رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
سو ڏينهن ايندو ۽ عيد ٿيندي ......
؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛
سو ڏينهن ايندو ۽ عيد ٿيندي آجپو ۽ آسيس هوندي
ساه سرها گلاب چهرا ملڻ جي سڀ کي ريس هوندي
ڪو نه بک جوڪو ويلو هوندو آسودو سڀ ڪو ساه هوندو
نه غير هوندو نه پاپ ٿيندو حب هميشه پو هيث هوندي
پنهنجا هوندا پراوا ويندا وطن ۾ ويري هڪ نه هوندو
سک سڄو هي ديس هوندو خباثتون نه خبيث هوندي
مست بر ٿر مينهوڳي هوندي جوان جيءَ جرڪي پوندا
نه مرندو ڪو ئي مظلوم ٿي هت نه ئي چال ابليس هوندي
نه خون ڪوئي کاهوڙي ٿيندو جوڌا جوانيون ساب هونديون
نه ماءُ روئندي نه ڀيڻ جهڄندي نه ويڻ ورجائي ويس هوندي
لبستم دائودپوٽه