نصرپور جو بهترين استاد سنڌ جو بهترين ڪهاڻيڪار، ناول نگار ،مضمون نگار ، شاعر لؤ نگ خان عاجز ڀاڻو نم خان مهيسر ( هي مضمون سائين نديم ڀاڻو ڏنو جنهن کي ڪمپوز ڪري دوستن اڳيان پيش ڪيو ويو آهي . خادم گھراڻو ) سنڌ جي تاريخي شهر نصرپور ۾ ڪئين ولي بزرگ اولياءُ عالم فاضل درويش ، ڏاها علم وارا ،اڪابر ۽ وڏا اديب پيدا ٿيا آهن ۽ ڪيترا الله جا ماڻهو وري هن علم ۽ فضل واري شهر ۾ نقل مڪاني ڪري آيا هتي جي مٽي کي پنهنجو مسڪن بڻائي اتي ئي سڪونت اختيار ڪيائون . نصرپور جنهن هڪ دريائي تڙ مان ترقي ڪري ايترو اوج ماڻيو ان ۾ ڪئين قومون آباد هيون جن جو اولاد اڄ به هن شهر ۾ مڪين آهي انهن مان ڀاڻو قوم به هڪ آهي جنهن قوم ۾ ڪيترائي بزرگ الله وارا پرهيزگار ۽ نيڪ مرد پيدا ٿيا آهن . انهن مان سائين لؤنگ خان عاجز ڀاڻو به آهي جيڪا شخصيت پڻ وڏي احترام جي لائَق هئي . پاڻ 05 اپريل 1938 ع ۾ هن مرڪزي شهر ۾ جنم ورتو سنڌي فائنل تائين تعليم پرايائون لکڻ پڙهڻ ۽ علم ادب سان دلچسپي هئڻ ڪري تعليم جهڙي پيغمبري پيشي سان وابسته ٿي ويا اٽڪل 27 سال پرائمري ۾ گلڙن جھڙن ٻارن کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪيائون ۽ اٽڪل 17 سال ( ٽوٽل 44 سال ) نصرپور جي هاءِ اسڪول ۾ علم جي خدمت ڪندي روشني جي جوت جلائي ظلمت ۽ اونداهي کي تڙي ڪڍڻ ۾ تمام گھڻو جاکوڙيائون .پاڻ هڪ استاد جو پورو حق ادا ڪيائون جيئن معاشري ۾ انسانيت لاءِ استاد خدمتن ۽ سچاين جا مينار هوندا آهن ان لاءِ جو سندن خدمت بي لوث ۽ پيغمبرانه هوندي آهي استاد جي اک ۾ خواب هوندا آهن ته هو پنهنجي سيني ۾ سمايل علم اوتي ۽ ملت جي مستقبلن جي سينن ۾ منتقل ڪري اهوئي سبب آهي جو استاد کي پيءُ جو درجو ڏنو ويو آهي ۽ روحاني ابو آهي عظمتن ۽ ڪاميابين جو هڪ اهڃاڻ آهي . سائين به اهڙي پيروي ڪرڻ مان هڪ آهي سائين هن علائقي جي غريب مسڪين ماروئڙن جي خدمت ڪئي سالن جا سال جيڪي ٻار امتحان پاس ڪري اڳين ڪلاس ۾ ويندا هئا انهن کان ڇڏيل ڪتاب وٺي انهن جي جلد بندي ڪرائي غريب ٻارڙن ۾ مفت ورهائيندا هئا . شاگردن جي فين وغيره ۾ مدد ڪندا هئا . اهڙا بي سهارا شاگرد هن وقت وڏن وڏن عهدن تي فائز ٿي پنهنجي وطن عزيز جي خدمت ۾ پيش پيش آهن .سائين جن پرايا درد پنهنجا ڪري ڀائيندا هئا شل نه ڪنهن کي تڪليف يا پريشاني اچي اصل بي چين ۽ بي آرام بڻجي ويندا هئا سندن سيني ۾ آنڌ مانڌ ۽ لوري پئي هوندي هئي ته فلاڻو الائجي ڪهڙي حال ۾ ۽ ڪيئن هوندو جڏهن خيريت جي خبر پوندي هئن تڏهن سک جو ساھ کڻندا هئا اها انساني همدردي ۽ ٻين جو احساس هر ڪنهن دل ۾ نه هوندو آهي فقط اهل دل ۽ محبتي ماڻهو ئي اهڙا جذبا رکي سگھن ٿا .سندن گھڻو معالعو ۽ مختلف علمن جو اونهون اڀياس ٿيل هو شاھ لطيف ، مصري شاھ ۽ سنڌي ٻولي جي ته هڪ لغت هئا ڪنهن لفظ جي معنى پڇبي هئي ته پوري تشريح ڪري اشتقاقن سان ٻڌائيندا هئا شاھ سائين ۽ مصري شاھ جي رسالي تي کين عبور حاصل هوندو هو پاڻ شاھ سائين ۽ مصري شاھ جا حافظ هئا ڪچهرين ۾ اهل علم ماڻهن جي اڳيان شاھ لطيف ۽ مصري شاھ جا بيت انهن جي تشريح ۽ روحاني راز ۽ رمزون اهڙي ته منفرد انداز ۾ ٻڌائيندا هئا جو پاڻ کي لطيف سائين ۽ مصري شاھ جا پارکو سڏائيندڙ به ڏندين آڱريون ڏيئي سوچ ۾ پئجي ويندا هئا .پاڻ شاھ لطيف ۽ مصري شاھ تي ڪافي تحقيقي ڪم ڪيائون انهن جي شاعري تي ڪيترائي مضمون ۽ مقالا لکي نون نڪتن کي نروار ڪيائون سندن اهي لکڻيون ماهوار نئين زندگي ، مهراڻ ۽ ٻين ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿي چڪيون آهن .سائين جن وٽ ڪوبه مسئلو ايندو هو ته ان کي حل ڪرڻ ۾ يا مدد ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪندا هئا .سائين ديني محفلن کي ترجيح ڏيندا هئا وقت ڪڍي اهڙين ڪچهرين ۾ باقائدي ويندا هئا پاڻ انهن محفلن مان تمام گھڻو فيض حاصل ڪندا هئا ۽ پنهنجي علم ۾ اضافو ڪندا هئا .امام السنڌ شيخ الحديث مولانا عبدالحق رباني ، منهنجي استاد مولانا عبدالرحمان قاضي ، نبض شناس حڪيم قاضي محمد بخش صاحب ۽ ميان حاجي احمد صاحب جن جي چوياري مشهور هوندي هئي انهن وٽ مدرسي ۾ صبح جو فجر نماز بعد درس ۽ تدريس جو سلسلو هلندو هو شهر جي علم وارن ماڻهن کان علاوه پوري هنڌ سنڌ مان مهمان ٿي آيل عالم محدث ۽ فقيهه انهيءَ مجلس ۾ شريڪ ٿيندا هئا ۽ مذاڪره ڪندا هئا .سائين لؤنگ خان چوندو هو ته جيڪو علم انهن ڪچهرين مان حاصل ڪيو اهو پوي زندگي جي مطالعي مان حاصل نه ٿيو پاڻ هڪ سٺي عالم جيترو علم رکندا هئا .سندن عقيدو پڪو روزي نماز جا پابند هوندا هئا پاڻ سراپا دين تي هلڻ وارا ۽ ديندار هوندا هئا .مولود ۽ مدح جنهن ۾ گھڻي کان گھڻي نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جي تعريف شان مديني جي زيارت جي سڪ ۽ اڪير بيان ٿيل هوندي آهي مولود جي معنى آهي رسول ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جي ولادت جي خوشي ۾ چيل شاعري .سائين لؤنگ خان انهن ۾ گھڻي دلچسپي رکندا هئا کين تمام گھڻا مولود ۽ مدح ياد هوندا هئا پاڻ انهن جي سر تار هيٺانهين مٿانهين ۽ جھيل وغيره جا ماهر ۽ وڏا پارکو هوندا هئا مولودين جون هتي مشهور ٽوليون هونديون هيون جن ۾ مڱڻهارن جسڪاڻين ۽ سيدن ۽ مڱرين جون ٽوليون مشهور هيون اهي مولود حضرات سائين جن جا ڄڻ مريد هئا مجال آهي جو ڪو مولودي سرن کي هيٺ مٿي ڪري اتان اشارو ڪندا هئس پوءِ مولودي مڃيندا هئا ته واقعي غلطي ٿي وئي . کين ڪيڏارو تمام گھڻو پسند هوندو هو . لکڻ پڙهڻ ۽ علم ادب سان سندن حد درجي جو چاھ ۽ شوق هوندو هو . پاڻ نثر توڙي نظم ٻنهي ۾ طبع آزمائي ڪيائون تخليقار ڪهڙو به هجي ڪير به هجي ۽ ڪيئن به هجي پر هو ڀوڳنائن مان گذرندي پنهنجي تخليق کي تڪميل ڏيندو آهي اهو تخليقار هڪ لوهار هجي ، هڪ واڍو هجي يا ڇو نه کڻي ليکڪ هجي هو تمام گھڻي لوڙ ۽ ولوڙ کان پوءِ سهڻيون ۽ وڻندڙ تخليقون جوڙي ٿو . سائين لؤنگ خان عاجز به هڪ سٺو تخليقار ۽ سرجڻهار هو پاڻ ناول لکيائون جيڪي اڻ ڇپيل آهن ان کانسواءِ ڪهاڻيون لکيائون سندن ڪهاڻيون جديد سنڌي ڪهاڻي جي سفر ۾ وقت جي ڪاميابيءَ ۽ منزل تائين پهچڻ واري پيچري جون سڃاڻ آهن انهن مان ڪافي تعداد ۾ ماهوار رسالي نئين زندگي ۽ ٻين ڪيترن ئي رسالن ۾ چپجي چڪيون آهن سائين جي انهن ڪهاڻين جو شمار بهترين ڪهاڻين ۾ ٿئي ٿو . جيڪي سماجي براين ۽ پريم جي پنڌ ۾ پيش ايندڙ پيڙائن ۾ ڀوڳيندڙ ڪردارن جي درد کي وائکو ڪندڙسنڌي ادب جون بهترين ڪهاڻيون آهن جي دليرانه ۽ بهترين انداز سان لکيل آهن جن ۾ “ مون ۾ آهين تون ” ، “ مائي خيري ” ۽ ٻيون ڪهاڻيون شاهڪار ڪهاڻيون آهن سنڌي ادب جي مهان ۽ ڏاهي اديب سائين محمد ابراهيم جويو صاحب ، ڪهاڻيڪار سائين دائود بلوچ صاحب ۽ محمد حسين ڪاشف صاحب انهن جي مڃتا ۾ تعريفي خط لکيا ۽ کين مبارڪون ڏنيون هيون .شاعري ۾ ته پنهنجو پٽ پاڻ هئا تمام سٺي ۽ معياري شاعري ڪندا هئا شاعري جيڪو هڪ احساس جو نالو آهي جنهن کي لفظي رواني سان سمائي پوئي هڪ خوبصورت مالها جوڙڻ ڪا معمولي ۽ عام ماڻهو جي وس جي ڳالھه نه آهي هن خوبصوت شاعري سرجيندڙ سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي ڪهاڻين ، مضمون نگاري ، ناول نگاري سان گڏ شاعري ۾ به سائين جو ناميارو مقام ۽ معروف نالو آهي سائين جي شاعري ٻولي جي سادگي جي محور ۾ گردش ڪندي نظر اچي ٿي سادگي سان جيڪا حقيقي حسن هوندي آهي جيڪا هر تخليق کي ڪمال درجي تائين پهچائيندڙ ۽ مڃتائون ڏياريندڙ هوندي آهي سائين جي شاعري فطري حسن جي ترجمان شاعري آهي . 1 - بي قدر دنيا اندر “ عاجز ” نه اڄ آهي وفا بي وفا ڀل ٿئي زمانو پر ٿي سدا غمخوار تون سائين جن جو لاڙو دين طرف سرس ۽ سوايو هو پاڻ نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي تعريف بيان ندي بيان ڪن ٿا . 2 - مان ڪيان ڪهڙيون بيان صفتون سڄڻ سهڻي سنديون شان جنهن جي م لٿيون سڀ آيتون قرآڻ سنديون ماڻهو جيڪي اڄڪلهه نفس جا پوڄاري بنجي ظاهر پويان ڊڪن ٿا ۽ سمجھن ٿا ته هي دنيا صرف خوشين جو نالو آهي سدائين بهار لڳي پئي هوندي انهن کي پنهنجي سعر ۾ تجزيي ۽ مشاهدي جي بنياد تي صلاح ڏي ٿو ته گل ڏسيو گل جيئن ٽڻي ڪر خيال گل جي خار جو ، هي بهاري جون بهارون ڏينهن اٿئي ٻه چار جو ، شڪاري شوق مان گل ڏسيو خوش ٿو ٿئين ، پر سنڀالج تون نشانيون ٿي نه پئين ڪنهن وار جو . سائين جي انهن لکڻين کي يڪجا ڪجي ته ٻه ٽي ڪتاب جڙي سگھن ٿا هن ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي جي دور ۾ اهو ڪم پهچ کان پري آهي پر جيڪڏهن ڪي ادارا يا وس وارا انهيءَ سلسلي ۾ مدد ڪن ته انهي بي بها خزاني کي ڪتب لائق بڻائي ڪافي لاڀ حاصل سگھجي ٿو . سائين لؤنگ خان هڪ فرد نه پر هڪ ادارو ۽ هڪ تاريخ هئا سندن فلسفو ۽ منشور محبت هوندي هئي نه رنگ نسل ڇا اڇو ،ڇا جو ڪارو ؟ نه ڪو مذهب نه فرقو صرف اخلاق ڪردار ۽ سچائي کي ڏسندا هئا . جيڪو هڪ دفعو سندن ويجھو آيو اهو هميشه سندن مريد بڻجي ويندو هو منهنجا آئيڊيل استاد هئا مون سندن ڪافي ادائن کي اپنائڻ جي ڪوشس ڪئي آهي منهنجو اٿڻ ويهڻ هلڻ ڪلاس ۾ پڙهائڻ به هوبهو سائين جن جو نقل آهي هن عظيم هستي اهل علم سمجھه ۽ ڏاهپ وارو مڻيادار ماڻهو 29 اپريل 2005 ع ۾ اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو جو هي ڪائنات جيڪا فنا جي مٺ ۾ بند آهي اها پنهنجي رفتار سان اصلي ماڳ ڏانهن سفر ۾ مصروف آهي .ملڪ قومون ۽ سماج پنهنجي عطيم انسانن سان سڃاتا ويندا آهن اهي انسان جيسين زنه هوندا آهن تيسين پنهنجي ملڪ قوم ۽ سماج جا امين ۽ رکوالا هوندا آهن . ۽ پنهنجي زندگي کان پوءِ قوم جي سڃانڦ ۽ عظمت جو اهڃاڻ هوندا آهن اهڙا ماڻهو روز روز ڪونه وپيدا ٿيندا آهن ۽ جڏهن پيدا ٿيندا آهن ته پنهنجي طبعي زندگي کان پوءِ به صدين تائين ياد ڪيا ڪيا ويندا آهن اهڙيون شخصيتون موت کي مات ڏيئي هميشه ماڻهن جي دلين ۾ زنده رهيون آهن ۽ هميشه لاءِ رهنديون .