• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هو پهريون مليو جو تو کان پيار پيارا ...

هو پهريون مليو جو توکان پيار پيارا
؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛
هو پهريون مليو جو توکان پيار پيارا وساريان نه وسري اهو پيار پيارا
تنهنجو ذوق ظاهر جڏهن يار ٿيو هو ڀڄي ڀور ٿي پيا ها زنجير سارا
سدان تنهنجي خوشين جي ويچار سوچن حياتي هجر جي طوفان توپن
وڙهي جنگ جوٽي ڏک ڏاڍ سان هئي اهي پل پيارا هيا نينهن نارا
زمانو به دشمن هيو تنهنجي سانگي پچر سڀ زبان تي هئي باه وانگي
ڏمريل ڏکن تي پڄريل هياسين نه وڻندا هيا تڏهن ٿڌا دل شوڪارا
اسان جو هي ناتو سڪ ساءَ جو هو اوهان جي ئي ڌاڳي سرچاءُ بس هو
نه وڻندي هئي هي حياتي اوهان بن اهي ڏينهن يادن اکين جا اشارا
من ماندو هاڻي اوهان جي فڪر ۾ رهي روح ۾ ٿي طلب تات تنهنجي
ملو جي وري هي اندر آس اڀري ڪري ٿي ناز نازڪ ورڻ لئه وارا

لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top