سنڌي ۽ ان جي جديد استعمال لاءِ ڪجه گذارشون ____________________________ اسان جي سنڌي ٻولي ڪجه قدر پنهنجي پيرن تي بيهڻ جهڙي ٿي وئي آ لکڻ ۾ هي جديد شيپ ۽ گهرج مطابق پاڻ کي مرتب ڪندي انٽرنيت تي ڪمپيوٽر تي لکڻ جهڙي صورت ۾ خوشين ۾ واڌارو آ پر اڃا ٻيا معرڪا ۽ قدم اڃا اڳتي هلڻا آهن هي خالص پنهنجي مدد پاڻ واري سوچ ۽ لوچ جو ڪم آ جنهن ۾ سرڪاري مشينري يا اداري ڪک جو ڪم نه ڪيو آ هي دوستن سنڌجي هڏڏوکن جي محنت جو نتيجو آ جي هي نڀاڳي سرڪار ڪجه سهائتا ڪري ڪجه قدم اڳتي اچي ۽ جيڪو سنڌ جي حڪومت جو فرض به ٿئي ٿو ته پو هي جيڪي ويچارا اٻاڻڪا ويٺا آهن سنڌي ٿي سنڌي نه لکڻ جي مصيبت ۾ آهن تن کي به شايد موقعو ملي وڃي سهولت ملي وڃي جي سنڌي بلٽ ان جي صورت ۾ هر موبائل ۾ هجي هر ڪمپيوٽر ۾ هجي ٽيبليٽ ۾ هجي جيڪا هي صحولت اهي ٺاهڻ وارن جي فيڪٽرين ۾ هي ڳاله رکجي ۽ تدارڪ ڪجي ...... سنڌي لکڻ سان انهن جي پو سنڌي پڪي به ٿيندي مشقون ڪرڻ سان پرڪيٽس ڪرڻ سان هڪ صلاح ۽ اميد ڪندڙ سنڌ جو شعور
تمام گهڻي خوشيءَ جي ڳالھ آهي جو اسان جي زبان سرڪاري سرپرستيءَ نہ هوندي بہ پنهنجي پيرن تي بيهڻ جهڙي ٿي ويئي آهي ،سنڌ جا سچا سپوت ۽ جاکوڙي ڪردار جس لهڻن جن هن خودپرستيءَ جي دور ۾ پنهنجي وس آهر پاڻ پتوڙي پنهنجي مٺڙي ٻوليءَ کي دنيا جي سگهارين ٻولين جي صف ۾ آڻڻ ۾ وسان نہ گهٽايو آهي. باقي رهيو ويچارن ۽ اٻاڻڪن جو سوال ....جن کي اوهين ويچارو پيا سمجهو اهي پاڻ بي حس ۽ بي ذوق آهن . ورنہ هن وقت بہ جيڪا سهوليت ميسر آهي سا گهٽ تہ ناهي .اهي بهاني باز ڪامپليڪس جو شڪار ٿا لڳن . اينڊرائيڊ فون وٺڻ ايتري مهانگي رهي آهي ۽ نہ وري ايپليڪيشن ڪا ڏکي آهي . بهانا وري ڪهڙا تہ انگلش ڪيبورڊ تي هٿ هريل آهن رومن سولي ٿي لڳي ...ڪي تہ هيئن بہ چوندي ٻڌا ويا آهن تہ زماني سان گڏ هلڻو آهي ،سنڌي لکت کي ٻيا ڪو نہ ٿا سمجهن وغيره وغيره . هڪ مشهور نقاد کي اردو تختي ۾ سنڌي لکڻ تي ڏاڍيون منٿون ڪيم تہ سائين سنڌي لکڻيون سنڌي اکرن کانسواءِ ٻي صورتخطي ۾ اها چَسَ نہ ٿيون ڏين پرهمراھ ٽَس کان مس نہ ٿيو... ٻڌايو ڀلا هاڻي ڇا ڪجي . ڪيبورڊ ٺاهڻ وارن کي ڪهڙي پئي آهي جو بي نفعي وارين شين تي پنهنجو وقت وڃائين . جيسيتائين اسان سڀ سنڌي انکي پروموٽ نہ ڪنداسين ۽ ڪمپنين کي مجبور نہ ڪنداسين تيسيتائين ٻٻرن کان ٻير ڪونہ ملندا . الله پاڪ ساڃھ ڏيندن.....
اڪثر دوست ته اردو ۾ سنڌي لکندا، پر ٿوري جاکوڙ ڪن ته 2 ڏينهن لڳندا ۽ سنڌي لکڻ تي هري ويندا. پر الائي ڇودوست سستيءَ جو شڪار آهن.
سائين سجاد چنه صاحب ۽ نهايت محترم شاه محمدود سڌايو صاحب ...جي بلڪل اوهان سچ چيو ۽ مهنجي دل جي ڳاله ڪئي هي بيڪار رخن ڏانهن ڊوڙون پائيندڙ بي عقل اسان جا دوست شوق ئي نه ٿا رکن ۽ انهن کي هن ٻولي سانڍڻ جو ۽ ٻولي لکڻ جو چاه ئي شايد نه آهي جو اڃا تائين وري به هي رومن سنڌي يا رومن اڙدو ۾ پيا لکندا هڪ جاهليت جهڙي سوچ سان اڄ جي اهير ٿورو به توهان چواڻي محنت ڪن ته شايد اسان کان به انهن جي لکڻي جي رواني وڌي وڃي ...سو الله هنن کي سنڌ جي سانڃاه ڏيندو ۽ اسان جي ٻولي لکن ،ڪروڙن ۾ لکجڻ شروع ٿيندين .....ساٿ سلامت سنڌ سلامت