• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پنهنجي جيءَ سان جهيڙا ...

پنهنجي جيءَ سان جهيڙا
؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛

اندر کي اجاريو نه ٿيو ڪي ديوانا
چوان ٿو مان توکي ڇڏي ڏي بهانا

ڇڏي ڏي تون ڪينو حسد ساڙ کي ساڙ
ڀلايون ڪيو سڀ برايون نه ڪيو راڙ
هي سنسار سڪ جو نه تون ئي اجاڙ
محبت وڌايو وڏا ٿين پيمانا
چوان ٿو مان توکي ڇڏي ڏي بهانا

هي دنيا آ دوکو فريبي ۽ فاني
لڳل جيءَ کي آ نفس جي هي ڪاني
وري شوق شيطان ڀري ٿو بيماني
نه ٿين انسا تنهنجي قدورت نشانا
چوان ٿو مان توکي ڇڏي ڏي بهانا

سڀئي پيارا رشتا گهرن تو کان عزت
امڙ ماءُ جيجل جنهن جا پير جنت
پيءُ هي پيارو گهري ٿو محبت
هو ڀينر صدائون سدان گهوٽ ڳانا
چوان ٿو مان توکي ڇڏي ڏي بهانا

لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top