هن عظيم جبل (ڪيلاش جبل ) جي موجوده پاڻي جي ذخيري مان ايشيا جا چار عظيم درياه نڪرن ٿا، سنڌو ندي پاڪستان جو رخ ڪري ٿي، ستلج ڏکڻ اولهه ۾ ڪشمير ڏانهن وڃي ٿي،ڪرنالي ندي ڏکڻ اوڀر ۾ گنگا جو رخ ڪري ٿي، ۽ برهمپرا اوڀر ۾ بنگلاديش ڏانهن وڃي ٿي، جتان اهي چار نديون نڪرن ٿيون، اتي چئن عقيدن جا ماڻهو به ياترا لاء اچن جا خواب ڏسن ٿا، بون، ٻڌمت، جين ڌرم ۽ هندومت وارا هن جبل جي پوڄا ڪن ٿا، ۽ اها ڏکڻ ايشيا جي سڀ کان قديم روايت آهي، تبت جا ماڻهو ان جبل کي ”ڪانگري رنپوچي“ يعني امله برف جو جبل ڪوٺين ٿا، بون لکتن ۾ ان جا ڪيترائي نالا آهن، ” پاڻي جو گل“، ”سامونڊي پاڻي جو جبل“ ۽ ”نو ڪنڊن واري سواستيڪا وارو جبل“ هندو مت وارن لاء اهو جبل ”شو“ جو گهر آهي، ۽ شولنگم جهڙو آهي، جين مت وارن لاء هي جبل اهو هنڌ آهي جتي سندن ڌرم جي باني نرواڻ حاصل ڪيو هو، ٻڌمت وارن لاء اهو ڪائنات جو دن آهي، ۽ بون مت وارن لاء اهو آسماني ديوي سيپائمين جو آستان آهي، يورپي ماڻهن جڏهن ان جبل بابت مختلف ڏندڪٿائون ٻڌيون ۽ هتي اچي ڏٺو ته هنن چيو اهو ئي ” باغ عدن“ آهي ۽ ”ڪوه ارارات“ آهي جديد چينين ۽ اوله جي ماڻهن لاء هي اهڙو علائقو آهي جنهن بابت اڃا تحقيقي ٿيڻي آهي ته دنيا جي عظيم تهذيبن جو سرجڻهار هي جبل پنهنجي اندر ۾ ڪهرا اسرار رکي ٿو، ايلائيس البينيا۔ ڪتاب_ ”سنڌ جون سلطنتون“ Daasn Jo Daas