• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

1.3 ملين ڊالر جو دنيا جو سڀ کان مهانگو موبائل فون

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
سوئٽزرلينڊ جي هڪ مواصلاتي ڪمپني خالص سون سان تيار ٿيل Le Million نالي دنيا جو سڀ کان مهانگو ۽ بهترين موبائل فون ايجاد ڪيو آهي جنهن ۾ هيرا پڻ لڳل آهن. 1.3 ملين آمريڪي ڊالر واري موبائل فوج جا اڃان تائين صرف 3 سيٽ ٺاهيا ويا آهن ۽ وڌيڪ سيٽ نه ٺاهڻ جي ضمانت ڏيڻ کانپوءِ ان کي گينز بُڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ دنيا جو سڀ کان نرالو موبائل فون هجڻ جو درجو ڏنو ويو آهي.

Emmanuel Gueit جي ڊيزائن واري موبائل فون سيٽ کي ٺاهڻ ۾ 18 قيراط وائٽ گولڊ استعمال ڪيو ويو آهي جڏهن ته 20 قيراط جا هيرا پڻ هنيا ويا آهن. ان موبائل فون ۾ هڪ عام فون وانگر بليو ٽوٿ، 2 GB ميموري، ايف ايم ريڊيو، ڊيجيٽل ڪئمرا ۽ MP3 پليئر پڻ آهن. ان موبائل فون کي خاص آرڊر تي تيار ڪيو ويندو.
 
جواب: 1.3 ملين ڊالر جو دنيا جو سڀ کان مهانگو موبائل فون

ادا معلومات ڏيڻ لاء وڏي مهرباني اوهان جي۔ زبردست
 
Back
Top