• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وڏو آهي اهو ارمان...

وڏو آهي اهو ارمان
؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛
ائين ئي نفس خواهش ۾ ٿيو انڌو آهي انسان
وڌائي بي حيائي ٿو لچو لوفر ٿيو حيوان
ڪنو ماحول ٿي ويو آ بڇڙاين جي آ ڀر مار
نه عزت آ بچي هتڙي هي مغرب جو آهي احسان
نه لڄ ڪنهن وٽ رهي آخر حيا ڀي موڪلائي ويو
اهو هي بيوڙو بت ٿيو ۽ غيرت ۾ وجهي فقدان
چئي ڪهري هي ڪوٽن کي جا عزت آ اسان جي اوٽ
نه ڪلمو آ پڙهيو هن يار نه پڙهيو ڇا چئي قرآن
محرم غير سڀ گڏجي ڪري ٿو ڪاڄ قربت جا
وڃائي عاقبت پنهنجي ٿيو شر آ وڏو شيطان
حيا کي بي حيائي ۾ ٿو بدلي هي بندو بي حد
اگهاڙا انگ ناريءَ جا ڪري هر هر ڏسي نادان
هن جي موضوع ۾ آ رنڊي وئيشيا وڻي هن کي
پليتن سوچ کي پاپي وڌائي ٿو ٿئي ارمان
چئي آزادي هي جنهن کي اها معصوم خاري ٿي
اها عورت جا هئي عزت نه آ ڪا آبرو عنوان
ڪري ٿي مختصر ڪپڙاوجود سڀ کي ڏيکارڻ لئه
نچي ٿي ناچ وجهي ڀاڪر فلمي هي آهي فرمان
سڄو ماحول ميرو ٿيو سوين ناريون نچائيندي
وري هو سونهن راڻي جي بهاني ڌمچر وڏا دهمان
وڌائي سوچ چڪلن جي ڪري آزادي جون ڳالهيون
بازارون ڀيڙ ۾ ڀريل جتي غيرت نه ڪو امڪان
خدائي ٿي پريشان وئي هي ڪهڙي خلق خلقي آ
نه جنهن وٽ آبرو آهي نه جنهن وٽ خوف آ رحمان
کائي سوئر وئي غيرت نه هاڻي ڪو گمان آهي
رهو سڀ ماٺ ۾ ماڻهو آ سيڪيولر اهو سامان
مندايون سڀ وڌائڻ لئه هتي ميڊيا به مرڪي پئي
جنهن جي پاسي هو ڀاڙِي ٿيو آهي وري بي مان
نانگو نچي عزت بچي اها ڪا ڪهاوت پڙه
سڄو ماحول ميت ٿيو دنيا ٿي قبرستان ....
وڏو آهي اهو ارمان وڏو آهي اهو ارمان

لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top