ٻاراڻي ادب تي لکيل ڪهاڻي روزاني سنڌ ايڪسپريس جي 28 مئي واري شماري ۾ ڇپيل

'تعارف' فورم ۾ اظهر سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏24 جولائي 2016۔

  1. اظهر سولنگي

    اظهر سولنگي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏24 جولائي 2016
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    محنت جو ڦل ڪاميابي آهي.
    اظهر سولنگي
    ٻهراڙي جي هڪ ڳوٺ ۾ هڪ هاري رهندو هو جيڪو هارپو به پنهنجي ڳوٺ جي زميندار جو ڪندو هو. هاري اڪيلو هوندو هو ڪم ڪار ۾ سندس زال به ڪڏهن ڪڏهن هٿ ونڊائيندي هئس. هاري کي ان وقت تمام گهڻي خوشي ٿي جڏهن ٻه ننڍڙا جاڙا پٽڙا ڄاوا هئا جنهن جي نالن جي چونڊ به گهڻي سوچ ۾ فڪر ڪرڻ کانپوء ڪئي هئي هڪ جو نالو احمد رکيو هئائين ته ٻئي جو اسلم. اڳ زال ۽ هاري پاڻ صرف ٻه گهرڀاتي هوندا هئا پر هاڻي هنن کي گلاب جي گلن جهڙا ٻه ٻار به ڄاوا هئا. هاڻي هنن کي فڪر هو ته هنن جي تربيت ۽ پالنا سٺي ٿئي جو هو مستقبل ۾ اسان جا همراه ٿي پون. احمد ۽ اسلم جي پالنا هاري هوندي به وڏي لاڏ ڪوڏ سان ڪيائين. زميندار جي روز بيگار ۽ ونگار هلي هلي تنگ اچي پيو هو هن کي پٽڙن پڙهائڻ جي ته اڳ ئي دلچسپي هئي پر زميندارن جي مفت پاليسي کي ڏسي هن پڪو پهه ڪيو ته ڪجهه به ٿئي ٻارن کي پڙهائيندس، پاڻ بک تي رهي گاه کائي به گذارو ڪبو پر پٽڙن کي ضرور اعليٰ تعليم ڏياريندس. احمد ۽ اسلم ننڍپڻ ۾ ئي ذهين هئا ان ڪري نوان نوان سوال پيا پيء کان ڪندا هئا پوء ڪڏهن پڻس ٻڌائيندو به هين ته ڪڏهن ماٺ ڪري صرف ننڍڙن جون ڳالهيون پيو ٻڌندو هو. پر هن ان ڳالهه کي سمجهي ورتو هو ته هنن مان جيڪا به اميد رکجي ته پوري ڪري سگهندا ۽ منهنجي درمانن جي دوا بڻجي ڏکن ڏوجهڙن مان آجو ڪرائيندا. هن وڃي ٻارن جي ذهنت کي ڏسندي ننڍڙائپ ۾ ئي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. احمد ۽ اسلم جي ذهانت جي ڪري هو ڪي جي جي ڪلاسن ۾ پهرين پوزيشن ماڻي هئي جنهن ڪري کين انعام به مليا. زميندار کي به هڪ پٽ هو پر زميندار هوندي پئسن جي ته ڪا ڪمي نه هيس ان ڪري شهر جي هڪ وڏي مهنگي اداري ۾ داخل ڪرايو. روز ڊرائيور ڪار ۾ کڻي اسڪول ڇڏي ويندو هئس ۽ موڪل مهل وٺي ويندو هئس. جڏهن هاء اسڪول جا امتحان ٿيا ته زمينداري ذهن هوندي هن ڪا به محنت نه ڪئي هئي جنهن ڪري هيٺين نمبرن تي هليو ويو هو ۽ هاري جا ٻار جن جو پيء هارپي ۾ به محنت ڪندو تنهن پنهنجي پٽن کي محنت ڪرڻ تي خوب همٿايو هو ۽ محنت ڪرڻ سيکاري هئي. جنهن جو جوش ۽ جنون هنن جي رت ۾ ڊوڙي رهيو هو ان ڪري احمد ۽ اسلم سخت محنت عيوض پوزيشنون کڻي ورتيون هيون. ان ئي محنت ۽ ذهانت جي ڪري هاڻي هڪ مزدور جا ٻار ميڊيا ٽي وي ۽ اخبارن ۾ نمايان هئا. جيڪا خبر ته زميندار کي ميڊيا ذريعي به پئي هئي پر ڳوٺ جي ماڻهن ۽ ڪمندار ڪاراون به اچي رپورٽ ڪيو هو ۽ زميندار ڪنڌ لوڏيندي هاڪار ڪئي . پر ذهانت ۽ محنت ڪرڻ ڪنهنجي خون ۽ دماغ جو سبب هوندو آهي ان ڪري زميندار ڪجهه به نه ٿي ڪري سگهيو بس اهو ڪري سگهيو ته گهر وڃي لڪ ڇپ ۾ پنهنجي پٽ کي تنبيهه ڪري ڇڏي. هارپو کسڻ جو به سوچي رهيو هو پر کين ڪابه گنجائش نظر نه آئي ڇو ته هو هڪ تمام محنتي ۽ جفا ڪش هاري هو سڄي زمينداري ۾ اهڙو هاري نه پئي سجهيو. ان ڪري ماٺ ڪري ويهي رهيو. وقت گذرڻ سان زميندار جي پٽ کان پڙهائي زور ٿي ويئي ۽ اچي گهر سنڀالي ويهي رهيو. گهر به ڪجهه نه ٿي ڪري سگهيو ڀلا ڪري به ته ڇا ڪري ڌنڌو ڪاروبار يا زمينداري سنڀالڻ ۾ به تعليم جي ضرورت هئي سا ته کيس هئي ڪانه نه ئي ڪو ايڏو ذهين هو سو سندس پيء به ڏاڍو سڙندو پچندو هو.
    جڏهن يونيورسٽي جي پڙهائي پوري ڪري احمد ۽ اسلم ٻه سال پورا ڪميشن جي تياري ڪري ماء پيءُ جي پيرن تي هٿ رکي دعا وٺي اچي ڪميشن جو امتحان ڏيڻ ويٺا ته اها ڳالهه زميندار کي اڃا بري لڳي هن چاهيو ته جيئن احمد وارا پاس نه ٿين پر خدا ڪنهنجي به محنت ضايع ناهي ڪندو الله سائين محنت ڪرڻ واري کي ضرور ڪاميابي ڏيندو آهي . ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته جڏهن ڪنهن ۾ قابليت هوندي آهي ته ڪاميابي ان جي پويان ڊوڙندي آهي. احمد ۽ اسلم به جڏهن ڪميشن جو امتحان ڏنو ته هو ڪاميابي سان پاس ٿي پنهنجي پهرين پسند جي نوڪرين تي وڃي پهتا. ائين هڪ هاري جو پٽ فارين پاليسي ۾ سفير بنجي ويو ۽ ٻيو جج بنجي ويو. آفيسر بڻجڻ کانپوء احمد ۽ اسلم پنهنجي والدين سان گڏ ملڪ جي هڪ وڏي شهر ۾ سک ۽ چين سان رهڻ لڳا.
    سو ٻارو اسان ۽ توهان کي به محنت ڪرڻ گهرجي ته جيئن قابل بڻجي سگهون ۽ پنهنجي ماء پيءُ جي خدمت سان گڏ هن ملڪ ۽ قوم جي به خدمت ڪري سگهون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو