فون موجود آهي ۽ ڪجهه ساٿين وٽ ته سُٺا ڪئمرا به هُوندا ”ڪينن“ ۽ ”نڪون“ ڪمپني جا جيئن محترم سليمان وساڻ جَن وٽ هڪ زبردست ڪئمرا آهي ۽ محترم گورڌن ولاسائي جِي ڪئمرا جِي ته ڇا ڳالھ ڪجي.. :)، سو ظاهر آ توهان به هِن عِيد تي پنهنجي موبائل يا ڊي.ايس.ايل.آر ڪئمرا سان خوبصورت تصويرون ورتيون هونديون.
ڪرڻو هيئن آهي عِيد جي 5 پنجين ڏينهن تائين هِن موضوع ۾ پنهنجي ڪئمرا ۾ ڇڪيل ڪي به هڪ کان پَنج تصويرون شيئر ڪريو ۽ اُن جي هيٺيان ڪيپشن به لکجؤ، عيد جي ڇهين ڏينهن اُنهن تصويرن مان هڪ تصوير کي سنڌسلامت جي بهترين تصوير ايوارڊ ۽ تصوير ڇِڪيندڙ کي بهترين ڦوٽوگرافر ايوارڊ به پڻ ڏنو ويندو (ياد رکو ته ايوارڊ ورچوئل هُوندا:)) ۽ ڦوٽوگرافر کان ڦوٽوگرافي مُتعلق ڪُجهه ٽِپس به ورتيون وينديون ۽ هڪ ننڍڙو انٽرويو به ورتو ويندو.. :) جيڪو سنڌسلامت ۾ رکيو ويندو.. :)
ته پو دير نه ڪريو ۽ اڄ ئي تصويرون موڪلي هِن مقابلي جو حِصو بڻجو.. ;)
 
بلکل تھیٹ گھرجن پر پروڈکٹو ھجن تہ وڈیک بھتر رھندو۔
ماشاءاللہ سندھ سلامت ویب سائیٹ ذریعی سندھی زبان لاء تمام بھترین کم پیو تھئی۔
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
شروعات ٿا ڪريون... مُون ڪُجھ تصويرون ڇِڪيون، جيڪي شيئر ڪريان پيو.

28078040351_b30140fdaa_k.jpg

”ڪاش اسان جي به عيد هُجي ها“ عيد ڏهاڙي به هِن کي اُداسي..

27540603904_5d1bcc79e9_k.jpg

ٻه ڏينهن اڳ عيد ڏهاڙي رات جو ساڍين 10 بجي به هيتري رَش هُئي...

28122048856_3c886ac979_k.jpg

مسجد اُها پناھ گاه آهي جِتي پناھ وٺندڙ کي ڪير روڪي نه ٿو سگهي ... شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي مزار ڀرسان مسجد ۾ رات جي وقت ماڻهون ٿڌڪار جو مزو وٺي رهيا هُئا.
 
يار تڪڙ نه ڪجو ... دوست ٻاهر ويل آهن ۽ نيٽ ۽ ڪمپيوٽر کان پري آهن.

جڏهن اهي واپس ورندا ته تصويرون به ڏيندا.
 
منهنجي موبائل گيلريءَ مان: عيد ته ٻارن جي...


اسان جي پاڙيوارن جي ننڍڙي علينا


فروا ۽ انمول عيد ملندي


ڪراچيءَ جي سفاري پارڪ تي هڪ ٻالڪ خچر تي سير ڪندي
 
سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ دبئي ۾ رهندڙ دوست عمر فاروق مهر هي تصويرون موڪليون آهن:

27zammb.jpg

عمر فاروق مهر دبئي ڊزرٽ سفاري وٽ

2eweh6o.jpg

شيخ زيد روڊ فنانشل سينٽر ميٽرو اسٽيشن دبئي

e7zedg.jpg

ديرا سٽي سينٽر سگنل دبئي

35k4ivt.jpg

شيخ زيد روڊ ميٽرو اسٽيشن دوبئي

legxg.jpg

الرفا مسجد المنخول دوبئي​
 
غازي حسين حيدري پاران موڪليل تصويرون

ٿرپارڪر جي هڪ ڳوٺ جو نظارو
27603180773_095a00096a_o.jpg



ٿرپارڪر ويندي رستي تي نڪتل تصوير
EQTGVC.jpg



مٺي جي روڊ تي نڪتل تصوير
27602766274_6ebb26237d_o.jpg


I59mOe.jpg



ٿرپارڪر ۾ لوڻ جي کاڻ
28218512885_87fbf8ce4c_o.jpg



ٿرپارڪر جي هڪ ڳوٺ جو پيارو نظارو
27603194663_4c93e9dc65_o.jpg



ٿرپارڪر جي بليڪ اينڊ وائيٽ زندگي ۾ رنگن جا خواب ڏسندڙ ٻارڙا
27603186313_d1dba12967_o.jpg
 
غازي حسين حيدري پاران موڪليل تصويرون

ٿرپارڪر جي هڪ ڳوٺ جو نظارو
27603180773_095a00096a_o.jpg



ٿرپارڪر ويندي رستي تي نڪتل تصوير
EQTGVC.jpg



مٺي جي روڊ تي نڪتل تصوير
27602766274_6ebb26237d_o.jpg


I59mOe.jpg



ٿرپارڪر ۾ لوڻ جي کاڻ
28218512885_87fbf8ce4c_o.jpg



ٿرپارڪر جي هڪ ڳوٺ جو پيارو نظارو
27603194663_4c93e9dc65_o.jpg



ٿرپارڪر جي بليڪ اينڊ وائيٽ زندگي ۾ رنگن جا خواب ڏسندڙ ٻارڙا
27603186313_d1dba12967_o.jpg
مهرباني ادا
 
تمام گهڻيون مهربانيون پيارن دوستن جون.. ادا سليمان وساڻ توهان جي چوڻ تي هِن ۾ هڪ هفتي جي واڌ ڪئي وئي آهي، هاڻ عيد جي 15 ڏينهن تائين دوست تصويرون موڪلين ته پوءِ مقابلي جي کٽيندڙن جو اعلان ڪنداسين..
 
Back
Top