واشنگٽياڻين سان پهرين ملاقات......

'مختلف موضوع' فورم ۾ گورڌن ولاسائي طرفان آندل موضوعَ ‏20 جولائي 2016۔

  1. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    جون 2016 ۾ واشنگٽن، آمريڪا ۾ ورلڊ بينڪ جي هيڊڪوارٽر ۾ منعقد ٿيل هڪ ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ۽ پنهنجو تحقيقي مقالو پيش ڪرڻ جو موقعو مليو. دوستن جي زور ڀرڻ تي ڪجهه حال احوال ڪجن ٿا. جيڪڏهن ڪنهن به دوست کي ذرو به منهنجي ڪنهن به ڳالهه، ڪم، چوڻي يا آرڪاڻن سان اختلاف آهي يا پسند نه آهي ته آئون هن پوسٽ کي ڊيليٽ ڪرڻ جو پورو حق رکان ٿو. تنقيد ٻي ڳالهه آهي، ناپسنديدگي ٻي شئي آهي.

    واشنگٽن جي ڊيولس ايئرپورٽ کان ٻاهر ايندي بس ۾ چڙهيس بس جي ڊرائيور هڪل ڪئي متان پنجاهه ڊالر مشين ۾ وڌا اٿئي جو بقايا ڏيڻ وارو حساب ڪتاب هن گاڏي ۾ آهي ئي ڪونه؟ پڇيم ته ٻڌاءِ ته پوءِ پئسا کُلا ڪٿان ڪرايان؟ ڪو دڪان وغيره؟ چيائين ڳولهه ڪٿي اندر ايئرپورٽ ۾ پر آهي مشڪل. هڪ ڏاڏي ڪنن ۾ هيڊ فون تي گانا ٻڌندي مستي ۾ وئي پئي، اشاري ۾ پڇيو مانس ته 50 ڊالر کُلا اٿئي، بس کي ڪرايو ڏيڻو آهي. ڪنڌ سان نهڪار ڪري مون واري بس 5A ۾ چڙهڻ لڳي. آئون ان دوران ايئرپورٽ ڏانهن ڪنهن دڪان جي ڳولا لاءِ روانو ٿي رهيو هئس ته پويان ڊوڙندي آئي ۽ پنجاهه ڊالر کُلا ڏنائين. وري به بس جو ڪرايو ٿيو پئي 7 ڊالر، مشين منهنجا 3 ڊالر واپس نه ڏنا...... بس ۾ پاسي ۾ ويٺل هن جهوني نقشو ڏسندي مون کان پُڇيو ته پنهنجي آخري اسٽاپ نقشي ۾ ڪٿي آهي؟ مون کيس ڏس ڏنو ته اجهو هتي...... وري پُڇيائين ته اُتان وائيٽ هائوس ڪيئن وڃبو؟ مون چيو ته مون وٽ سامان آهي نه پنڌ وڃي سگهجي ٿو، ڏس ڏنم ته هن رستي تان وڃبو. ڏاڍي خوش ٿي ۽ مون پڇيائين ته ڇا توهان هتي واشنگٽن ته ڇا پر آمريڪا به پهريون دفعو آيو آهيان، پاڪستان مان. پوءِ سُٺو حال احوال ورتائين. ڪانفرنس ۽ پنهنجي ريسرچ جو به ٻڌايم ته اڃان وڌيڪ خوش ٿي. چيائين جيڪڏهن فري ٽائيم هُجي ته هي وٺ ٻه پاسون، هڪ سينيٽ ۽ هڪ هائوس آف ريپريزينٽيٽوز جي 2016 واري اجلاسن جي، ضرور وڃجان.

    خير بس ۾ چڙهي لافينٽ پلازا اسٽيشن تي اچي لاٿو، اُتان وري ڦڪي رنگ واري ميٽرو ٽرين ۾ چڙهي ڪنوينشن سينٽر وڃڻو. اسٽيشن مئنيجر کي چيم ته سمارٽرپ ڪارڊ وٺڻو آهي. وري مسئلو ٿيو کُلن پئسن جو! ڇاڪاڻ ته هتان واري مشين به 50 ڊالرن ڀرڻ ۽ 56 ڊالرن جو هفتيوار رعايتي ٽڪيٽ ڪٽي به بقايا واپس نه ڪندي..... ڏيو منهن! پاڪستان ۾ ته رڳو کُلا ئي کُلا پئسا هوندا هُئا، هتي ته مسئلو ٿي پيو. هڪ مائي آئي پئي پڇيم ته کُلا اٿئي 50 ڊالر؟ چيائين ته هي وٺ منهنجو رعايتي ڪارڊ، اڄوڪو ڏينهن فري اٿئي، باقي پوءِ ضرورت پوئي ته لوڊ ڪرائجان. مون چيو نه، نه، مون رڳو کُلا کپن. زور ڀريائين ته في الحال هن مان ڪم هلاءِ بعد ۾ پيو لوڊ ڪرائجان.

    پهرين ڏينهن ئي 3 مختلف ماڻهن (ماين) سان حال احوال ٿيو، ٽئي ڄڻيون ٿورو ڪري ويون..... ثابت ٿيو ته سُٺا ماڻهو هميشه منهنجو پيڇو پيا ڪندا آهن. هتي به لڳي ٿو ته ايئن ئي آهي.......
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Mujeeb Rehman

    Mujeeb Rehman
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جون 2016
    تحريرون:
    35
    ورتل پسنديدگيون:
    58
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Givt.Employee
    ماڳ:
    Dadu
    سائين سٺا ماڻھون هر مشڪل ۾ ايندڙ ماڻھونءَ سان ايئن ئي پيش ايندا آھن ڇو ته اهيو ئي آھي انسان.جيڪو اسان وٽ گهٽ لڀي ٿو.
     
  3. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    اوهان جو چهرو ئي اهڙو معصوميت وارو آهي. جو......... هههه
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو