• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

لهي سج ڪئي ويا لهي سج نه ڪنهن جو ...

لهي سج ڪئي ويا لهي سج نه ڪنهن جو
اسان حال اوريو اوهان سان آ پنهنجو

ڀلي سخت ٿي وقت وراڪا ٿي وچڙي
نه ڏي ڪو ڀلي سک ٿئي روح رت ڙي
ڇڏجي نه ماڻهپوهي سڪ ساءُ ست ڙي
اميدن ۾ رهندي فلڪ ۾ ٿي رهجو
لهي سج ڪئي ويا لهي سج نه ڪنهنجو ...

برايون مندايون مٽايون ڪي سائين
همٿ هيسجون ڪين ارڏا اتائين
ڏکن کي ڪو ڏاريون اچو سڀ چيائين
نه ٿي دل هي دلگير طلب ۾ توهان جو
لهي سج ڪئي ويا لهي سج نه ڪنهنجو

ڪڍو ير قدورت هي سيني پڌر مان
وڏي وات ڪو چئي هتي هي وندر مان
حسد بغض ۽ ساڙ ڪڍو سڀ اندر مان
ڀلايون ڪيو ڀال رهي ڪون انهنجو

لهي سج ڪئي ويا لهي سج نه ڪنهنجو
اسان حال اوريو اوهان سان آ پنهنجو



لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top