هزارون ســـال نرگــس، اپني بي نوري په روتي هي،بڙي مشڪل سي هوتا هي، چمن ۾ ديده ور پيدا ايڌي صاحب جي شخــــــــــــــــــــــصيت هڪ تاثر. ايڌي جهــــڙو انســـــــــــان،آ صــــــــــدين جي ســـــــــــــــامان وگهيه اهوئي آ انــــسان، جنهن نبـــــــــــــيريو ڏک، هن ڏيهه مان عبدالستار ايڌي صاحب ڪير هو؟ جناب عبدالستار ايڌي 1928ع ۾ جهونا ڳڙهه جي ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو. ، ان وقت انگريزن جي حڪومت هئي. ان کان اڳ گجرات جا اڪثر علائقا سنڌ جو حصو هئااتي مختلف لهجن ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائي ويندي هئي ۽ اڄ ڏينهن تائين ڳالهائي وڃي ٿي. ائين جيئن اڄ ڏينهن تائين سنڌ جي ڪافي علائقن ۾ مختلف لهجن ۾ سنڌي ڳالهائي وڃي ٿي. ايڌي صاحب جو خاندان پاڪستان ٺهڻ وقت سنڌ جي گاديء واري هنڌ ڪراچي کارا در ۾ لڏي آيو،۽ هت هي ميمڻن ۾ ڳڻجڻ لڳو،ايڌي صاحب جهڙو پاڻ سهڻو هو اهڙي ريت پاڻ سنڌي به سهڻي نموني ڳالهائيندو هو، اڄ دنيا جي تاريخ ۾ سڀ کان گهڻا يتيم ٻار وري يتيم ٿئي ويا سندن وارس سندن ابو امان عبدالستار ايدهي وفات ڪري ويوايڌي هڪ فرد جو نالو نه آهي پر ايڌي هڪ اداري جو نالو آهي،ايڌي جهڙيون عظيم شخصيتون صدين کان پوء ئي پيدا ٿينديون آهن، مان جڏهن اڃان 13،14 سال جو مس هئس ته ايڌي صاحب جو مون نالو ٻڌو هو،اهو به مون دادو ۾گل حسن چانڊيو جي بوتلن واري پيتي مٿان هڪ اسٽيڪر ڏٺو هو، جنهن ۾ ايڌي ۽ سندس گهرواري جي تصوير ڇپيل هئي،نالي سان گڏ. مگر ان وقت ۾ ٻار هجڻ جي ڪري اهيا خبر نه هئي ته ڪو ايڌي ايڏي وڏي شخصيت آهي، جيڪو فقير صفت هوندي بادشاهن کان به وڌيڪ عزت مان مرتبو، ۽ عزاز رکي ٿو، ۽ ماڻي چڪو آهي،ايڌي صاحب هميشه يتيمن، بيواهن، لاوارسن جي لاء ئي ڪمايو، ۽ هن ڪڏهن به پنهنجي ذات لاء ڪو نه ڪمايو، ڪروڙن جي فنڊ هوندي پنهنجي زندگي فقيرن واري گذاري،۽ اهيا به حقيقت آهي ته هُن جيڪو ڪمايو، اُهو الله جي گهر، مدرسي، مهمانن تي خرچ ڪرڻ سان گڏ، ضرورتمند مسڪينن، بيواهن ۽ يتيمن جي مدد ڪرڻ ۾ به لڳايائين. ڪيترن غريب نياڻين کي ڏاج وغيره ڏئي شاديون ڪرايائيندنيا جي عظيم خدمتگار ڪڏهن ڪنهن جي به آڻ نه مڃي چاهي اُهي پاڪستان جون ايجنسيون هُجن يا لساني ۽ مذهبي گروه۔ پر اڄ موت کان بازي هارائي ويو۔ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ ڌرتي انسانن کان خالي ٿي رهي آهي۔ پاڪستان ۾ فلاح جو بنياد وجهندڙ هي عظيم هستي آهي، جنهن جي نقش قدم تي ٻيا ڪيترائي انسان دوست ڪم ڪري رهيا آهن،الحمدالله مون کي به ايڌي صاحب جي جنازي ۾ شرڪت جو شرف حاصل ٿئي ويو جنهن لاء مان رب جو شڪرگذار آهيانايڌي صاحب سواء ڪنهن مذهب، فرقي، مسلڪ، رنگ، نسل، قوم ، زبان جي فرق جي انسانيت جي خدمت ڪئي آهي، مولانه رومي صاحب فرمايو آهي ته مـــــــذهب نه تســــــــبيح جي داڻن ۾ آ، نه مصـــــــلي ۾ آ،مذهب صـــرف ماڻهن جي خـــــــــــدمت ڪرڻ جو نالو آهي.! (مولانا رومــــــــــــــــــــي) ۽ رومي صاحب جي هن قول تي ايڌي صاحب عمل ڪري ڏيکاريو ايــــــــــڌي صـــــــــاحب جــــــــون خدمتـــــــــون ۽ سندس ادارو قوم جو مسيحا بي سهارن کي سهارو ڏيڻ وارو غريبن جو مددگار يتيمن جو ڪفالت ڪار ڏکايل انسانن جو غمخوار مشهور سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالستار ايڌي جون سماجي خدمتون لازوال آهن. هڪ گهر کان خدمت جو سفر شروع ڪندڙ ايڌي کي اڄ دنيا ۾ اهو اعزاز حاصل آهي ان جو فلاحي ادارو دنيا جي سڀ کان وڏي فلاحي ايمبولنس سروس هلائي رهيو آهي بدن تي ٻه جوڙا ۽ 20 سال پراڻو جوتو پائيندڙ عبدالستار ايڌي جون فلاحي حدمتون ناقابل فراموش آهن جنهن حوالي سان خصوصي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ايڌي فائونڊيشن انساني فلاح بهبود جو اهڙو ادارو آهي جنهن جي بنياد 1951 ۾ عبدالستار ايڌي وڌي ۽ هي فائونڊيشن گذريل 63 سالن کان فلاحي ڪمن ۾ مصروف عمل آهي. انساني خدمتن جي جذبي سان سرشار عبدالستار ايڌي هڪ ڪمري ۾ ايڌي فائونڊيشن جي بنياد وڌي جيڪا اڄ پاڪستان جي تمام ننڍن وڏن شهرن ڪنڊ ڪڙڇ ۽ ڳوٺن ۾ ماڻهن کي بنا موڪل جي خدمتون فراهم ڪري رهي آهي جڏهن ته صرف ڪراچي ۾ ايڌي فائونديشن جا 8 اسپتال ڪم ڪري رهيا آهن. ۽ گهرن کان نڪرندڙ ٻارڙا نفسياتي مريض بي سهارا عورتن جي لاءِ پنهنجي گهر جي نالي سان 15 شيلٽر هوم قائم ڪيا آهن ايڌي ايمبولنس سروس 1952 ۾ هڪ سيڪنڊهينڊ پڪ اپ کي خريد ڪري ايمبولنس ۾ تبديل ڪيو ويو هي ايڌي فائونڊيشن جي پهرين ايمبولنس هئي جنهن تي غريب مريضن کي ايمبولنس جو نالو ڏنو ويو اڄ 62 سالن کان پوءِ ايڌي ايمبولنس سروس کي دنيا جو سڀ کان وڏو نجي ايمبولنس ڪارروان رکڻ جو اعزاز حاصل آهي هن وقت سموري پاڪستان ۾ ايڌي جون 1800 ايمبولنس ڪم ڪري رهيون آهن جڏهن ته هنگامي بنياد ۾ مريضن ۽ زخمين کي اسپتال پهچائڻ لاءِ ٻه جهاز ۽ هڪ هيليڪاپٽر تي مشتمل ايڌي ايئر ايمبولنس سروس موجود آهي ٻوڏ متاثرين ماڻهن جي خدمت ۾ 28 ريسڪيو بوٽس تي مشتمل ايڌي ميرين ايمبولنيس سروس آهي چائلنڊ ايڊاپشن سينٽر عبدالستار ايڌي جي گهرواري بلقيس ايڌي جي اڳواڻي ۾ ملڪ جي ڪيترن ئي ايڌي مرڪزن تي ٻارڙن جا جهولا رکيا ويا آهن جنهن جو مقصد اهو هو ته ماڻهو پنهنجي ٻارڙن کي مٽي جي ڍير تي اڇلائڻ يا مارڻ بجاءِ ايڌي سينٽر جي جهولن ۾ وڌو وڃي. جهولي ۾ ملندڙ انهن ٻارڙن کي بلقيس ايڌي نگراني ۾ ايڌي هوم ۾ رکيو ويندو آهي انهن لاوارث ٻارڙن کان وڌيڪ ۾ اولاد جي نعمت کان محروم مستحق جوڙن جي حوالي ڪيو ويندو آهي ٻارڙن کي بي اولاد جوڙن جي حوالي ڪرڻ جي مرحلي جي بلقيس ايڌي خود جاچ پڙتال ڪندي آهي. ڪراچي، لاهور، راولپنڊي کان علاوه نيويارڪ ۾ به ايڌي فائونڊيشن لاوارث لاشن جي لاءِ علحيده قبرستان ٺاهيا آهن عبدالستار ايڌي 20 هزار کان وڌيڪ لاوارث لاشن کي پنهنجي هٿن سان غسل ڌيئي ان جي تدفين ڪئي جيڪو پنهنجي نوعيت جو منفرد ورلڊ رڪارڊ آهي. تعليمي خدمتون ايڌي فائونڊيشن قوم جي معمارن کي تعليم کان روشناس ڪرائڻ جو زمو به پنهنجي ڪلهن تي کنيو آهي ڪراچي نوابشاهه ۽ ميرپورخاص ۾ بلقيس ايڌي ايليمينٽري ۽ پرائمري اسڪول پنهنجي خدمتون سرانجام ڏيئي رهيا آهن ڪراچي ۾ پراڻي سبزي منڊي ۾ قائم بلقيس ايڌي اسڪول ۾ پهرين کان 10هين ڪلاس تائين 430 کان وڌيڪ ٻارڙا تعليم حاصل ڪري رهيا آهن جڏهن ته هر سال ميٽرڪ بورڊ جي انتظام هيٺ ٿيندڙ امتحانن ۾ ان اسڪول جو نتيجو 80 سيڪڙو هوندو آهي. ،ايڌي صاحب بغير موڪل جي ڪم ڪرڻ جو عالمي رڪارڊ به ٺاهيو، کيس اها ڳالهه سخت ناپسند هئي ته ڪو سندس يا سندس ڪم جي کلي عام ساراهه ڪري ، هن ڪڏهن به سادي زندگي کي نه ڇڏيوفائونڊيشن جي پئسن مان هن ڪڏهن به هڪ پئسو پنهنجي ذات تي خرچ نه ڪيو عبدالستار ايڌي جي بيواهه بلقيس ايڌي جو چوڻ آهي ته عبدالستار ايڌي کي 2013ع ۾ اداري مان ٿيل سون جي چوري جهوري وڌو هو، جنهنبعد سندس طبعيت بگڙجندي وئي. خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته عبدالستار ايڌي ڪڏهن به ڊاڪٽر وٽ نه ويو ۽ نه ئي انگريزي دوائون کاڌيون. هو ديسي طريقا استعمال ڪندو هو. هنگامي حالتن دوران به سندس طبعيت ايتري خراب نه ٿي پر اداري مان ٿيل چوري کيس وڏو صدمو رسايو. بلقيس ايڌي وڌيڪ چيو ته هو سدائين افسوس سان ٻڌائيندو هو ته هڪ خيراتي اداري مان ڪيئن چوري ٿي سگهي ٿي. هن کي حيرت ۽ افسوس ٿيندو هو ته سماجي خدمتن جي اداري ۾ ماڻهن جون بريون نظرون ڇو آهن. جنهن سبب ئي هو جسماني طور ڪمزور ٿيندو ويو. ياد رهي ته اهي چور پڪڙيا ويا هئا، جيڪي متحده قومي مومينٽ MQM جا باشندا هئا، جنهن ڳالهه کي ميڊيه لڪايو هو، ان جو ڪارڻ اهيو آهي ته اردو ميڊيه تي تقريبن اهي ئي ماڻهون ويٺا آهن، جيڪي ايم ڪيو ايم جا همدرد، يا پوء ڪارڪن آهن، ايــــــــــــــڌي صاحب جو مختـــــــــــصر تعـــــــــــــــارف ايــــــــــــــــــڌي لفظ ................................. ايڌي گجراتي زبان جو الفاظ آهي، جنهن جي معني آهي سست، ڪاهل، مگر ايڌي صاحب سندس معني مطلب کي غلط ثابت ڪري ڏيکاريو. عبدالستار ايڌيءَ جو ڏاڏو حاجي رحمت الله توڪلي انسان هو ۽ ماڻهن ۾ عوامي تڪرارن کي صلح سان نبيريندو هو . ايڌيءَ جي والد جو نالو عبدالشڪور ايڌي آهي . سندس والد جون پهريون ٻه زالون گذاري وڃڻ کانپوءِ هن غربيٰ سان