• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

لڏي لڏي هو ٻڏي نه ٻيڙي ...

لڏي لڏي هوٻڏي نه ٻيڙي
؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛
لڏي لڏي هي ٻڏي نه ٻيڙي اميد آسن جي کيڙ کيڙي
سڙه سدائين هوا ۾ جهولن ڇولين ۾ نه ٿي هي وئڙي

هر هلائي ٻج ڇٽيان پيو اميد الله ۾ ڪيان پيو
سلو هي ٿيندو ڀلو او سائين ڀلاري هي ڀونءِ آهي اهڙي

محنتن سان مزاج جوڙيون اوڙاوڙ ۾ جاٽ جوڙيون
پاڻي پنگ ٿي پوي هتي پو ساءُ سڪ ٿئي نه سوڙهي

زمين جرهي جياپو جيءَ جو مٽي مهڪي پئي اندر جي
کرار ٿيندا سک پو ايندا ڀلاري جنس مٺين سان ميڙي

بتيلي ونجه کي هلايو هردم ڪنارو آيو اجهو هي بالم
پڳو پڳو هو اجهو چون پيا ڪناري لڳندي جنهن هئي ٿيڙي



لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top