الوداع! الوداع! الوداع! اي شهيدِ سنڌ! بشير خان قريشي الوداع!فهيم فدا شورو سال 2012ع جي ستين اپريل جي اڀاڳي رات جو اسان سنڌ واسين کان هڪ اهڙي شخصيت رُسي پنهنجي حقيقي مالڪ سان وڃي ملي آهي جنهن جي اڻ مندائتي موت تي؛ سوين ماروئڙن جي اکڙين مان لڙڪ لاڙون ڪري لڙي رهيا آهن. هزارين سنڌي سٻاجهڙن جون اکيون آب هاري نير وهائي نُور نچوئي رهيون آهن. واديءِ مهراڻ جي ڪروڙين سنڌ واسين جي اميدن ۽ آسرن جا ڪاڪ محل ڀورا ڀورا ٿي پٽ پئجي ويا آهن. الوداع! الوداع! الوداع الوداع! اي بشير خان قريشي الوداع! تون ته قومپرستي جي ٻج ڇٽيندڙ، سنڌ جي عظيم انقلابي اڳواڻ جي. ايم. سيد جو پڪو معتقد ۽ سچو عاشق هئين. تون ته سامراجي قوتن لاءِ اکين ۾ مثل ڪنڊو بڻيل هئين. تون ته سنڌ جو آواز هئين. تنهنجي دکدائڪ الميي تي سنڌ ۽ سنڌ واسي ايامن تائين ماتم ڪندا رهندا. تو ته سنڌ امڙ جي عظيم فرزند جو فرض نڀائيندي سنڌ امڙ جي حقن جي حفاظت ڪئي هئي. تو ته سنڌ امڙ جي حقن جي حقيقي ترجماني ڪئي هئي. اي عظيم انقلابي اڳواڻ! اي هزارين دلين جي ڌڙڪن!! اي هزارين سٻاجهڙن جي اميد ۽ آسرا!!! اڄ تنهنجي اڻ مندائتي موت تي سنڌ ڌرتي بي يار و مددگار بڻيل آهي ۽ ڀٽائي جي نگري ۾ ريهون ۽ ڪِيڪُون ڪري ماتم ڪري پڪاري رهي آهي ۽ هر ايندڙ ۽ ويندڙ کي چئي رهي آهي ته؛ ما و مجنون همسبق بوديم در ديوان عشق او بصحرا رفت و ما در ڪو چها رسوا شديم اي منهنجا لاڏلا بشير!!! آئون سنڌ تنهنجي ليلا آهيان!!! ليلا!!! ۽ تون منهنجو مجنون هئين!!! مجنون!!! اي منهنجا پيارا مجنون! توکي ياد آهي نه،!!! پاڻ ٻئي محبت ۽ عشق جي سبق ۾ همڪلاسي ۽ ڌوڙي هئاسون.!! پوءِ... اڄ تون مون کان هميشه هميشه لاءِ ائين بنا ٻڌائيندي ڇو رُسي صحرائن ۽ بيابانن ڏي هليو وئين!!! ڇا توکي خبر آهي؟؟؟ تنهنجي وڃڻ پُڄاڻان تنهنجي ليلا هتي گهٽين ۾ ڪيتري قدر نه رُسوا ۽ ذليل پئي ٿئي...!!! نه آهي ڪو دودو!!! نه آهي ڪو هوشو!!! نه آهي ڪو هيمون!!! نه آهي ڪو ارڏو اڙٻنگ!!! جيڪو منهنجي رُٺل مجنون کي پرچائي مون ساڻ ملائي...! مون ساڻ ملائي...!! ها ها مون ساڻ ملائي....!!! تاثرات بمناسبت يوم شهادت بشير خان قريشي فهيم فدا شورو مسڻ وڏي بتاريخ 2012-04-07 ع بروز ڇنڇر بوقت 03:40 بجه منجهند