• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

انٽرنيٽ تي 4 مان 1 ٻار جنسي مواد موڪليندو يا وصول ڪندو آهي

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
نٽرنيٽ تي ٿيندڙ هڪ نئين ريسرچ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ ٻارن مان هر چوٿون ٻار جنسي مواد موڪليندو يا وصول ڪندو آهي.

براڊ بينڊ ڪمپني ٽاڪ ٽاڪ پاران ٿيل ريسرچ ۾ 500 ٻارن کان سوال پڇيا ويا. 6 کان 15 سالن جي عمر جي 20 ٻارن مان هڪ ٻار اڻ ڄاتل ماڻهن سان وڊيو چيٽنگ ڪري ٿو ۽ 50 مان هڪ ٻار هُن اڻ ڄاتل ماڻهن سان پهرين دفعو ڳالهائڻ کانپوءِ ملاقات پڻ ڪري ٿو.

10 مان 6 ٻارن ٻڌايو ته اُهي انٽرنيٽ تي ڪندا ڪجهه آهن ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ کي ٻڌائيندا ڪجهه آهن. اڌ ٻارن جو چوڻ هو ته اسان پنهنجي ماءُ پيءُ کان پنهنجا ڪرتوت لڪائڻ لاءِ انٽرنيٽ جي هسٽري ختم ڪري ڇڏيندا آهيون.

ٻارن جي نفسيات جي ماهر پروفيسر تانيه برائون جو چوڻ آهي ته 9 مان 1 ٻار تشدد جو شڪار ٿيندو آهي يا ڪنهن کي شڪار بڻائيندو آهي. پروفيسر جو چوڻ آهي ته ماءُ پيءُ کي خبر هجڻ گهرجي ته سندن ٻار انٽرنيٽ تي ويهي ڪري ڇا ڪجهه ڪندا آهن ۽ ڇا ڏسن ٿا.
 
جواب: انٽرنيٽ تي 4 مان 1 ٻار جنسي مواد موڪليندو يا وصول ڪندو آهي

ادا عاشق واقعي به ما پي کي ان باري ۾ معلومات رکڻ گهرجي

لاجواب شيئرنگ آهي سائين

سدائين گڏ
 
Back
Top