عبداستار ايڌي تاريخ ۾ زنده رهندو /هن سماج کي پنهنجي صحت مند سرگرمي ذريعي هڪ وڏو ادارو ڏئي انسانيت جو مان مٿاهو ڪري ويو_ 90 جي ڏهاڪي ۾ واحد ايم پي اي مير مرتضا ڀٽو هو جنهن پنهنجي پگهار ايڌي ٽرسٽ حوالي ڪئي_ اهو اڄ جو وڏو سوال آهي ته 6ڪروڙ سنڌين ۾ سماجي خدمت جي واسطي گهڻا ادارا ٽاهي سگهيا آهيون ؟ جاگيرن جا مالڪ ، ارب پتي يا کرب پتي مير پير ڀوتار ڇا پاڻ سان اها ملڪيت قبر ۾ کڻي ويندا ؟ ايڌي هڪ مثال پيدا ڪري جسماني طور اسان کان ڌار ٿي ويو آهي پر اداري طور اسان سان هو گڏ آهي
بلڪل صحيح چيو اوهان عبداستار ايڌي ته ڪيرڪو نه ٿي سگهندو پر ڪو ماڻھو چاهي ته انسان ٿي سگهي ٿو..سماجي رابطن جي هن دنيا کان پوء ڪجھ ماڻهن ۾ اھو جوش جاڳي رهيو آھي..اسان سنڌين کي هن سنڌي مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي..
سلام آهي ايڌي کي. هڪ انسان پنهنجو واري وڄائي ويو. اسان کي به گهرجي ته پنهنجي پنهنجي حصي جو فلاحي ڪم ڪريون. انسانيت کي هٿان نه ڇڏيون.