• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسان دودا اسان جوڌا.....

اسان دودا اسان جوڌا ڦٽي هون پاڻ ۾ نسريا
؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛
اسان دودا اسان جوڌا ڦٽي هون پاڻ ۾ نسريا
اسان ۾ اوج آيو آ اسان ظالم لئه هون اسريا
متان منزل جي دوريءَ تي ٿئين دلگير دلبر تون
ڀلي هي پنڌ واريءَ جا اسان هون آسمان اڏريا
ڀلي بت ڀاڙي ٿي بيهن اسان اڳتي ئي هلڻو آ
ڀلي هي ساه هجي سسڪين اسان هون پاپ ۾ پڄريا
تڪيون پوئتي ڏسون موئن دڙو هي ديس دراوڙ جو
وڙهيون پيڙهيون دشمن ديس تڙيا جي نه ها سڌريا
وڌي پاپي وياهن پاپ وسيلن جي ڦٻائڻ لئه
هتي مسڪين ماري ٿو نوان هت سور هن سجريا


لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top