حالتن جي چڪيء ۾ پيڙهجندڙ خواهشون! شفيق الرحمان شاڪر ملڪي پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا جون سرموڙ خبرون ڏسو يا مختلف ادارن طرفان ڪرايل سروي رپورٽن جي روشنيء ۾ وقت جي حڪمرانن جون دعوائون ٻڌو ته ملڪ ۾ هر طرف خوشحالي ئي خوشحالي آهي.قوم تيزيء سان ترقيء جون منزلون طيء ڪري رهي آهي،ماڻهو خيرات کڻي محتاجن کي ڳولهيندا وتن پر ڪو خيرات وٺڻ وارو نٿو ملي.ماڻهن کي معاشي طور ايترو ڪجھ ميسر ٿي ويو آهي جو انهن جون ست پيڙهيون سڪون جي زندگي بسر ڪري سگھن ٿيون.ڇا واقعي اهو آهي اسان جي ملڪ جوخوشحال معاشرو جنهن جي حسين تصوير دنيا کي ڏيکاري پيئي وڃي؟جيڪر ايئن آهي ته پوء هيء ڪهڙي سماج جي تصوير آهي جتي سرڪاري طور تي اهو تسليم ڪيو ويو آهي ته ملڪ جي اٽڪل ويهه ڪروڙ آباديء مان اٺ ڪروڙ ماڻهو اهي آهن جن جي زندگين ۾ محرومين ڀريل ننڍپڻ، ذميدارين جي بار هيٺان دٻيل جواني،آهن سان ڀريل ٻڍاپي ۽ اذيت ڀريل موت کان سواء ٻيو ڪجھ به ناهي.جيڪر سرڪاري انگ اکر اهڙن اٺ ڪروڙ زندگين جي المناڪ ڪهاڻين جي تصديق ڪن ٿا ته غيرسرڪاري طرح اهو انگ ڪيترو ڳڻتيء جوڳو هوندو،ان جو اندازو اوهان پاڻ لڳائي سگھو ٿا.پاڪستان ۾ باقي ڪير امير هوندا؟ اهو راز به ڪنهن کان لڪيل ناهي رهيو. اهي جيڪي ٻه نمبري ڪم ڪن ٿا،وڏيرا،جاگيردار،سرمائيدار،ڪرپشن جي گند ۾ ٽٻيون هڻندڙ وزير،مشير،ڪامورا ۽ سندن دوست توڙي رشتيدار!باقي خلق خدا هر ايندڙ ڏينهن تي وڌيڪ محتاج،لاچار ۽ مجبور بڻجندي ٿي وڃي.مهانگائي ۽ بدعنوانيء جي مصيبت سبب ٻن وقتن جي مانيء کان به محروم ٿيندي ٿي وڃي. هڪ اهڙو سماج جتي غربت جو راڪاس اسان جي ٻارن جي ننڍپڻ جون خوشيون به ڳهيو وڃي ته سندن جوانيء جون مستيون به،هوش سنڀاليندي ئي گھر سنڀالڻ جي ڳڻتي وڪوڙيو وڃي.ننڍپڻ اڃا جوانيء ۾ سمائجي ئي نٿو ته هيڪاندين ذميدارين جو بار اچي مٿانئن ڪري ٿو، پنهن جي لاء ۽ پنهن جي گھر وارن لاء ڪمائڻ جو بار! نوجوانيء جا ڏينهن جيڪي زندگيء جا بهترين ڏينهن شمار ڪيا ويندا آهن،کلڻ ۽ کلائڻ جا ڏينهن،ٽپڻ ۽کيڏڻ جا ڏينهن،گھمڻ ڦرڻ ۽ مستين جا ڏينهن پر اهي ڏينهن اهڙي ته بيدرديء سان حالتن جي سختيء هيٺ چپجي وڃن ٿا جو جواني جي سرحد ۾ داخل ٿيڻ کان پهرين ئي چيلهون چٻيون ٿيو وڃن. خواب مريو وڃن ۽ خواهشون دم ٽوڙيو ڇڏين.هر ڏينهن ايندڙ ڏينهن جي خوفناڪيء جي ڳڻتيء ۾ ڪٽجي ٿو پوء جوانيء ۾ ئي ٻڍاپو نازل ٿيڻ لڳي ٿو.ذميداريون سنڀاليندي سنڀاليندي، شاديء جي عمر به هٿن مان نڪريو وڃي،صرف ڇوڪرن نه پر ڇوڪرين جي به ذري گھٽ اها ئي ڪهاڻي آهي جن جا چهرا بنان ٽڙڻ جي وقت کان اڳ ڪومائجي وڃن ٿا،دل جا سمورا ارمان خاڪ بڻجي وڃن ٿا،وارن ۾ چاندي لهڻ لڳي ٿي ۽ شاديء کان پهرين ئي زندگي جوانيء جي حد پار ڪيو وٺي.ڇاجي خوشي، ڇاجو غم،ڪهڙي خزان ۽ ڪهڙي بهار،ڪهڙو سمان ۽ ڪهڙو منظر؟اسان جي نسل جي من ۾ سدائين ساڳي موسم ڇانيل رهي ٿي،ڳڻتين جي موسم! هڪڙوئي منظر آهي،پريشانين،حسرتن ۽ نااميدين جو منظر! شادي جو موقعو هجي يا عيد يا ڪو ٻيو تهوار، گهر جو مالي نظام سدائين درهم برهم ٿيو وڃي،بجيٽ ۾ خسارو ئي خسارو پيدا ٿيو پوي.ڪو بيمار ٿي پوي ته سالن جا سال قرض لاهڻ ۾ لڳن ٿا.اسان جي زندگين ۽ خوشحال معاشرن جي زندگين ۾ ڪيڏو فرق آهي. اهي معاشرا جتي هر ايندڙ ڏينهن تي خوشين جا مختلف تهوار ملهايا ويندا آهن.جيڪي خوشيون ملهائڻ جا بهانا ڳولهيندا آهن.ڪٿي هڪٻئي کي ٽماٽا هڻڻ جو تهوار ته ڪٿي نقلي تلوارن سان جنگ ته ڪٿي پاڻيء جي بندوقن سان لڙائي.ڪٿي برف جي ڳنڍن جي برسات،ڪٿي هٿرادو بلائن سان مقابلو،ڪٿي شهزادن ۽ پرين جا قافلا،ڪٿي چوڏهين جي چنڊ جو استقبال، ڪٿي آتشبازيء سان رنگين آسمان جو نظارو،هر سال سوين تهوار جن ۾ لکن ڪروڙن ماڻهن جي شرڪت،غريب ۽ امير جي فرق کان آزاد،مانيء جي فڪر کان آجا احساس،پوري دل ۽ جان سان خوشيون ملهائيندي،انهن جي حالت اسن کان ڪيتري نه مختلف آهي! اسان جي بدحالي ڪيتري نه قابل رحم ۽ انهن جي خوشحالي ڪيتري نه قابل رشڪ آهي.ڪهڙا نه تندرست ۽ توانا ماڻهو، ڊگھا قد،ويڪريون ڇاتيون،صحتمند ۽ چمڪندڙ منهن،ڊگھي عمر ۽ اسان وٽ؟ پيدائش کان پهرين ئي ماء ۽ ٻار ٻئي کاڌي جي کوٽ جو شڪار،هر هزار ٻارن مان 66 ٻار ٻن سالن جي عمر کي پهچڻ کان پهرين موت جي منهن ۾ هليا وڃن ٿا.جيڪي بچي وڃن ٿا اهي به ڪيتري عرصي تائين بيمارين سان وڙهندا رهن ٿا.نه سندن جسماني واڌ ويجھ صحيح نموني ٿئي ٿي نه ئي ذهني. طبي سهوليتن جو اهو حال جو 1600 ماڻهن لاء اسپتال جو صرف هڪڙو بيڊ آهي. سراسري طبعي عمر جي لحاظ کان پاڪستان دنيا ۾ 148 نمبر تي آهي،رڳو جنگ ۾ ورتل ۽ آفريڪا جا ڏڪار سٽيل ملڪ ئي اسان کان پوئتي آهن. ستر سالن ۾ ڪيتريون ئي حڪومتون بدليون،اقتدار جي راند ۾ ڪيترائي کيڏاڙي فرش کان عرش تائين پهچي ويا،ڪک پتي لک پتي ۽ لک پتي ارب پتي بڻجي ويا پر اقتداري ايوانن کان ٻاهر موجود عوام جي زندگي ڪيتري بدلي، اهو سڀني جي سامهون آهي.دعوائون آهن جيڪي کٽڻ جو نالو ئي نٿيون وٺن،نعرا آهن جن جي گونج ئي ختم نٿي ٿئي،ٻئي طرف حالتن جي چڪي آهي جيڪا عوام کي چيريندي، پيڙهيندي ۽ نپوڙيندي ٿي رهي ۽ شايد آئنده به اهو سلسلو ايئن ئي جاري رهي!