نوازشريف سدائين جاڳ پنجابي جاڳ جا نعرا هنيا،آمريت جي پيداوار کي جمهوريت جو ڪهڙو قدر ٿيندو:

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ Salma Naz طرفان آندل موضوعَ ‏23 جولائي 2016۔

  1. Salma Naz

    Salma Naz
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏19 آگسٽ 2015
    تحريرون:
    32
    ورتل پسنديدگيون:
    50
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    نيوز ڪاسٽر
    According Sindhi News Media
    [​IMG]

    ماتلي:مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته جمهوريت جي بنياد ۾ پيپلز پارٽي جو ڪردرا آهي،جڏهن ته نواز شريف آمريت جي ڪڇ ۾ پليو آهي ۽ هُن سدائين جاڳ پنجابي جاڳ جا نعرا هنيا آهن،نوازشريف کي جمهوريت جو ڪهڙو قدر ٿيندو.ماتلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي جمهوريت متعارف ڪرايو،شهيد ذوالفقار علي ڀٽو مزدور ۽ هاري طبقي جي ماڻهن کي اهميت ڏني،جڏهن ته ڀٽو صاحب ذات ۽ قبيلن جي سياست کي ختم ڪري عوامي سياست کي هٿي ڏني ۽ ڊرائينگ روم جي سياست کي مڪمل ختم ڪري هر سياستدان کي روڊن تي اچڻ تي مجبور ڪيو ۽ عوام جي سياست ملڪ ۾ متعارف ڪرائي ۽ اهوئي سبب هيو جو کيس پنجاب جي عوام پنهنجي ڪلهن تي کنيو،پر هڪ ڊڪٽيٽر اڳوڻو آرمي چيف ضياءُ الحق ٻاهرين قوتن جي چوڻ تي عوامي ليڊر کي شهيد ڪيو ۽ سياست جو نئون رخ پيدا ڪري نواز شريف جهڙا اڳواڻ ملڪ ۾ متعارف ڪرايا.خورشيد شاهه چيو ته ضياءُ الحق پاڪستان ۾ اهڙي سياست کي کڻي آيو جو ڀاءُ سان ڀاءُ جو جيهڙو ٿي ويو ۽ ڪٽنبن، برادرين ۽ قومن کي پاڻ ۾ وڙهائي ڇڏيو،جنهن دور ۾ نوازشريف ڏٺو ته شهيد راڻي بينظير ڀٽو هر صوبي ۾ مقبول ٿيندي پئي وڃي ته هُن جاڳ پنجابي جاڳ جو نعرو هنيو ۽ پنهنجي اصل سياست کي ظاهر ڪيو ۽ انهيءَ وقت غلط سوچ سبب اهو نعرو هنيو ۽ پوءِ سياست ۾ رهڻ جي لاءِ هڪ آمر جي پيرن ۾ ويهي رهيو ۽ سندس جهولي ۾ پلجي وڏو ٿيو، هاڻي وري ساڳئي نعري کي نوازشريف وفاق جي نعري ۾ مٽائي ڇڏيو اهي، پر هاڻي ڏسڻو آهي ته وفاقي جي نعري تي سياست ڪندڙ انهيءَ نعري تي عمل ڪيترو ٿا ڪن.سندس چوڻ هو ته جمهوريت جي حفاظت سياسي ڪارڪن ئي ڪري سگهي ٿو،پيپلز پارٽي ئي صوبائي خودمختياري ڏني،ڪيترن ئي سالن کان حل نه ٿيندڙ اين ايف سي ايوارڊ جو معاملو به پيپلز پارٽي اچي حل ڪيو،اسان جيلن واري سياست بند ڪئي ۽ جيلن کي سياسي ماڻهن لاءِ بند ڪري ڇڏيو سين، جڏهن محترمه جي شهادت کانپوءِ به اسين سڀني کي گڏ کڻي هلياسين.قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته سنڌ پاڪستان کي جنم ڏيندڙ صوبو آهي، جنهن ۾ سڀني کان پهرين پاڪستان جو جهنڊو جهوليو ويو هو ۽ هي اهوئي صوبو آهي جنهن وفاق تي ڪڏهن به ايندڙ ڏکئي وقت ۾ ساٿ ناهي ڇڏيو ۽ سڌو ٿي سندس دشمنن سان مقابلو ڪيو آهي، پر سڀني کان وڌيڪ روينيو ڏيندڙهن صوبي کي سڀني کان وڌيڪ نظرانداز ڪيو ويو.بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي عوام ۾ به احساس محرومي ڇائنجي وئي آهي ۽ عوام پڇي ٿي ته هنن صوبن جي ماڻهن کي خودمختياري ڇو نه ٿي وڃي ۽ سندن حقن تي ڌاڙا ڇو پيا هنيا وڃن.جڏهن ته پنجاب جي هڪ شهر تخت لاهور ۾ اربن رپين جون رٿائون جوڙيون پيون وڃن ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ هڪ پئسو به نه پيو سيڙايو وڃي ڇاڪاڻ ته اتي (ن) ليگ جي قيادت ۽ ووٽر ناهن.پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته هاڻي عوام جي دلين ۾ اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته لاهور ۾ لڳندڙ پئسو ڪٿان پيو اچي ۽ حڪمرانن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته اها سوچ پاڪستان لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي.،نوجوانن کي روزگار ڏنو وڃي ۽ هارين تي وفاق کي رحم ڪرڻ گهرجي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو