• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٿيو ڳچ ڏينهن ڳڻتين ۾ وري ٿيا شام شوڪارا ...

ٿيو ڳچ ڏينهن ڳڻتين ۾ وري ٿيا شام شوڪارا
؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛
ٿيو ڳچ ڏينهن ڳڻتين ۾ وري ٿيا شام شوڪارا
سڄڻ توکي سنڀاريندي رئن ٿا نيڻ ويچارا
اوهان وٽ سو بهانه هن نٽائڻ جا لنوائڻ جا
اسان وٽ تانگه هڪڙي آ تن ۾ تو لئه تاسارا
اوهان کي ڪين سونهين ٿو رکي ياري ٿيو عاري
اسان جي دل مگر تو لئه هڻي ٿي پئي اڃا نارا
اوهان جي سونهن صورت کي رکيو آهي اکين پوري
رهو بس سانت سان اتڙي نه ڏيو ڪي مونجه مونجهارا
لکيل دل تي اوهان جونانءُ نه ڪي سمجهو لکيل واري
سدائين ياد تنهنجي سان گذاريون پل اسان پيارا

لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top