شادي ڪئي سماجي ڪارڪن عبدالستار ايڌي 1928ع ۾ جهونا ڳڙهه جي ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو. سندس والد ڪپڙي جو واپاري هو. جڏهن ايڌي يارنهن سالن جو ٿيو ته سندس ماءُ کي شگر جي بيماريءَ سبب فالج ٿيو ته هن ماءُ جي بيحد خدمت ڪئي. ننڍپڻ کان ٻين جي مدد ڪرڻ جو قائل هو. جيڪو عمل اڳتي هلي سندس زندگي کي ڪامياب بڻائڻ ۾ ڪارگر ثابت ٿيو. هنن جو ڳوٺ گجرات ۾ جهونا ڳڙهه ويجهو ”بانٽوا“ نالي هو، جتي جي 25 هزار آباديءَ مان 75 سيڪڙو ميمڻ برادريءَ تي ٻڌل هئي، هي ڌوٻي واڙي ۾ رهندا هئا. عبدالستار ايڌي جڏهن ستن سالن جو ٿيو ته ڌوٻي واڙي مان لڏي هڪ ٻئي پاڙي ۾ اچي ويٺا. عبدالستار ايڌيءَ جي پڙهڻ سان گهٽ دلچسپي هئي ۽ راند روند تي ڌيان وڌيڪ ڏيندو هو، ڪلاس ماستر کيس مانيٽر بڻايو ۽ ايئن هن ۾ اڳتي وڌڻ جو ذوق پيدا ٿيو. سندس والد وڻج واپار سبب گهر کان اڪثر ٻاهر رهندو هو ۽ ننڍڙي عبدالستار جي تربيت ماءُ جي هٿن ۾ ٿي. هن ۾ ننڍي هوندي کان ئي ماڻهن جي خدمت جو جذبو موجود هو. هو ذهني اپاهجن ۽ غريبن سان همدردي ڪندو هو، هن 11 سالن جي ڄمار کان نماز روزي جي پابندي ڪئي، پر ڪڏهن به مذهبي انتهاپسند نه رهيو، چوٿين ڪلاس ۾ پڙهائي ڇڏي ڏنائين، 11 سالن جي ڄمار ۾ ڪپڙي جي واپاري حاجي عبدالله جي دڪان تي 5 رپيا مهينو پگهار تي بيٺو، هي ڪپڙن جا تاڪيا پٺن تي رکي گهر گهر وڪڻندو هو، هن دڪان به هلايو ۽ هڪ ڀيرو وري پهرئين انگريزي درجي ۾ پڙهڻ ويٺو، 15 سالن جي ڄمار ۾ رسمي تعليم ختم ڪيائين، ننڍي هوندي گجراتي اخبارن جو مطالعو ڪندو هو. بمبئي سماچار وسيلي مارڪس ۽ لينن جي نظريي کان واقف ٿيو. هندستان جي آزاديءَ جي تحريڪ جو مطالعو ڪيائين، سندس ذهن ۾ تبديلي مئڪسم گورڪيءَ جي ناول ”ماءُ“ آندي ۽ سندس من ۾ ”انقلاب“ لاءِ دلچسپي وڌي. هن جو پيءُ لبرل فلسفي ذهن رکندڙ هو. انگريزن جي آخري دور ۾ قائد اعظم محمد علي جناح بانٽوا ۾ وڏو سياسي جلسو ڪيو، جنهن ۾ عبدالستار ايڌي ۽ سندس ساٿين 35 هزار رپيا گڏ ڪيا ۽ مسلم ليگ جا ميمبر بڻيا. ورهاڱي وقت هندو مسلم فسادن جي خطري سبب ٽيهارو هزار ميمڻن سان گڏ هن جي خاندان به پاڪستان هجرت ڪئي. هن جو خاندان ڪراچيءَ جي پسگردائي ۾ ملير ۾ اچي رهيو.1957ع ۾ جڏهن ڪراچيءَ ۾ ڦهليل وبا ”فلو“ سبب ڪيترا ماڻهو مري ويا ته ايڌيءَ تي ان جو ڏاڍو اثر ٿيو. هن شهر جي ٻاهران تنبو هڻي متاثرن کي اتي رهايو ۽ سندن وس آهر خدمت ڪئي. ترت ڪراچيءَ جي ڪجهه دولتمندن سندس مالي مدد ڪئي. ان وقت هن هڪ ڊسپينسري قائم ڪئي ۽ ايمبولينس سروس به شروع ڪيائين. ان سان گڏ مفت ويم گهر به قائم ڪيائين ۽ بي. بي. سي جي رپورٽ موجب 2002ع کان 2008ع تائين سڄي پاڪستان ۾ ايڌي سينٽر گهڻي حد تائين سماجي ڪمن ۾ رڌل رهيا آهن. هن وقت