• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

غزل ...اندر جي ٺار جهڙي تون ....

اندر جي ٺار جهڙي تون مٺي منٺار جهڙي تون
؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛
اندر جي ٺار جهڙي تون مٺي منٺار جهڙي تون
ڏسي توکي لهن ڏکڙا سڪ ۾ سار جهڙي تون
نه ڪو جڳ ۾آ تو جهڙو اوهان جو ڏيل آ اهڙو
سدان مرڪن ۾ ماريو ٿا پرين بس پيار جهڙي تون
ڏسي توکي سڪون دل ٿي راحت روح کي آهي
سدائين خوش هجو سائين ماکي آر جهڙي تون
قربن جون ڪچهريون هي هجن هردم هميشه لئه
ملو مرڪي سڪ سرڪي وهندڙ نار جهڙي تون
ڪيان ڪيئن دل کي مان قابو وڃي ٿي هي هٿن مان بس
نظرن نينهن ۾ ناري آهين اسرار جهڙي تون

لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top