• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

موبائل جا نقصان ۽ ان کان بچڻ‌جا طريقا۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
موبائل جتي فاصلا گهٽائي دنيا جي ماڻهن کي پاڻ ڳنڍي ڇڏيو آهي، ۽ وقت جي بچت جو سٺو ذريعو آهي، ان سان گڏ موبائل جا ڪيترا ئي نقصانات پڻ آهن، جن کان احتياط جي ذريعي بچاءُ ڪري سگهجي ٿو۔۔ موبائل ۽ ان جا سگنل اليڪٽرو ميگنيٽڪ آهن يعني اهي ريڊيئيشن جي ننڍي سطح‌واري خطري ۾ اچن ٿا، انهن سگنلن جي موجودگي حياتيات لاءِ‌نقصان ڪار آهي۔۔۔
انهيءَ‌کان بچڻ لاءِ موبائل جو استعمال بلاوجه ڪرڻ کان گريز ڪيو۔
8 سالن يا ان کان ننڍي عمر جي ٻارن جو دماغ ڪمزور ٿئي ٿو ۽ ان جي لاءِ حد کان وڌيڪ اهي سگنل نقصان ڪار ٿي سگهن ٿا۔ انهيءَ‌ڪري ننڍي ٻارن کي موبائل کان دور رکجي۔
رات جو ويهاڻي جي هيٺان موبائل رکي ننڊ ڪرڻ سان اوهان جي دماغ کي موبائل نقصان پهچائي سگهي ٿو، ان کان پاسو ڪريو۔ موبائل کي ٿورو پرڀرو رکي ننڊ ڪندا ڪيو۔
موبائل کي اڳئين کيسي ۾ رکڻ سان نقصانات وڌيڪ ٿين ٿا ۽ دل جي دوري جو خطرو به وڌي سگهي ٿو۔ خاص ڪري وائبريشن واري موڊ ۾۔۔
انهي ڪري وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪري موبائل کي اڳئين کيسي ۾ نه رکندا ڪيو۔
 
جواب: موبائل جا نقصان ۽ ان کان بچڻ‌جا طريقا۔۔

ادا تمام بهترين ڄاڻ ڏني توهان مهرباني ڀا
 
جواب: موبائل جا نقصان ۽ ان کان بچڻ‌جا طريقا۔۔

اسلام عليڪم اڳئي کيسي مان ياد آيو ته هڪ ميمڻ نما ز پڙهڻ وقت جُتي لاهي اڳيون رکي تنهن تي ٻين همراه چيس ائين ڪرڻ سان نما ز نه ٿيندي آهي ميمڻ چيو پويون رکڻ سان جتي ناهي هوندي۔ پوء هاڻ ادا سائين ڇا ڪرڻ گهرجي
 
جواب: موبائل جا نقصان ۽ ان کان بچڻ‌جا طريقا۔۔

ادا بهترين معلومات ڏيڻ لاء توهان جي مهرباني۔
 
جواب: موبائل جا نقصان ۽ ان کان بچڻ‌جا طريقا۔۔

دوستن جي رايي ڏيڻ جي مهرباني
 
Back
Top