اختر حفيظ منهنجي نظريي کي ياد رکجو

'ڪالم' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏12 جولائي 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    منهنجي نظريي کي ياد رکجو
    اختر حفيظ


    عبدالستار ايڌي، جنهن چيو هو ته "ماڻهو تعليم يافته ته ٿي ويو آهي پر اهو انسان نه ٿي سگهيو آهي". هو ايترو پڙهيو لکيو نه هو، نه هن وٽ ڪا ڊگري هئي ۽ نه ئي هو اسان جي سماج ۾ موجود انهن ماڻهن وانگر ماسٽرز يا پي ايڇ ڊي هو. جيڪي سماج کي تبديل ڪرڻ لا وڏيون وڏيون هامون هڻندا آهن پر اهي اصل ۾ ٽڪي جا ماڻهو آهن. جيڪي پنهنجي علم کي وڪڻندا آهن، پنهنجي فن جو سودو ڪندا آهن. خسيس مفادن خاطرن ڪيئن رشتن کي پائمال ڪندا آهن، ۽ ڪيئن پنهنجو پاڻ کي سماج ۾ مسيحا طور پيش ڪندا آهن. اهي سڀ سانگ اهڙن ئي ماڻهن پاران رچايا ويندا آهن، جيڪي پاڻ کي علم ۾ ڀڙ سمجهندا آهن.
    پر انهن مان ڪوبه ستار ايڌي ناهي. ڪوبه اهڙو ناهي جيڪو انهن رشتن کي به پنهنجو نالو ڏئي جيڪي هن سماج جا ڌڪاريل آهن. دنيا ۾تعليمي يافته ٿيڻ ته واقعي سولو آهي پر انسان ٿي رهڻ ۽ ڪنهن کي انسان سمجهي جيئڻ جو حق ڏيڻ تمام ڏکيو آهي. ستار ايڌي لا جيڪڏهن ڪنهن شئي جي اهميت هئي ته اها هئي انسانيت. هن جي نظر ۾ انسانيت کان وڏو ڪوبه مذهب ناهي ۽ اها ڳالهه انهن مذهبي ٺيڪيدارن جي منهن تي هڪ چماٽ مثل آهي، جيڪي اڄ به اسان جي سماج کي مذهبي ۽ مسلڪي بنيادن تي ورهائي رهيا آهن. جن وٽ انهي ڳالهه جي اهميت ناهي ته جيڪو ماڻهو هن ڌرتي تي جنم وٺي ٿو، اهو انسان ٿي جيئي پر انهن لا سڀ کان وڏي اهم ڳالهه اها آهي ته انهي کي ڪيئن مذهب جي ڪوڙڪي ۾ ڦاسائجي ته جيئن اهو سموري حياتي انسانن جي خدمت ڪرڻ ئي وسري وڃي.
    ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن ستار ايڌي سدائين لا اسان کي وڇڙي ويو ته انهي جي ڌڻي اهي به ٿيا جيڪي سندس حياتي ۾ ڪڏهن هن ڏانهن لڙي نه ويا. جتي هن رياست ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي به بهتر نموني فراهم نه ڪيو آهي. جتي هڪ اهڙي خوف جي فضا قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ هر ماڻهو کي اهو ئي ڊپ آهي ته دشمن رڳو هن ملڪ خلاف سازشون ڪري رهيو آهي تنهنڪري پهرين ملڪ جو دفاع ضروري آهي پو ٻيا ڪم ٿيندا. اتي ستار ايڌي ڪڏهن به انهي ڳالهه جي پرواهه نه ڪئي، نه هن وٽ ڪو پنهنجي حفاظت لا گارڊ هو ۽ نه ئي پنهنجي ايڌي سينٽر لا ڪو چوڪيدار هو. هو اهي ئي ڪم ڪندو رهيو جيڪي ڪم اسان جي حڪمرانن (جنهن ۾ آمر به شامل آهن) کي ڪرڻ گهرجن ها. پر انهن ڪڏهن به رياستي سطح تي عام ماڻهو جي بهتري لا ڪجهه به ڪرڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي آهي. بلڪه اسان جي ملڪ ۾ ته دهشتگردي کي ايڏي ڇوٽ ڏني وئي جو انهي ۾ مارجي ويل ماڻهن جي لاشن کي ايڌي پاڻ غسل ڏيندو هو. يتيم ٿي ويل ٻارن کي پناهه به انهي جي ئي سينٽر ۾ ملندي هئي.
    هن وٽ ڪجهه به نه هو پر تنهن هوندي به هو اڪيلي سر ايترو ڪجهه ڪري ويو ته ڇا رياست، جنهن جو تصور ئي اهو آهي ته اها ماڻهو کي تحفظ ڏيندي، انهي کي بکيو نه رکندي ۽ ماڻهن کي صحت جي سهولتن کان وٺي تعليم جهڙيون سهولتون به ڏيندي. اها انهي قابل نه آهي ته اها عوام کي اهڙي قسم جون سهولتون ڏيندي رهي. دنيا جي ڪيترين ئي اخبارن هن کي " فادر ٽريسا" جو لقب ڏنو آهي پر هن لا اهڙي قسم جا لقب ۽ اعزاز ڪابه معنى نه رکندا هئا. ڇاڪاڻ ته هن لا جيڪڏهن ڪا شئي اهميت رکندي هئي ته اها هئي انسانيت. جنهن جي خدمت هن مرڻ گهڙي تائين ڪئي.
    سندس گهر ٻاهران رکيل پينگهي ۾ جيڪو به ٻار آيو، هن انهي کي پنهنجو اولاد سمجهيو. ڪڏهن انهي کان اهو نه پڇيو ويو ته انهي جو مذهب ڪهڙو آهي؟ جيڪڏهن هو به اهڙي قسم جي سوالن ۾ پورو هجي ها ته اڄ کيس سموري دنيا ڪڏهن به ائين ياد نه ڪري ها. پر ڇا ڪڏهن اسان انهي ڳالهه تي غور ڪيو آهي ته ايڌي کي انسان دوست بڻائيندڙ حالتون ڪهڙيون هيون. اهي هئا انسان ذات جا ڏک ۽ ڏوجهرا. جيڪي هن پنهنجي اکين سان ڏٺا. جڏهن ملڪ جا حڪمران پنهنجن ذميوارين کان آجا هوندا آهن ۽ انهن کي پنهنجن عياشين مان واندڪائي نه هجي. اسين بم ڦاڙڻ ۽ بم ٺاهڻ تي فخر محسوس ڪريون ته انسانيت ائين ئي مرندي آهي جيئن جي اسان جي ملڪ ۾ ڪيترن ڏهاڪن کان مري رهي آهي. انهي انسانيت کي سهارو ڏيڻ لا ايڌي جهڙا دوريش ماڻهو پيدا ٿيندا آهن. جيڪي معصوم ٻارن جا ڳوڙها اگهندا آهن، گيتا جهڙين ڇوڪرين کي سيني سان لڳائي انهي کي اهو احساس نه ٿيڻ ڏيندا آهن ته اها ڪا اڪيلي آهي.
    ان ڏينهن هن جي جنازي ۾ هزارين ماڻهن شريڪ هئا. سڀئي هن کي عظيم انسان ۽ انسانيت جو خدمتگار جا لقب ڏئي رهيا هئا پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ايڌي جيڪو ڪم شروع ڪيو هو، انهي کي جاري رکڻ لا اسان جا ادارا پنهنجو پاڻ کي انهي قابل بڻائين. اسان جا حڪمران جن کي نه غريب نظر ايندو آهي ۽ نه ئي غربت، اهي انسانيت کي اهم سمجهي عوام لا ڪجهه اهڙو ڪرڻ جي ڪوشش ڪن، جنهن سان عام ماڻهو کي جيئڻ لا جتن نه ڪرڻا پون. پر اهو سڀڪجهه چوڻ جي حد تائين هوندو آهي. ستار ايڌي جون ڳالهيون بس قولن تائين ئي محدود رهجي وينديون، انهي جي ڪا عملي شڪل نظر نه ايندي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ائين هجي ها ته هيستائين ڪجهه نه ڪجهه اسان کي نظر ضرور اچي ها. پر ائين بلڪل به ناهي ٿي سگهيو.
    ستار ايڌي جهڙو وري پيدا ته نٿو ڪري سگهجي پر هن جهڙو ٿيڻ لا به گهڻو ڪجهه قربان ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪارل مارڪس ۽ لينن جن کي اسان جا ڪيترائي ماڻهو ڪافر سڏيندا آهن. انهن کي ايڌي پنهنجو استاد سڏيندو هو. هن کي به اها خبر هئي ته اصل جنگ طبقن جي وچ ۾ آهي، امير ۽ غريب جي وچ ۾ آهي. تنهنڪري سموري هن ڄمار انهي فرق کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر جڏهن رياستي ادارا ئي انهي فرق کي قائم ڪرڻ لا ڏينهن رات لڳا پيا هجن ته اهڙي فرق کي ختم ڪرڻ رڳو اڪيلي ستار ايڌي جو ڪم ناهي بلڪه انهي فرق کي ختم ڪرڻ لا هڪ گڏيل جدوجهد جي ضرورت آهي، جيڪا حقيقي معنى ۾ انهي خواب کي ساڀيان ڏياري سگهي ٿي جيڪو خواب نه فقط ستار ايڌي بلڪه دنيا جي لکين ماڻهن جو آهي.
    ستار ايڌي کي جيڪو ڪم ڪرڻو هو، اهو هو ڪري ويو آهي. هن اهو ئي پيغام ڏنو آهي ته جيڪڏهن ماڻهو جي خدمت ڪرڻي آهي ته انهي کي انسان ئي سمجهيو وڃي. ٻي صورت ۾ نه ته خدمت جو جذبو ماڻي سگهجي ٿو ۽ نه ئي بهتر انداز سان انسان جي خدمت ٿي سگهي ٿي. هڪ ڀيري هن چيو ته "ڪئين سال پڄاڻان ڪيترائي اهڙا ماڻهو هئا جيڪي اها شڪايت ۽ سوال پيا ڪندا هئا ته تون لازمي طور ڪنهن عيسائي ۽ هندو کي ايمبولنس ۾ ڇو ٿو کڻين. منهنجو جواب هوندو هو ته ايمبولنس اوهان کان بهتر مسلمان آهي". هي اها ئي ايمبولنس آهي جنهن ڪيترن ئي ماڻهن جون حياتيون بچايون آهن. جنهن جو نه ڪو مذهب آهي ۽ نه مسلڪ. انهي ڪري هن يادگار ڳالهه ڪئي هئي ته مون کي نه منهنجي نظريي کي ياد رکجو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو