عاشق سولنگي
سينيئر رڪن
مسعود منور
هر ٽاري تي ڪاريون ڳجھون
مرده کائڻ واريون ڳجھون
راڻي خان جون ساليون ڳجھون
بش ڀولي جون پاليون ڳجھون
......
قوم جو مردو کوٽن پيون
سڪل هڏيون چونڊن پيون
ديس اهڙي جون پاڙون پٽي
يورو، ڊالر ڳولهن پيون
....
تسبيون، پڳون، ڏاڙهيون پائي
نانگن جون پٽاريون پائي
موت جي ميلي ۾ آيون
ڪاريون ڳجھون، ساڙيون پائي
......
اجڙيل مسجد جا لوٽا
عقل جا انڌا، من جا کوٽا
جينز پرائي، پائي قصائي
مارين ديس جي لاش کي سوٽا
.......
جهڙا، تهڙا نعرا هڻن
ڌيري ڌيري ٽپا ڳائن
موت پوي انهن سمورن کي
جيڪي قوم کي وڪڻي کائن
........
هر ٽاري تي ڪاريون ڳجھون
مرده کائڻ واريون ڳجھون
راڻي خان جون ساليون ڳجھون
بش ڀولي جون پاليون ڳجھون
......
قوم جو مردو کوٽن پيون
سڪل هڏيون چونڊن پيون
ديس اهڙي جون پاڙون پٽي
يورو، ڊالر ڳولهن پيون
....
تسبيون، پڳون، ڏاڙهيون پائي
نانگن جون پٽاريون پائي
موت جي ميلي ۾ آيون
ڪاريون ڳجھون، ساڙيون پائي
......
اجڙيل مسجد جا لوٽا
عقل جا انڌا، من جا کوٽا
جينز پرائي، پائي قصائي
مارين ديس جي لاش کي سوٽا
.......
جهڙا، تهڙا نعرا هڻن
ڌيري ڌيري ٽپا ڳائن
موت پوي انهن سمورن کي
جيڪي قوم کي وڪڻي کائن
........