ڪجھ سنڌ سلامت ڪتاب گهر متعلق مشورا

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ فقير بخت شر طرفان آندل موضوعَ ‏15 جولائي 2016۔

  1. فقير بخت شر

    فقير بخت شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    151
    ورتل پسنديدگيون:
    210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    منهنجي جڏهن سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي نگاه پئي دل بهار بهار ٿي وئي بهرحال زور شور سان ڪتابن کي ڏسڻ شروع ڪيم. ڪتاب ڏسڻ کان پهريون ڪتاب گهر جي ترتيب ڏٺم جيڪا مون کي عجيب لڳي موضوعات کي ڪهڙي بنياد تي مرتب ڪيو ويو آهي مون کي سمجه ۾ نه آيو الف ب واري ترتيب واري بنياد تي ته نه آهي باقي موضوعات جي اهميت جي بنياد تي هجي ائين به نه آهي ان ڪري جو ان حساب سان به پهريون مذهب اچڻ گهرجي نه شاعري. پوءِ مون کي شڪ ٿيو ته سنڌين وارو ته طريقو نه آهي يعني مڙئي جان ڇڏاءِ وارو اصول. بهرحال اهڙو شڪ ته نه ٿو ڪري سگھان ان ڪري جو دوستن جي بي نهايت محنت ٿيل آهي خداوند متعال انهن کي زندگي جي هرموڙ تي مدد فرمائي .
    ان ڪري گذارش آهي ته ان جي ترتيب کي مناسب طريقي ۽ لائبريرين جي اصول مطابق مرتب ڪيو وڃي ته جيئن محققن کي تحقيق دوران وقت جي بچت ٿئي
     
  2. فقير بخت شر

    فقير بخت شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    151
    ورتل پسنديدگيون:
    210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    دوستن کي عرض آهي ته جيڪي به سنڌي ۾ ڪتاب لکيا ويا آهن انهن کي هن ڪتاب گهر ۾ شامل ڪيو وڃي جيڪڏهن اصل ڪتاب نه ملي ته گھٽ ۾ گھٽ ان متعلق هڪ صفحه تي مشتمل معلومات ته ان جو موضوع ۽ ان متعلق بحث ڇاڇا ٿيل آهي ته جيئن دوست ان ڪتاب مان به فيض حاصل ڪن ان سان نون موضوعن جي ڄاڻ به حاصل ٿيندي ۽ جيڪڏهن گھربل موضوع پنهنجي ٻولي ۾ ملن ته ٻين ٻولين جا ڪتاب ڇو خريد ڪجن
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ادا مهربانيون صلاحون ڏيڻ جون.. :)
    ادا ائين ته هزارين ڪتاب آهن، سڀني ڪتابن جا عُنوان ۽ انهن جو تعارف رکنداسين ته ماڻهون ڪِتاب مڪمل اپلوڊ ڪرڻ جو چوندا، انڪري جيڪي مڪمل ڪتاب مِلن پيا اپلوڊ ڪريون پيا..

    ڪتاب گهر متعلق وڌيڪ صلاحن تي عمل ڪرڻ لا ڪتاب گهر جي چِيف لائبريرين ۽ فورم جي مئنيجنگ ايڊيٽر سائين سليمان وساڻ جَن کي ٽيگ ڪريون ٿا ۽ پِڻ سائين ذيشان رشيد جَن کي به ٽيگ ڪجي ٿو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. فقير بخت شر

    فقير بخت شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    151
    ورتل پسنديدگيون:
    210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    سائين مهرباني جواب ڏيڻ جي
    پر هتي گھٽ ۾ گھٽ اهم ۽ مهم واري اصول تي ڪتابن بابت معلوم ڏيو ته ڀلي ڳاله آهي نه ڪه هر ڪتاب جو تعارف ڪرايو.
    لک لائق
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    انتهائي مسرت ٿي ته اوهان ڪتاب گهر جو بغور جائزو ورتو ۽ پنهنجي مفيد راين کان آگاه ڪيو. ادا اسان ڪتابن جي درجه بندي ڪتابن جي تعداد جي حساب سان ڪئي آهي يعني جنهن موضوع تي ڪتاب وڌيڪ هوندا اهو موضوع سڀ کان پهريان ايندو جو ان کان علاوه اسان لاءِ ڪو پيمانو نه هئو ته ڪهڙي موضوع جا ڪتاب اڳ ۾ رکجن.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. فقير بخت شر

    فقير بخت شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    151
    ورتل پسنديدگيون:
    210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    مهرباني سائين لک لائق پر منهنجي نظر ۾ ڪتاب گهرن تي جمهوريت جا اصول استعمال نه ڪيا وڃن جنهن جا ووٽ گهڻا اهو... بلڪه موضوع جي اهميت يا الف ب جي ترتيب کي مد نظر رکي مرتب ڪيو وڃي ته بهتر آهي ان سان هر ڪنهن کي ترتيب سمجه ۾ ايندي جي نه ته هر ڪو مون وانگر پيو سوال ڪندو ۽ مونجهاري جو شڪار ٿيندو وڌيڪ راز جا راڻا توهان آهيو
    سڀ سنڻائي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عبدالغفار مگسی

    عبدالغفار مگسی
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏15 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    13
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    گهوٽڪي
    فقير بخت صاحب جا لک لائق جن ڪتاب گهر تي نظر ڪئي ۽ پنهنجي مفيد راين کان آگاه ڪيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو