ماضيء جو آئينو ؛ “ ڪامبي ” جو گم ٿيل شهر. شفيق الرحمان شاڪر هڪ عام ماڻهوء لاء سچ پچ اها حيرت جي ڳالهه آهي ته انسان جي گذريل عظمت جا نشان اتفاقي طور تي ٿيل کوٽائين جي نتيجي ۾ دنيا جي سامهون آيا آهن.1991ع ۾ هڪ جرمن سياح “الپس جبل” جي ماٿرين ۾ گھمي رهيو هو ته اوچتو هن کي برفاني دور جو هڪ انسان ملي ويو،جنهن جو لاش هزارين سال برف هيٺان دٻيل رهڻ سبب صحيح سلامت هو.ان کي ويهين صديء جي سڀ کان وڏي دريافت سمجھيو ويو.ان کان ٺيڪ يارهن سال پوء يعني 2002ع ۾ ڀارت جي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف اوشين ٽيڪنالاجيء جي ماهرن اتفاق سان اهڙي شيء ڳولهي هٿ ڪئي جنهن اڄ تائين لکيل انساني تاريخ جو رخ بدلائي ڇڏيو.اداري جا ماهر 2001ع ۾ ڀارتي صوبي گجرات جي ساحلي ڪنارن کان 30 ڪلوميٽر پري “ خليج ڪامبي” جي کليل پاڻيء ۾ سامونڊي گدلاڻ جو جائزو وٺي رهيا هئا جنهن دوران هنن ڪجھ تصويرون به ورتيون. پر ڪجھ مهينا پوء جڏهن اهي انهن تصويرن جو گهرائيء سان جائزو وٺي رهيا هئا ته انهن تي اهو راز کلو ته انهن اڻ ڄاڻائيء ۾ هڪ عظيم ۽ قديم شهر جون تصويون ٺاهيون آهن جيڪو هن وقت سمنڊ ۾ 40 ميٽرن جي اونهائيء ۾ موجود آهي. 2002ع ۾ ساڳئي هنڌ جي تفصيلي معائني کان پوء ٽيم حيرت ۾ وجھندڙ انڪشاف ڪيا.ٽيم مطابق پاڻي هيٺ موجود ان شهر جا کنڊرخشڪي تي هٿ آيل واديء مهراڻ جي قديم شهرن سان گھڻي هڪجهڙائي رکي ٿا.شهر ۾ اولمپڪس سوئمنگ پول سائيز جو هڪ ڍانچو موجود آهي جنهن جي چئني پاسين ان ۾ سيڙهيون لهن ٿيون.هڪ 200 ميٽر ڊگھو 45 ميٽر ويڪرو مستطيل پليٽ فارم به هٿ آيو آهي،اهڙيء طرح اناج رکڻ جو هڪ وڏو گودام به موجود آهي.انهن ئي ڍانچن ويجھو اهڙن مستطيل تهخانن جون قطارون آهن جيڪي لڳي ٿو ته گھرن جون پيڙهون رهيون هونديون.جڏهن ته انهن جي ٻاهران ڊرينيج سسٽم۽ ڪچين توڙي پڪين سرن جي ٺهيل گھٽين جا نشان به مليا آهن. هتان جيڪي شيون مليون آهن انهن ۾ پالش ٿيل پٿر جا اوزار، زيور،سينگار جو سامان،ڀڳل ٽٽل ٿانو،قيمتي پٿر، هاٿيء جا ڏند،ڪنهن انساني جسم جي فوسل جو ڪجهه حصو،انساني ڄاڙهي ۽ انساني ڏند وغيره به شامل آهن. ڪامبي ۽ واديء سنڌ جي ٻين شهرن ۾ هڪ فرق بهرحال پاتو وڃي ٿو. موهن جو دڙو ۽ هڙپا جهڙا شهر اوچتو نقل مڪانيء سبب پنهن جن رهندڙن کان محروم ٿيا ۽ بعد ۾ ويران ٿي ويا پر ڪامبي جو هي شهر هڪ طاقتور زلزلي جو نشانو بڻيو جنهن شهر کي رهاڪن سميت جيئري زمين ۾ دفن ڪري ڇڏيو.هزارين سال پوء جڏهن سمنڊن ڦهلجڻ يا سڪڙجڻ شروع ڪيو ته اهو هنڌ جتي شهر آباد هو پاڻي هيٺ اچي ويو.اهڙيء طرح شهر ۽ سندس تاريخ اٽڪل نو هزار سالن تائين انساني اک کان لڪيل رهي.بهرحال شروعاتي جاچ مطابق اٽڪل 7000 قبل مسيح ۾ جڏهن هي شهر پنهن جي سموري حسن ۽ جوانيء سان آباد هو، ان وقت سماج تبديلين ۽ ارتقا جو سفر شروع ڪيو هو.آثار قديمه جي ماهرن ان دور کي “نيو ليٿڪ يا نيواسٽون ايج ” جو نالو ڏنو آهي.اهو اصل ۾ شڪار ذريعي زندگي گھارڻ جي پڄاڻي ۽ هارپي جي شروعات جو زمانو هو.“هر” جي ايجاد زندگين ۾ وڏي تبديلي آندي ۽ ماڻهن ايترو ته اناج اپائڻ شروع ڪيو جيڪو پوري آبادي جون ضرورتون پوريون ڪري سگھيو ٿي، پوء آهستي آهستي انهن ئي شروعاتي آبادين هڪ مضبوط تهذيب جي صورت اختيار ڪري ورتي. ڪامبي جي گم ٿيل شهر جي باري ۾ ڀارت جي مشهور انگريزي رسالي “انڊيا ٽڊي” ۾ شايع ٿيل هڪ مضمون مطابق؛ فلسطين جي “جيريڪو ” نالي شهر ۾ انساني آبادي جا ثبوت موجود آهن جن جي چوڌاريء سرن سان ديوارون ۽ حفاظت لاء مينار اڏيل هئا.هندستان ۾ دريافت ٿيل هي شهر به دنيا جي قديم ۾ قديم آبادي آهي.ڪامبي مان ثابت ٿئي ٿو ته هندستان جي قديم رهاڪن ڪنهن ٻي تهذيب جي پيروي نه ڪئي پر تهذيب پاڻ ان زمين تي جنم ورتو.پر هڪ ڀارتي پروفيسر “لهري” موجب؛ اڃا به ڪيترائي سوال آهن جن جو جواب ڳولهڻ ۾ زمانو لڳندو.مثال؛ ڪامبي جا رهڻ وارا ڪير هئا،ڪٿان آيا هئا،اهي مقامي رهاڪو هئا يا ڪنهن ٻئي ملڪ مان هتي پهتا هئا؟ وغيره آرڪيالاجي سروي آف انڊيا جي اڳوڻي ڊائريڪٽر “ جگت پتي جوشي” مطابق؛ انهن سوالن جي جوابن سان انساني تهذيب جون اهي وڃايل ڪڙيون ملي وينديون جن جي ڳولا ۾ مورخ ۽ محقق سالن کان ڪوششون ڪري رهيا آهن.مورخن وٽ هن وقت واديء سنڌ ۾ جنم وٺندڙ تهذيب جي باري ۾ ڪجھ ڌنڌليون تصويرون ضرور موجود آهن ته ڪهڙيء طرح زراعت تي ڀاڙيندڙ قومن اوچتو ٽپو ڏيئي ڪيئن دنيا جا جديد ترين ۽ عظيم ترين شهر تعمير ڪيا. آثار قديمه جي ماهرن لاء کوٽائي دوران هٿ آيل شين مان ڪابه شيء آخري حرف نه آهي اهڙيء طرح ڪامبي جي دريافت تايخدانن ۽ ٻين ماهرن لاء نه رڳو دلچسپي جو سامان پيدا ڪيو آهي پر انهن ۾ گھڻو اختلاف به پيدا ڪري ڇڏيو آهي. ڪجھ سينئر عالمي ماهرن اهو سوال به اٿاريو آهي ته انسٽيٽيوٽ آف اوشين ٽيڪنالاجي انڊيا، ڪهڙن بنيادن تي ان شهر متعلق پنهن جي طرفان حتمي نتيجا جاري ڪيا آهن؟ اچو ته انتظار ڪيون ته ان گم ٿيل شهر جي باري۾ ايندڙ وقت ۾ ٻيون ڪهڙيون دلچسپ حقيقتون سامهون اچن ٿيون!