تقريباً 1,800 کان وڌيڪ ايمبولينس گاڏيون سڄي ملڪ جي سينٽرن تي موجود آهن ۽ هوائي سروسز پڻ اٿن، جيڪا ڪنهن به حادثي وقت تڪڙي اپاءَ لاءِ طبي سهولتن سان گڏ تيار رهي ٿي. ايمبولينس ۽ ڊسپينسري سهولتن کان سواءِ عام طور تي پاڪستان ۾ ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ ايڌي فائونڊيشن طرفان اسپتالون، ويم گهر، ذهني مريضن لاءِ اسپتالون، معذورن لاءِ گهر، لاوارث ٻارن لاءِ پڻ رهائش جي جاءِ وغيره قائم ٿيل آهن. ان کان سواءِ ايڌي فائونڊيشن ڪنهن به قدرتي آفت، حادثي، زلزلي ۽ باهه سبب ٿيندڙ نقصانن مهل بروقت پهچي امداد لاءِ وَسَ ڪري ٿي. ايڌي چائلڊ هوم نالي هڪ شعبو، ڪراچيءَ کان حيدرآباد ويندڙ سپر هاءِ وي تي قائم آهي، جنهن ۾ سوين يتيم ۽ لاوارث ٻارن کي پناهه مليل آهي. هن ساده لباس شخص ڪڏهن به غرور جو اظهار نه ڪيو، هُن غريب بکايل ماڻهن جي مدد لاءِ ڪِشتو کڻي مختلف شهرن ۾ خيرات وٺڻ لاءِ ڪئمپون پڻ لڳايون. 8 آڪٽوبر 2005ع ۾ آيل خطرناڪ زلزلي ۾ هُن بالاڪوٽ، ڪشمير ۽ ٻين متاثر علائقن ۾ تُرت پهچي خوب مدد ڪئي. هن وقت دنيا ۾ جن ماڻهن کي سماجي خدمتن عيوض سڃاتو وڃي ٿو، تن ۾ عبدالستار ايڌي سڀ کان مٿانهون آهي، سندس خدمتن عيوض کيس عالمگير شهرت سان گڏ ڪيترائي اوارڊ پڻ مليا، کيس انسٽيٽيوٽ آف بزنس ائڊمنسٽريشن پاڪستان طرفان اعزازي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري پڻ مليل آهي. 1997ع جي عالمي رڪارڊ ”گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊز“ موجب ايڌي فائونڊيشن جي ايمبولينس سروس کي دنيا جي وڏي ۾ وڏي سروس قرار ڏنو ويو. ان کانسواءِ بنا ڪنهن موڪل جي ايڌيءَ کي ڪم ڪرڻ جي مڃتا پڻ مليل آهي. ايڌي صاحب ڪافي عرصو گڙدن جي تڪليف ۾ مبتلا ھئڻ سبب 8 جولاءِ 2016ع تي ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. گهــــــوڙَنِ ۽ گهــــــوٽَڻِ، جِئَـــــــــڻَ ٿـــــــــورا ڏيِنــــــــــهَڙا، ڪَـــــــــڏهِن مَنجِه ڪــــــــوٽَنِ، ڪَــڏهِن واهي رِڻَ جا۔ شـــــــــــــــادي.............. ايڌي صاحب 19 اپريل 1966 ۾ بلقيس ايڌي سان شادي ڪئي، جيڪا هڪ نرس هئي،جنهن پوري زندگي هن جبلقيس ايڌي: پاڪستان جي مها سماجي ڪارڪن عبدالستار ايڌيءَ جي جيون ساٿي ۽ پاڻ به نامياري سماجي ڪارڪن آهي. هوءَ 14 آگسٽ 1947ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائي. هيءَ بلقيس ايڌي فائونڊيشن جي سربراهه آهي، جنهن کي سندس سماجي خدمتن جي عيوض هلال امتياز ۽ لينن پيس پرائيز به ملي چڪو آهي. سندس انتظام هيٺ پاڪستان خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ اسپتال ۽ ايمرجنسي سروس هلندڙ آهي. بلقيس ايڌي نرسز ٽريننگ سينٽر مان ننڍي عمر ۾ ئي نرسنگ جو ڪورس ڪيو. ايڌي سندس سڱ گهريو ۽ اپريل- 1966ع ۾ سندن شادي ٿي ويئي. تڏهن کان هوءَ عبدالستار ايڌي سان گڏ پاڪستانجي سڀ کان وڏي فلاحي اداري ۾ ماڻهن جي خدمت ۽ ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. جڏهن هن ستار ايڌيءَ سان شادي ڪئي ته سندس مڙس جي ڪل ملڪيت هڪ ڀڳل ٽٽل ڪار ۽ ننڍڙي ڊسپينسري هئي. پهرين ماڙ تي 7-6 بسترن وارو ويم گهر هو ۽ هيٺ ننڍڙي ڪمري ۾ آفيس هئس. هوءَ بم ڌماڪن جي فوتين جي ميتن کي تَڙُ ڏيندي هئي . پاڻ هن وقت عورتن واري شعبي جي نگران آهي ۽ ٻارن کي گود وٺڻ وارو ڪم سنڀالي رهي آهي. سندس ٻه ڌيئرون به ساڻس گڏ ڪم ڪن ٿيون. هوءَ وقت بوقت سڄي ملڪ ۾ قائم ايڌي سينٽرن جو معائنو ڪندي رهندي آهي. ٻارن کي گود ڏيڻ لاءِ سندس اصول اهو آهي ته گود وٺندڙ جوڙي کي شادي ڪئي، 12-10 سال ٿي چڪا هجن. مرد جي عمر 50 سالن کان گهٽ هجي ۽ سندس پگهار مناسب هجي ۽ گهر پنهنجو هجي. هو اهڙن جوڙن کي ٻار گود ۾ نه ڏيندي آهي، جيڪي مسواڙي هجن يا گهر مٽائيندا هجن. جسماني ۽ ذهني طور معذور ٻارن جي به ايڌي فائونڊيشن ۾ پرگهور لڌي ويندي آهي. معذور ٻارن کان علاوه ايڌي وٽ 9 هزار اهڙن ٻارن جون درخواستون آهن، جيڪي يتيم يا لاوارث آهن ۽ اڃا ڪنهن گود نه ورتا آهن . بلقيــــــــــــــــــس ۽ ســــــــــــــتار ايـــــــــڌيءَ کي پنــــــــــهنجو گــــــــهر ناهـــــــــــي. سماجي خدمتن ۾ رڌل هن جوڙي کي گڏجي سير تفريح لاءِ ڪو وقت نه ملندو آهي. البته هو سماجي ڪم گڏجي ڪرڻ ۾ ئي وقت گذاريندا آهن. کين هڪ پٽ ۽ ٽي ڌيئر فيصل، ڪبريٰ، زينت ۽ الماس آهن . و ساٿ ڏيندي رهي، ڊاڪٽريت جي ڊگري..... سندس خدمتن عيوض کيس عالمگير شهرت سان گڏ ڪيترائي اوارڊ پڻ مليا آهن ، کيس انسٽيٽيوٽ آف بزنس ائڊمنسٽريشن-پاڪستان طرفان اعزازي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري پڻ مليل آهي . 1997ع جي عالمي رڪارڊ ” گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊز “ موجب ايڌي فائونڊيشن جي ايمبولينس سروس کي دنيا جي وڏي ۾ وڏي سروس قرار ڏنو ويو وفــــــــــــــــات جــــــــــــي خــــــــــــــــــبر لکين بي سهارا ماڻهن جي اميدن جو مرڪز، قوم جي مسيحا ۽ ناليواري سماجي ڪارڪن عبدالستار ايڌي هميشه لاءِ موڪلائي ويو، ايس آءِ يو ٽي ۾ وينٽيليٽر ذريعي ساهه کڻندڙ سماجي خدمتگار جي ساهه جو سڳو هميشه لاءِ ٽٽي ويو، جنهن بعد سندس فرزند فيصل ايڌي ميڊيا کي سندس لاڏاڻي جي تصديق ڪندي چيو ته پاڪستان جو مسيحا هاڻي اسان ناهي رهيو، عبدالستار ايڌي صاحب لاڏاڻو ڪري ويو آهي، عبدالستار ايڌي جي وڏي وقت کان گڙدا فيل ٿيڻ سبب طبيعت خراب هئي ۽ هو ڊاڪٽر اديب رضوي وٽان ايس آءِ يو ٽي مان ڊائلاسز ڪرائيندو هو. گذريل ڏينهن سندس طبيعت بگڙڻ سبب کيس آءِ سي يو ۾ داخل ڪري سندس سمورن وارثن کي گھرايو ويو. جتي ڊاڪٽرن سندس گھروارن کي به ملاقاتلاءِ گھرائي ورتو. ايس آءِ يو ٽي آيل عبدالستار ايڌي جي پُٽ فيصل ايڌي پيءُ جي وارتا ٻڌائيندي روئي ڏنو. فيصل ايڌي چيو ته بابا جي طبيعت خراب آهي. هن پوري قوم کي اپيل ڪندي چيو آهي ته بابا جي صحتيابي لاءِ دعا گھُري وڃي. جيئن هُو جلد صحتياب ٿي غريبن جي ۽ بي پهچ ماڻهن جي خدمت ڪري سگھي، جڏهن ته ڊاڪٽرن ايندڙ 24 ڪلاڪ عبدالستار ايڌي جي صحت لاءِ انتهائي اهم قرار ڏئي ڇڏيا آهن. ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي به اسپتال پهچي ايڌي جو طبي معائنو ڪيو. عبدالستار ايڌي کي طبيعت جي خرابي سبب وينٽي ليٽر تي منتقل ڪيو ويو. فيصل ايڌي چيو ته عبدالستار ايڌي جي طبيعت ناساز آهي، عوام ان جي صحتيابي جي دعا ڪري. هن وڌيڪ چيو ته ٻنپهرن کان پوءِ ڊائلاسز دوران عبدالستار ايڌي جي طبيعت خراب ٿي هئي ۽ کيس ساهه کڻڻ ۾ تڪليف پيش اچي رهي هئي جنهن بعد ان کي وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو ۽ طبيعت ۾ بهتري اچڻ تائين وينٽيليٽر تي رکيو ويندو. ان موقعي تي فيصل ۽ بلقيس ايڌي جي اکين ۾ لڙڪ هئا. فيصل ايڌي چيو ته عبدالستار ايڌي جو علاج ايس آءِ يو ٽي ۾ جاري آهي جنهن مان اسان مطمئن آهيون. فيصل ايڌي چيو ته عبدلستار ايڌي جو علاج ايس آءِ يو ٽي ۾ علاج ڪيو ويو، جنهن مان اسان مطمئن آهيون. هوڏانهن ايس آءِ يو ٽي ترجمان چيو آهي ته عبدالستار ايڌي گذريل 10 سالن کان اسپتال مان علاج ڪرائي رهيو هو. 2012ع کان سندس ڊائلاسز ڪيا ويا، عبدالستار ايڌي کي طبيعت خراب ٿيڻ سبب آءِ سي يو ۾ وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو. عبدالستار ايڌي کي 5 جولاءِ تي انفڪيشن سبب ايس آءِ يو ٽي منتقل ڪيو ويو. هن چيو ته وڌندڙ عمر ۽ خوراڪ جي کوٽ سبب ايڌي صاحب جي طبيعت خراب ٿي رهي آهي. شگر ۽ بلڊ پريشر جي ڪري ايڌي جا گڙدا خراب ٿيا، رات دير سان قوم جي دعائن باوجود عبدالستار ايڌي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو.هوڏانهن وزير اعظم سوڳ جو اعلان ڪندي چيو ته عبدالستار ايڌي جي سرڪاري اعزاز سان تدفين ڪئي ويندي عبدالستار ايـــــــــــــــــــــــــڌي جي جنــــــــــــازي نـــــــــــــماز چيئرمين روحيت هلال ڪميٽي مفتي منيب الرحمان ڪراچي ۾ نه هجڻ سبب مولانا عبدالستار ايڌي جي جنازي نماز پڙهائڻ کان معذرت ڪئي ميڊيا رپورٽ مطابق عبدالستار ايڌي جي جنازي نماز پڙهائڻ لاءِ روحيت هلال ڪميٽي جي چيئرمين مفتي منيب الرحمان سان عبدالستار ايڌي جي فرزند فيصل ايڌي رابطو ڪيو جڏهن ته مولانا مفتي منيب الرحمان چيو ته هن وقت ايبٽ آباد ۾ آهيان جلد ڪراچي پهچڻ ممڪن نه آهي نامياري سماجي ڪارڪن عبدالستار جي جنازي نماز آلين اکين سان ادا ڪئي وئي آهي، جنازي نماز مفتي جان محمد نيازي پڙهائي، جنازي نماز ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف، صدر پاڪستان. جناب ممنون حسين صاحب، سينيٽ چيئرمين رضا رباني صاحب، سنڌ جي وڏي وزير سائين قائم علي شاه صاحب، پنجاب جي وڏي وزيرشهباز شريف،سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد صاحب، نثار کهڙي، رمضان ڇيپا صاحب،۽ ٻين اعليٰ شخصيتن شرڪت ڪئي، جنازي نماز کانپوءِ مرحوم عبدالستار ايڌي جي مڙهه کي ايڌي وليج ڏانهن نيون ويو جتي کيس فوجي عزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو..سندس جنازي ۾ نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي کي هر طرف کان بند ڪيو ويو هو، ۽ سڪيورٽي جو اهيو عالم هو ته فوج، رينجرس، نيوي ۽ پوليس تمام گهڻي مقدار ۾ موجود هئي، ۽ ايڌي صاحب کي 21 توبن جي پڻ سلامي ڏني وئي،، الحمدالله مون ۽ محترم نعمان يوسف ميمڻ صاحب پڻ نماز ادا ڪئي،ياد رهي ته جنهن وقت سندس جنازو پڙهيو پئي ويو ته ان وقت جولاء جي مهيني ۾ به هلڪي هلڪي برسات ڦوهار جي صورت ۾ هلي رهي هئي، سندس جنازي کي ڪوريج ڏيڻ لاء ٻاهرين ملڪن مان به نمائندا پهتل هئا،نماز جنازه تقرين 2.00 جي قريب 09.07.2016 تي نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ ادا ڪئي وئي،۽ تمام گهڻي سخت چيڪنگ هئي، ۽ چار گيٽ چيڪنگ ڪرائڻ کان پوء ايڌي صاحب جي جنازي ۾ شرڪت ڪرڻ جو موقعو مليو،لکن جي تعداد ۾ ماڻهون موجود هئا،۽ اهيو عــــــــــزاز مان ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهان. ايڌي صاحب جو پنهنجون اکيون عطيو ڪرڻ........ انساني جسم جو هر هڪ عضوو وڏي نعمت آهي، مگر انهن تمام نعمتن ۾ اکـــــــــــــــيــــون سڀني کان وڏي نعمت آهي، مگر ايڌي صاحب اها وڏي نعمت به هن قوم کي ڏئي ويو، ۽ اهيو درس ڏئي ويو ته توهان به منهنجن اکين سان مون وانگر ڏسڻ سگهو، ۽ غريب لاء ڏسڻ واري وصف پيدا ڪريو،ڪاش اسان جا حڪمران به ايڌي صاحب وانگر هن غريب قوم کي ڏسن ۽ انهن لاء سوچين.
ايڌي صاحب جيڪو ڪم ڪيو آهي ان ۾ ڪڏهن به ايڌي صاحب مري نه ٿو سگهي موتو قبل ال انت موتو ،مري وري جيئرو ٿيڻ ان کي ئي چئبو آهي جڏهن هڪ ايڌي ملڪ جي خدمت ۾ ايترو ڪجهه ڪري سگهي ٿو ته ملڪ ايترن سالن ۾ ڇا نه ٿو ڪري سگهي ، پوء ڇو اڄ ڏينهن تائين رياست پاڪستان ۾ ماڻهن جي حقن کي لٽيو ٿو وڃي ۽ ڪنهن کي زري جو به حياء ڪو نه ٿو ٿئي، هڪ ماڻهو هٿين خالي ايترو ڪجهه ڪري سگهي ٿو ته حڪومت هيترا ٽيڪس وٺڻ جي باوجود به ڻح صحت نه تعليم نه تحفظ ٿي ڏئي سگهي . ان جو مطلب ته اگر حڪومت چاهي ته ڪري سگهي ٿي پر ڪرڻ نه ٿي چاهي ؟ سوال آ ته چو ؟ آخر ڇو نه ٿي ڪرڻ چاهي ؟