سماجي براين جي ڀرمار آ...

سماجي براين جي ڀرمار آ
؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛

سماجي براين جي ڀرمار آ نه ڪي هونش آ نه انڪار آ
سڀئي دوست دلبر نه ڪنهن کي ڪا خبر جتي ٿيو سڀ بيڪار آ ...

سڀئي شوق پنهنجي ۾ ظاهر ذوق ٿيا هن
نه آ عاقبت هت خواهش جي زحمت گناهن جو وڌيو بار آ

نچائي ڪڏائي ڪري قهر ڪيڏا اڀ جي ته جيڏا
نئين ناري اڌرات بغل ۾ ڪري ٿو اها هن جي ڪرت ڪار آ

پيئي ٿو شرابون زنا ڀي ڪري ٿو ٻڏي نه مري ٿو
سماجي نه آ سوچ بدڪار بيحد ڪري ڏوه ٿي پيو گنهگار آ

هي مغرور ناسور نڀاڳو نٻل آ گناهن رڌل آ
پتو پوءِ پوندو هتي جو نه هوندو قيامت جو آثار آ



لبستم دائودپوٽه
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
لفظن جي اصلاح
هونش _هوش
بگل _ بغل
زنان_ زنا
ڪهر_ قهر
گنهگار _ گنهڪار . البته ٻئي استعمال ٿيندا آهن پر گنهڪار صحيح آهي هي فارسي لفظ جنهن جو اصل گناه ڪار يعني گناه ڪندڙ آهي
معافي جو طالب.
 
سائين قطع ڪلامي
اصل هونش آ ....هوش نه
بغل ،زنا ،قهر صحيح اشارو آ
باقي گنهگار ئي استعمال ۾ رهيو آ پوري ادب ۾ ....تڏهن به ڌيان ڪري معلومات ڏيڻ جي مهرباني لک لائڪ ...ادا
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
سائين اصلاح ڪرڻ جي مهرباني مون صرف لفظن جي اصلاح ڪئي جيڪا مون کي سمجه ۾ آئي باقي مون کي قڀئي ڪلامي بابت معلومات نه آهي ۽ اتي بجائي هوش جي هونش ڇوٿو استعمال ٿئي ان جا ڇا قاعده قانون آهن ان بابت ڄاڻ نه آهي.
 
Back
Top