استاد اديب شاعر محترم لؤنگ خان عاجز ڀاڻو خادم گھراڻو ڪي اهڙا انسان به آهن جيڪي جڏهن هن فاني جھان مان هليا ويندا آهن ته انهن جو نالو ماڻهن جي دلين ۾ زنده رهندو آهي اهڙن لکين ماڻهن مان اسان جو پيارو استاد لؤنگ خان عاجز ڀاڻو به هڪ آهي سائين جن جو جنم سنڌ جي تاريخي شهر نصرپور ۾ 05 اپريل 1938 ع ٿيو ۽ وفا ت 29 اپريل 2005 ع ٿي جنهن جي حساب سان سائين جن جي عمر 67 سال هئي سائين جن بنيادي طرح پرائمري استاد هئا پاڻ 27 سال پرائمري ۾ ۽ ڊيپوٽيشن تي 17 سال هائي اسڪول نصرپور ۾ سنڌي جو سبجيڪٽ پڙهايو يعني سائين جن 44 سال سرڪاري نوڪري ۾ رهي علم جا گل نڇاور ڪندا رهيا ان بعد به سائين جن علم جو وکر ورهائڻ نه ڇڏيو هر علم جي پياسي جي مدد ڪندا رهندا هئا جنهن کي علم جي جنهن سڳنڌ جي گھرج هوندي هئي اها ان جي پوري ڪندا هئا . سائين جو جيون هڪ کليل ڪتاب آهي جنهن تي جيترو به لکجي اهو ٿورو آهي سائين جن وٽ پرائمري نه پڙهيو هوس پر جڏهن هائي اسڪول ۾ آياسين ته سائين جن سان ملڻ ٿيو سائين جن گرامر جا ماهر هئا لفظ جي ڪڏهن اشتقاق وارو هوندو هو ته ان جي اشتقاق ڪري ٻڌائيندا هئا . مون کي اها خبر نه هوندي هئي ته سائين هڪ بهترين ڪهاڻيڪار شاعر ناول نگار مضمون نگار هوندو هو . جڏهن آئون اٺين ڪلاس ۾ پهتس ته ان وقت آفتاب اخبار ۾ احمد خان شيخ ٻارن جو صفحو ٻارن جي ٻاري ماهوار گل ڦل ۽ امن اخبار ۾ امن ليگ نڪرندو هو . هڪ دفعي منهنجي لکيل ڪهاڻي ڇپي ته سائين جن کي خبر پئجي ويئي سائين جن مون کي گھرايو ته مون کي ڊپ وٺي ويو ته خبر نه آهي ڪهڙي غلطي ٿي آهي جڏهن سائين جن وٽ اسٽاف روم ۾ پهتس ته مون کان سائين جن هڪ شفيق والد جي نموني ڳالهايو اها اخبار گھري مون سائين جن کي اهو صفحو ڏنو سائين جن پڙهي مون ڏي مرڪي ڳالهايو ۽ چيو ته سٺو عمل آهي پر تعليم تان توجھه نه هٽائجان ائين آئون لکندو رهيس سائين جن رهنمائي ڪندا رهيا . 1985 ع اسان ڪجھه دوستن گڏجي شاهه لطيف رائيٽرز ڪلب کولي جنهن جي طرفان هڪ رسالو فوٽو اسٽيٽ سوجھرو پبليڪيشن ڪڍيو جنهن جو ڪاتب جيئند خان جھانگي هو . جڏهن سال پورو ٿيو ته اسان ان جي سالگره ملهائي سائين جن خاص مهمان هئا سائين جن مون کي چيو ته توهان کي سال جي رپورٽ پيش ڪرڻ گھرجي جڏهن پهريون دفعو اسٽيج تي آيس ته آئون ڏڪي رهيو هوس پر سائين جن منهنجي رهنمائي ڪئي اڄ آئون بي خوف اسٽيج تي ڳالهائي سگھان ٿو . سائين جن نه صرف اسان جي پر نصرپور مان جيڪي ٻيا رسالا دوست ڪڍندا هئا انهن جي به رهنمائي ڪندا هئا جنهن ڪري نصرپور مان هڪ ئي وقت ڪيترائي رسالا نڪرڻ لڳا ۽ ڪيترائي لکندڙ ادب جي ميدان ۾ آيا . جڏهن آئون پرائمري ٽيچر جي ٽريننگ ڪرڻ لاءِ حيدرآباد ويس ته سائين غلام حيدر سائين جن جي باري ۾ مون کان حال احول وٺندو هو . ان دوران اسان جا پريڪٽيڪل ليسن قاضي عبدالقيوم پرائمري اسڪول ۾ لڳا جتي جو هيڊ ماستر سائين محمد دائود بلوچ هو جيڪو هڪ سٺو ڪهاڻيڪار هو ۽ منصور پبليڪيشن سندن هئي جنهن ۾ ڪتاب شايع ڪندو هو . هڪ دفعي ائين ويٺا هئاسين ته منهنجي آفتاب اخبار جي صفحي مارئي ۾ هڪ ڪهاڻي لڳي اسان دوست پارڪ ۾ هڪ ٻئي سان ڪچهري ڪري رهيا هئاسين ته سائين اوچتو ٻاهر نڪتو اسان کان ليسن هلائڻ جو پچيو اسان چيو ته سائين اسان ليسن هلائي ڇڏيا آهن اتي هڪ دوست اوچتو رڙ ڪري چيو خادم پنهنجي پاڻ تي ڪهاڻي لکي اٿئي ڇا ته سائين يڪدم چيو ته ڪنهن ڪهاڻي لکي آهي دوستن منهنجي باري ۾ ٻڌايو سائين مون کي آفيس ۾ گھرايو مون کان پڇيو ته ڪٿي جو آهين مون پنهنجي شهر جي باري ۾ ٻڌايو ته سائين جن رڳو سائين لؤنگ خان ڀاڻو جي باري ۾ پڇيو جڏهن به اتي ويندا هئاسين سائين جي باري ۾ پڇندو هو هڪ دفعي مون کي چيائين ته سائين جن لکن پيا يا نه جنهن تي مون سائين جن کي چيو ته سائين مون کي خبر نه آهي ان تي سائين جن چيو ته عاجز ڀاڻو وڏو نالو آهي سائين هڪ سٺو ڪهاڻيڪار ناول نگار آهي شاعر آهي جڏهن مون سائين جي زبان مان اهو ذڪر ٻڌو ته مون کي محسوس ٿيو سائين جو هيترو نالو آهي پوءِ به اسان کي خبر نه آهي ائين وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو ويو آخري ڏينهن تي جڏهن ٽريننگ ڪاليجھ مان رليو ٿي رهي هئاسين سائين جن مون کي گھرايو هڪ بنڊل مون کي ڏنو ته هي محترم لؤنگ خان ڀاڻو کي منهنجي طرفان ڏجو ۽ ٻه کن ڪتاب مون کي به ڏنا . جڏهن اهو گفٽ مون سائين جن کي ڏنو ته سائين جن ڏاڍا خوش ٿيا . سائين جن پنهنجي ڪنهن به شاگرد کي آخري دم تائين نه وساريو جڏهن سائين جن ملندا هئا ته شفقت جي ڀاڪرن ۾ ڀري حال احوال ڏک سور خوشيون سڀ پڇندا هئا . بس سائين تي دل چوي ٿي ته دوستن سان ملي هڪ ڪتاب لکي ڇڏيان مطلب ته سائين هڪ اهڙو هيرو هو تعليمي ميدان جو ادبي ميدان جو جنهن تي جيترو به لکجي اهو ٿورو آهي . هتي هڪ ڳالهه ضرور چوندس ته سائين جي پوٽي مظهر ڀاڻو کي سائين جو مواد گڏ ڪري ڇپائڻ گھرجي جيئن دنيا کي خبر پوي ته نصرپور ۾ ادب جي گلدان ۾ هڪ سهڻو گل هو جنهن جي سرهاڻ اڄ به واسجي پئي