سنڌي ڪتابن کي گوگل پلي تي آڻيندڙ راجا ساند ڪچهري سهيل ڪنڀر (روزاني سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد، خميس 23 جون 2016ع) دنيا هر قدم اڳتي کڻي ترقي ڪندي رهي ٿي، هر روز نيون نيون سائنسي شيون متعارف ڪرايون پيون وڃن، جڏهن ته ماڻهو اهڙو مصروف ٿي ويو آهي جو اڄ ڪلھ ڪتاب پڙهڻ جو رجحان گهٽجي رهيو آهي، اڳ ۾ ڪتابن جي دنيا سان چاھ رکندڙن لاءِ سوشل ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا مرڪز بنجي وئي آهي. ڪتاب پڙهڻ وارن نوجوانن وٽ موبائيل فونن ۽ ڪمپيوٽر تي سوشل ميڊيا ۽ خاص طور فيس بوڪ تي وقت گذارڻ پسنديده مشغلو بنجي ويو آهي. جنهن سبب گهڻي تعداد ۾ لائبريريون بند ٿي ويون آهن ۽ گهڻيون لائبريريون ويران نظر اچن ٿيون. سنڌ جي ماضي ۾ علمي ادارن ۽ ڪتب خانن جي وڏي اهميت هتان جي پڙهندڙن جي طلب سبب ئي هئي پر وقت جي پلٽي اسان جي آسپاس ڪتابن سان لڳاءُ رکندڙن جو انگ گهٽائي ڇڏيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ترقي ڪندڙ قومن وٽ حالتن جو جائزو وٺي وقت ۽ حالتن پٽاندڙ وک وڌائڻ سان ئي قوم ۽ سماج کي جٽادار ترقي لاءِ ڪي وڙ آڇي سگهجن ٿا. ان ئي سلسلي جي ڪڙي طور ٿر جي تاريخي طور علمي ۽ صنعتي شهر ڍورونارو ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ عبدالقدوس ساند ۾ جنم وٺندڙ راجا ساند پنهنجي علم ۽ فن کي سنڌي ادب ۽ ٻولي لاءِ ڪتب آڻيندي سنڌي ٻولي جا انتهائي اهم ڪتاب دنيا جي ڏورانهن علائقن تائين پهچائڻ لاءِ گوگل پلي اسٽور تي ائنڊرائيڊ اپليڪيشنز ۾ ترتيب ڏئي، مختلف سنڌي ڪتاب گوگل جي ڄاڻايل اپليڪيشنز تي دنيا جي هر ملڪ جي رهواسين لاءِ رکيا آهن، جنهن سان تيزي سان ڊوڙندڙ دنيا ۾ ادب ۽ علم سان چاھ رکندڙن لاءِ مختلف ڪتاب آساني سان دستياب ٿي رهيا آهن. جنهن سان سنڌ کان ٻاهر رهندڙ سنڌين لاءِ به مختلف ڪتابن تائين رسائي آسان بنجي وئي اهي. راجا ساند سان ڪيل ڪچهري دوران معلوم ٿيو ته هو گذريل ٽن مهينن دوران 20 کان وڌيڪ سنڌي ڪتابن کي جديد اپليڪيشنز تي رکي چڪو آهي ۽ ان سلسلي جو پهريون ڪتاب 12 فيبروري 2016ع تي پبلش ٿيو هو ۽ ٽن مهينن جي مختصر عرصي ۾ هن پاران اپلوڊ ڪيل اپليڪيشنز جو انگ 20 ٿي چڪو آهي. جڏهن ته نوجوان شاعر اشرف پلي جو شعري مجموعو ”جوڀن پهريان ڏينهن“، حليم باغي جي شاعري جو مجموعو ”اڙي شهر جانان!“، ڪالم نگار خالد ڪنڀار جي ڪالمن جو مجموعو ”گودڙي“، اياز عمراڻي جي شاعري ”لکاڪي ۾ چنڊ“، عيسيٰ ميمڻ جو ”سياست، تاريخ ۽ ڪردار“، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي جو سفرنامو ”لطيفي سئر“، حاجي احمد ملاح جو ”سوره ياسين“ جو منظوم سنڌي ترجمو، اڪبر لغاري جو ”سنڌي ادب جو مختصر جائزو“، عبدالواحد آريسر جي مختلف ڪتابن ”ٿي نه محبت مات“، ”نئين دور جا نوان چار درويش“، ”ويراڳي جي وڃڻا هئا“، ”اميد جو قتل“، ”سنڌي سماج جو جائزو“، ”چانڊوڪيون ۽ چيٽ“ کان علاوه ڳچ ڪتابن تي اڃا ڪم هلي رهيو آهي، جنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته راجا ساند جي ڪاوشن سان سنڌي ادب جو ڪافي ذخيرو نه صرف محفوظ ٿي ويندو، بلڪ عام ماڻهو کي آساني سان دستياب به ٿي سگهندو. راجا ڄاڻايل فن سکڻ جي حوالي سان ٻڌائي ٿو ته هنڪمپيوٽر جي ڊپلوما جو ڪورس ته حيدرآباد جي هڪ سينٽر مان ڪيو پر اينڊرائيڊ اپليڪيشنس جي باقاعده سکيا ڪنهن به فرد کان نه ورتي. ان سلسلي ۾ سڄي سکيا انٽرنيٽ جي ذريعي پاڻمرادو حاصل ڪئي ۽ ان تي تجربا ڪندي دسترس حاصل ڪئي. انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ادب جي مستقبل بابت راجا ساند جو چوڻ آهي ته ڪافي دوستن اهو چيو آهي ته موجوده دور سائنس جو دور آهي موجوده صدي جي آخر تائين ادب جي فرضي دنيا جو وجود ختم ٿي ويندو، خاص ڪري شاعريءَ جو. پر ڏٺو وڃي ته سائنس جي وجود جو ادبي تخليق تي ڪوبه اثر ناهي ٿيو. ساڳيو ادب پنن تان نڪري انهي ئي انفارميشن ٽيڪنالوجي جي مدد سان اسڪرين تي آيو آهي. راجا ساند اميد جو اظهار ڪندي چوي ٿو ته ڪتابن جي باري ۾ ته خبر ڪونهي پر هنن اپليڪيشنز جي هن وقت تائين، صرف ٽن مهينن ۾، دنيا جي 60 کان مٿي مختلف ملڪن ۾، ڊائونلوڊنگ جو انگ 6000 کان ٽپي چڪو آهي ۽ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته دوست اڃا به ڪتاب پڙهڻ سان دلچسپي رکن ٿا. هو چوي ٿو ته هڪڙا مخصوص صنفن تي پنهنجو ڪم ڪن ٿا. جيئن سنڌي لينگويج اٿارٽي ۾ ٻولي تي ڪم ٿئي ٿو. يا سنڌ سلامت جي دوستن جي ٽيم ڪمپيوٽر تي ٻولي ۽ ادب جي لاءِ جاکوڙي رهي آهي، انهن جو ڪم بهتر اهي. انفارميشن ٽيڪنالاجي جو، مون کي، اهڙو ڪو به ادارو نظر ۾ ڪونهي جيڪو جديد موبائيل تي ادب جي واڌاري جي لاءِ ڪم ڪندو هجي.جڏهن ته ۽ ذاتي مصروفيتن جي ڪري به آئون ڪنهن اداري سان سلهاڙجي نه پيو سگهان. راجا ساند جي ڪم جي حوالي سان سندس سامهون ايندڙ رڪاوٽن بابت جڏهن معلوم ڪيو ويو ته هن چيو ته شروع ۾ ڪجھ رڪاوٽون هيون، جو پلي اسٽور تي اپليڪيشنس کي پبلش ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن اڪائونٽ جو نه هئڻ. گوگل پلي اسٽور تي پبلشر جو اڪائونٽ ٺاهڻ جي لاءِ ڪجھ في مقرر ٿيل آهي، جنهن جي لاءِ ڪريڊٽ ڪارڊ ضروري هوندو آهي. ان جي نه هئڻ جي ڪري منهنجون شروعاتي ٺاهيل اپليڪيشنون ٻن سالن تائين بنا ڪنهن آن لائين اسٽور جي مختلف اڪائونٽس تان دوستن سان شيئر ٿينديون رهيون. پر پوءِ ڪنهن دوست جي مهرباني ٿي ۽ منهنجو پبلشر اڪائونٽ ٺهيو ته ان تي اپليڪيشنون پبلش ٿينديون ويون. جيڪي اڄ اوهان جي سامهون آهن. هن ڪم کي بهتر بنائڻ لاءِ حڪومتي سطح تي ڪنهن اپاءُ بابت راجا ساند چوي ٿو تهحڪومت جيڪڏهن سنجيده ٿي پنهنجي ٻولي جي ادب کي هميشه جي لاءِ محفوظ ڪرڻ گهري ٿي ته کيس اهڙا ادارا کولڻ گهرجن جيڪي سنڌي ادب کي ڪمپوز ڪري انٽرنيٽ تي رکن، انهي سان نه صرف اسان جي ادب جو وسيع مواد هر وقت هر جڳھ تي موجود هوندو بلڪ اهي دوست جيڪي هن ملڪ کان ٻاهر رهن ٿا ۽ جن تائين ڪتابن جي پهچ ناهي، اهي به پنهنجي ادب کي آساني سان پڙهي سگهندا. راجا ساند جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين ڪيل ڪم تي منفي انداز ۾ موٽ اڃا تائين ته ڪنهن به ناهي ڏني. جڏهن ته سڀني دوستن، اديبن، ليکڪن، سول سوسائٽي جي ماڻهن هن ڪم کي ساراهيو آهي ۽ منهنجي همٿ افزائي پڻ ڪئي آهي. دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ سنڌي دوستن جا حوصله افزائي وارا ميسيج منهنجي هن ڪم کي جاري رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا رهيا. خاص طور سنڌي لينگويج اٿارٽي جي آئي ٽي اسپيشلسٽ، منهنجي محسن، جنهن کي آئون پنهنجو آئيڊيل سڏيندو آهيان، محترم امر فياض جن منهنجي هن ڪم مان ڪافي سرها آهن ۽ منهنجي هن ڪم کي سٺي موٽ ڏني اٿن. سائين هر وقت منهنجي رهنمائي ڪندا رهن ٿا. ڌڻي در دعا آهي سائين امر تي صحت ۽ عمر جي رحمت فرمائي ته جيئن اسان سائين مان مستفيض ٿيندا رهون.
جديد دور جي تقاضائن کي ذهن ۾ رکندي اوهان سنڌي ادبي ڪتابن کي انڊرائيڊ اسٽور تي رکي واقعي سٺو ڪم ڪيو آهي. جس لهڻو
جديد تقاضائن جي مطابق ڪتابن کي پلي اسٽور تي آڻي هرڪنهن جي پهچ سولي ڪرڻ لاءِ اوهان کيرون لهڻيون ...پر هي منزل ناهي....اڃا بہ اڳتي_____ اڃا بہ اڳتي...پنهنجي قوم لاءِ ڪجھ اهڙو ڪريو جو صدين تائين گونجار هجي.........