سمندر ويو سمنڊ ۾

'مختلف موضوع' فورم ۾ جميل احمد طرفان آندل موضوعَ ‏14 جولائي 2016۔

  1. جميل احمد

    جميل احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 آڪٽوبر 2012
    تحريرون:
    211
    ورتل پسنديدگيون:
    527
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڇهين ڪلاس ۾ پڙهندا هئاسين.ان وقت اسان جي ڳوٺ ٽنڊوسومرو ۾ برانچ مڊل اسڪول هو جن ۾ صرف ڇهون ۽ ستون ڪلاس پڙهايو ويندوهو.اٺين ڪلاس پڙهڻ لاءِ ٽنڊو الهيار وڃڻو پوندو هو.

    ڇهين ۽ ستين درجي جا سڀئي مضمون اڪيلو استاد محترم سائين محمد قاسم شيخ صاحب پڙهائيندا هئا.هن وقت سائين رٽائرآهن ۽ کين گوڏن جي تڪليف آهي،صحت به ٺيڪ نه اٿن ۽ وڏي عمرجي ڪري گھر کان ٻاهر ڪونه ٿا نڪري سگھن.الله سائين کين صحت نصيب ڪري.

    ڪٿي اهو دور جڏهن هڪ استاد مڊل ليول جا اڪيلو پڙهائيندا هئا،ڪٿي هينئرجو دور جو استادن ۾ مضمونن پڙهائڻ ۽ پيريڊن تي ڇڪتاڻ اڪثر اسڪولن ۾ ٻڌڻ ۾ ايندي آهي.
    وڌيڪ پڙهو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو