پاڪستان آمريڪا مشڪلات ماهوار همسري مئگزين جولاء جو پرچي ۾ ڇپيل

'تعارف' فورم ۾ اظهر سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏24 جولائي 2016۔

  1. اظهر سولنگي

    اظهر سولنگي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏24 جولائي 2016
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    پاڪستان آمريڪا مشڪلات
    اظهر سولنگي
    دوستي شخصي هجي يا ملڪي پر دوستي تڏهن مضبوط ۽ پائيدار ٿي سگهي ٿي جڏهن هڪٻئي جو اعتبار ۽ ڀروسو قائم رهندو اچي. نه ته اڄ ڪلهه اڪثر دوستيون مفاد پرستي تي ته ٻڌل ئي آهن ۽ جڏهن اهو مفاد پورو ٿيندو آهي ته رستا به الڳ ٿي ويندا آهن. پر ها ائين به ٿيندو رهيو آهي ته ياري هلائيندي ڪاوڙ قصور به ٿيندا آهن ته جهيڙا جڳڙا به ٿيندا آهن پر هڪ ٻئي جي نفس کان واقف هوندي وري جڙي به جلدي ويندا آهن. شخصي دوستي ته رهي پنهنجي جاء تي پر هڪ ملڪ جي لاء انتهائي اهم هوندو آهي ته دنيا جي سگهاري معيشت ۽ طاقت رکندڙ ملڪن سان دوستي وارا ناتا هجڻ لازمي آهن ته جيئن ملڪ پنهنجي قوت ڌاري سگهي.
    پاڪ آمريڪا جي دوستي به ڪافي پراڻي آهي ۽ سموري عرصي جي لاڳاپن ۾ ٽوڙ ڦوڙ جي واقعن سان پنا ڀريا پيا آهن. آمريڪا طرفان هر دفعي سان وقت تي ڪم پورو ٿيڻ تي پاڪستان کان الڳ ٿيڻ جون ڳالهيون ڪندو رهيو آهي چاهي اهو ناظم الدين جو دور هجي يا جنرل ايوب يا ضيائي دور ۾ افغانستان ۾ سوشل انقلاب جي خلاف فوجون لاهڻ ۽ جهادي مجاهد تيار ڪرڻ يا وري 9/11 وارا واقعا هجن توڙي ايبٽ آباد واقعو هجي آمريڪا هن وقت تائين پئي پاڪستان کي استعمال ڪندي هٿ ڪڍيا به آهن ته ڀاڪرين به وڌو آهي ۽ پاڪستان آمريڪا طرفان ملندڙ خيراتي امداد ملڻ سان پويون سڀ ڪجهه وساريندو رهيو آهي هيئن چئجي ته دوستي لاء اسان سڀ ڪجهه وڃائيندا رهياسين ۽ جنهن کي دوست سمجهيو سين اهو اسان کي دنيا ۾ رسوائي ڏيندو رهيو. هن وقت جڏهن آمريڪا پنهنجا رستا الڳ ڪرڻ جا سايا ڪيا آهن ته ٻي طرف پاڪستان کي هن ڳڻتي اچي ورايو آهي ته قرضن ۾ ٻڏل ملڪ ڪيڏانهن ويندو؟ جيڪا ڳڻتي هڪ سگهاري قوت کان ناتا ٽٽڻ کانپوء ٿي آهي. پر جيڪڏهن پاڪستان پنهنجي همت سان پنهنجي پيرن تي بيهڻ سکي وٺي ته ان ڳڻتي جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته پاڪستان هڪ ائٽمي طاقت سان سٺي معيشت رکندڙ ملڪ آهي. جيڪڏهن معيشت جو صحيح استعمال ڪيو وڃي ته پاڪستان پاڻڀرو ٿي سگهي ٿو. جنهن ملڪ ۾ پنهنجي استعمال کان وڌيڪ شين جي پيداوار هجي ته ان ملڪ کي خيرات جي ملندڙ فنڊ کان وڌيڪ پنهنجي ملڪ جي خوشحالي واري رستي جي تلاش ۾ هجڻ گهرجي. پر تنهن هوندي به پاڪستان جهڙو ملڪ اڄ پريشاني واري صورتحال ۾ مبتلا آهي.
    پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا پاڪستان جي تاريخ جيترا پراڻا ضرور آهن پر شروعاتي ڏينهن کان وٺي اڄ تائين آمريڪا پاڪستان کي فنڊ جي لالچن ۾ استعمال ڪندي مفاد پورا ٿيڻ تي هٿ ڪڍي ڇڏيندو رهيو آهي. هن وقت پاڪستان پاڻ مشڪلاتن ۾ ڦاسندو ڏسي پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري رهيو آهي. ان پريشاني جو اندازو سرتاج عزيز جي بيان ” آمريڪا ڊڪيٽٽرن جي دور جو گهڻو ساٿ ڏنو آهي“ جيڪو هڪ تعنو به آهي ته اسان جو ساٿ آمريڪا کي نه ڇڏڻ گهرجي ها ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۾ آمريتي دور هجن يا جمهوري دور پر آمريڪا جي ڪڍ هميشه لڳا رهيا آهن ۽ ايتري قدر جو ملڪ ۾ موجوده خراب حالتون به آمريڪا جو هر طرح سان ساٿ ڏيڻ جو نتيجو آهي. ان نتيجي ۾ ملڪ کي مليو ڪجهه ناهي سواء حڪمران طبقي جي جيڪي ملندڙ امداد تي پلجي پلجي سکيا ستابا ٿي ويهي رهيا آهن. هڪ هي به پاڪستان لاء پريشاني آهي ته نيو ڪليئر گروپس ۾ جنهن انداز سان آمريڪا انڊيا جي ميمبرشپ لاء سرگرم آهي توڙي جو نيوڪليئر گروپ ۾ نئين ميمبرشپ واري معاملي تي ڪجهه اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي. پر تڏهن به پاڪستان کي ضرور پنهنجا خدشات موجود آهن. آمريڪا جي دلچسپي پاڪستان کان ان ڪري به گهٽي آهي ته چين جيڪا پاڪستان ۾ دلچسپي وٺي رهيو آهي ۽ ان پاڪ چائنه دوستي جي مثبت نتيجي ۾ جيڪا سي پيڪ اقتصادي راهداري جو منصوبو بڻيو آهي سا ڳالهه آمريڪا کان هضم نه ٿي رهي آهي ۽ ان ئي بنيادن تي آمريڪا جيڪي افغان ۽ ايران تي شفقت ڀريو هٿ رکيو آهي ۽ انڊيا سان رابطا ۽ لاڳاپا وڌائ ڇڏيا آهن سي پاڪ چائنه راهداري جو رد عمل آهن آمريڪا نٿو چاهي ته ڪو به ملڪ هن جي لابي مان نڪري چائنه يا روس جي لابي ۾ شامل ٿي سگهي.

    آمريڪا پاڪستان کي دهشتگردي جي خاتمي جي مد ۾ خاص ڪري حقاني نيٽ ورڪ جي خاتمي جي پڄاڻي سان منحص ڪيا آهن جيڪي پهريان ته روڪي ڇڏيا هئا پر بعد ۾ ڊو مور تحت جاري ڪيا آهن پر هن وقت تائين حقاني نيٽ ورڪ جي خاتمي نه ٿيڻ ۽ ملان منصور جي مارجڻ واري واقعي سان پاڪستان ۽ آمريڪا جا ناتا ڪچي ڍاڳي مان ان ڪري به گذري رهيا آهن ڇاڪاڻ ته دهشتگرد اڃا به پاڪستان ۾ پلجي رهيا آهن. هن وقت جيڪي پاڪ افغان طورخم واري ڇڪتاڻ ٿي سا به ان ئي ڳالهه جي ڪڙي ليکي سگهجي ٿي.
    جيتوڻيڪ چين ۽ پاڪستان جي لاڳاپي جو معاملو آهي ته پاڪستان سان چين جي دوستي هڪ پختي دوستي سمجهي پئي ويئي پر جڏهن ڪاريڊور معاهدو ٿيو ته پاڪ چين دوستي اڃا به وڌيڪ مضبوط ٿي ويئي آهي . پاڪ چين دوستي جي مضبوطي جو اهو خوف آمريڪا ۽ انڊيا جي سر تي اچي سوار ٿيو آهي جنهن ڪري ئي ايشيا ۾ اڄ پاڪستان کي دلچسپي جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو. چين ڪاريڊور وسيلي پوري پاڪستان ۾ سرمائيڪاري ڪري سگهي ٿو. اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته ان معاهدي سان پاڪستاني شهرين جتان جتان راهداري گذرندو انهن علائقن کي وڌ مان وڌ فائدو ٿي سگهندو. چين جي ايتري پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ گوادر پورٽ ذريعي دنيا ۾ سيڙپڪاري هن وقت مارڪيٽ جي نظرن ۾ تمام اهميت جوڳي سمجهي وڃي ٿي. جيڪا اولهه جي دنيا وارن کي اک ۾ چڀي رهي آهي.
    اها ڳالهه به سمجهجي ٿي ته آمريڪا ۽ انڊيا راهداري ۾ رڪاوٽ پيدا ڪري رهيا آهن. جيتوڻيڪ چين پنهنجي خيالن ۽ ارادن تي مضبوط بيٺو آهي پر تڏهن به اهي انديشا آهن ته سازشي عنصر ڪٿي پاڪ چين دوستي ۾ ڏار نه وجهن ۽ چين به ظاهر آهي ته جيسيتائين امن و امان جو مسئلو ٺيڪ نٿو ٿي سگهي تيسيتائين چين به پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ کان پاسيرو ٿي سگهي ٿو.
    هن وقت پاڪستان لاء آمريڪا سميت ٻين دوست ملڪن سان لاڳاپا لازمي وڌائڻ گهرجن جيترو لاڳاپا بهتر هوندا اوترو ئي ملڪ کي فائدو ٿي سگهندو ۽ ان ئي لاڳاپن ذريعي موجوده حالتن ۾ پاڪستان جي لاء انتهائي ضروري آهن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو