عاشق سولنگي
سينيئر رڪن
مارٽن ڪوپر ڪو مشهور نالو ناهي پر دنيا جي اڌ کان وڌيڪ آبادي سندس ايجاد کان واقف آهي. فون هٿ ۾ کڻي گهمڻ جو خيال سندس ذهن ۾ پهريون ڀيرو آيو جنهن کانپوءِ موٽورولا جي ٽيم جي تعاون سان مارٽن ڪوپر 1973ع ۾ پهريون هينڊ ٽيليفون ايجاد ڪيو جنهن جو وزن 2 ڪلوگرام هو.
نيويارڪ جي هڪ روڊ تي جڏهن مارٽن ڪوپر هينڊ فون جي ذريعي پهريون ڀيرو ڪال ڪئي تڏهن مارٽن ڪوپر سوچي ڪونه سگهيو هوندو ته سندس ايجاد ايتري عام ٿي ويندي. هاڻي سڄي دنيا ۾ اهڙين صنعتن جو ڄار وڇايو ويو آهي جيڪا موبائل فون جون مختلف ٽيڪنالاجيز جي بنياد تي هلنديون آهن.
1983ع ۾ هڪ موبائل فون جو مُلهه 40 هزار ڊالر هو جيڪو ڊالر جي هاڻوڪي شرح جي حساب سان 10 هزار ڊالر آهي. ڪوپر ٻڌايو آهي ته سندس ٽيم جي لاءِ سڀ کان پهريون مسئلو هزارين وڏن پرزن جو سائيز گهٽائڻ هو.
ان جديد فون جو دراصل هڪ وڏو حصو ان جي بيٽري تي مشتمل هو ۽ ان بيٽري جو وزن باقي فون جي مقابلي ۾ 4 کان 5 سيڪڙو وڌيڪ هو. ان بيٽري جي زندگي صرف 20 منٽ هئي پر اِهو ڪو تمام وڏو مسئلو ڪونه هو ڇاڪاڻ ته فون جو وزن ايترو هو جنهن کي ڪو به ماڻهون گهڻي دير تائين ڪن سان هڻي ڳالهائي نه سگهندو هو.
موبائل فون ايجاد ڪرڻ کانپوءِ هڪ وڏو مرحلو اِهو هو ته ان دور ۾ گاڏين ۾ موجود فون لاءِ گهربل نظام کي بهتر ڪيئن بڻايو وڃي ته جيئن هو موبائل فون جو وزن سهي سگهي. ان وقت سڀ کان وڏو چئلينج اِهو هو ته اهڙو نيٽورڪ يا نظام ايجاد ڪيئن ڪيو وڃي جيڪو 3 ميگا برٽز يا پنج ٽي وي چئنلز جي برابر هڪ قوس ٺاهي ۽ جيڪو ان دور جي ضرورت موجب سڄي دنيا ۾ ڦهلجي سگهي.
مارٽن ٻڌايو ته پهريون موبائل فون ايجاد ڪرڻ لاءِ موٽورولا ڪمپني اٽڪل 10 لک ڊالر خرچ ڪيا. هن ٻڌايو آهي ته سندس ٽيم کي اُميد هئي ته هڪ ڏينهن هر ماڻهون وٽ پنهنجو موبائل فون هوندو. مارٽن چيو آهي ته کيس اندازو ڪونه هو ته صرف 35 سالن ۾ دنيا جي اڌ کان وڌيڪ آبادي وٽ پنهنجو موبائل فون هوندو.
جديد ٽيڪنالاجي ذريعي هاڻي صرف ڪال ڪرڻ کان علاوه ميڊيا پليئر، ويب برائوزر ۽ ڪئمرا به موبائل فون ۾ موجود آهن.
بي بي سي جي ٿورن سان