• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسان مست ماڻهو اسان ڪين ڄاڻو...

اسان مست ماڻهو اسان ڪين ڄاڻو
دنيا جا هي دوکا ڳاليون پراڻيون
فريبي فڪر آ نه ڪي دوکو دل ۾
نه ڪيون ڪوڙڪينو ڪپت ڪوئي ڪل ۾
نه افواه ڪوئي ڦهلايون حل ۾
ٿي سنسار سارو محبت جو ماڻهو
اسان مست ماڻهوپ
بي هوده بڇڙو نه ٿي هي سمان سڀ
ٿي عزت نه ذلت چئي جيئن ٿو رب
اخلاص جو انس هجي هت هر ڄڀ
مندايون مٽايون خلوصن کي آڻيون
اسان مست ماڻهو
ڇو ٿي پيا هن هي حالات اهڙا
اڳ ۾ نه ها هي هتي جيءَ اهڙا
پڳ پوتي پنهنجي سر سونهن جيئڙا
سڀئي ساه سڪ سنڌ ڪري جيءَ واڻيو
اسان مست ماڻهو
هي اوڙو هي پاڙو سندو سڪ جو ميدان
ڏيو مان محبت وڏو انس انسان
نه گيدي گندا ٿيو بڻجي ڪو حيوان
لڇڻ گڻ وڌايو ٿين روح رهاڻيون
اسان مست ماڻهو اسان ڪين ڄاڻو
دنيا جا دوکاڳالهيون پراڻيون


لبستم دائودپوٽه
 
0m9BsN.jpg
 
Back
Top