ماڻهو ايندا آهن ۽ هليا ويندا آهن پر جيڪي ڪو اهڙو ڪم ڪري ويندا آهن جيڪو کين ياد رکڻ تي مجبور ڪري اُنهن لاءِ سندن حياتي توڙي وڃڻ کان پوءِ به پيا ماڻهو گُڻ ڳائيندا آهن. ايئن ئي جڳ مشهور پاڪستاني سماجي ورڪر عبدالستار ايڌي کي به ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ سندس حياتي ۾ توڙي وفات کان پوءِ به ساراهيو ويو. هتي رُڳو عالمي ميڊيا ۾ ڇپيل تاثر پيش ڪجن ٿا جن مان پهريون دَ ٽيليگراف هوم ۾ پيٽر اوبورن جو ايڌيءَ جي حياتيءَ ۾ لکيل آهي جيڪو هُن سندس ايمبولينس سينٽر ۾ رهي مشاهدو ۽ ساڻس ڳالهه ٻولهه ڪري 2008ع ۾ لکيو. ان کان پوءِ چند ٻين ناليوارن اخبارن ۾ ايڌيءَ جي وفات تي لکيل تاثر جو تت پڻ ڏبو. دَ ٽيليگراف هوم ۾ پيٽر اوبورن لکي ٿو؛ هونئن ته پنهنجي صحافتي پيشي سبب دنيا جي وڏن ماڻهن سان ملڻ ٿيندو رهي ٿو پر جڏهن ايڌي سان مليس ته اندازو ٿيو ته ان ڏينهن کان اڳ مون ڪڏهن ڪو درويشِ خدا نه ڏٺو هو. هو انتهائي سادو سودو پر عظيم انسان لڳو. مون هفتو سندس ايمبولينس سينٽر تي گذاريو ۽ ساڻس ڳالهه ٻوله جو موقعو مليو. وٽس ڪيترائي ماڻهو بار بار آيا ٿي تنهنڪري اسان جي ملاقات ۾ رخنو پڻ پيو ٿي پر پوءِ به ڳالهه ٻولهه هلندي رهي. 1928ع ۾ برطانوي راڄ جي دؤر ۾ هي گجرات ڄائو ورهاڱي وقت پنهنجي خاندان سان گڏ زبردستي پاڪستان موڪليو ويو. هن انهن ڏينهن ئي سڀ ڪُجهه وساري زندگي خدمتِ خلق ۾ وقف ڪرڻ جو سوچي ورتو هو. هن وٽ تنهن وقت پئسا بلڪل نه هئا پر روڊن رست تي بيهه بي سهارا ماڻهن جي خدمت لاءِ پئسا گڏ ڪندو رهيو. شروع ۾ هن پنهنجي مائٽن (ميمڻ ڪميونٽي) جي چيئرٽي ۾ ڪم ڪيو پر جڏهن محسوس ڪيائين ته هو رُڳو ميمڻ ڪميونٽي جي فلاح تائين محدود آهن ته هن پنهنجا رستا ڌار ڪيا ڇو ته ايڌي جو شروع کان اهو مڃڻ هو ته خدمت وقت ذات پات ۽ مذهب ناهي ڏسڻو. هي چندي لاءِ يورپ تائين به ويو جتي کيس نوڪري جي به آفر ٿي پر هي واپس موٽي آيو. شروع ۾ هن هڪ ميڊيڪل سينٽر کوليو جنهن جي ٻاهر پٿر جي بئنچ تي سُمهندو هو ته جيئن رات جو آيل ڪو مريض به علاج بغير نه موٽي وڃي. اڳتي هلي سڄي سنڌ جا دؤرا ڪندو رهيو. جتي به ٿاڻي تي ڪو لاوارث لاش ڏسي ته پاڻ کڻائي اچي دفنائي. جڏهن خبر پيس ته عورتون ناجائز ٻار ماري ٿيون ڇڏين ۽ هڪ دفعي ڪنهن مذهبي اڳوڻ جي فتوى تحت مسجد ۾ هڪ ٻار کي مارڻ جي ڳالهه ٿي ته ايڌي چيو ”اسان ڪير ٿيندا آهيو اهو طئي ڪرڻ وارا ته هڪ معصوم تازو ڄاول ٻار موت جو حقدار آهي“. ايڌي انهي مسئلي جي حل خاطر پنهنجي سينٽرز تي اهڙن ٻارن لاءِ پينگها رکرايا ۽ چيو ته ”اوهان کان هڪ گناهه ٿي ويو آهي ته ٻيو نه ڪريو. ٻار ماريو نه بلڪه هن پينگهي ۾ وجهي ڇڏيو“. ايڌيءَ کي انهن پينگهن ۾ 35000 جي لڳ ڀڳ ٻار مليا جن مان اڌو اڌ کي ٻار لاءِ واجهائيندڙ خاندان پالڻ لاءِ به کڻي ويا. ايڌي پاڻ شروع ۾ شادي ڪري پنهنجي ڪم کي متاثر ڪرڻ نه ٿي چاهيو پر اتفاقي طور سندس شادي ٿي وئي تڏهن به هن جي سادگي ۽ ڪم جو انداز ساڳيو رهيو. ايستائين جو کيس فلاحي ڪمن مان ايتري به فرصت نه ملي جو پنهنجي ڌيءَ جي شادي ۾ شرڪت ڪري ها. اهو ته هو هڪ صحافيءَ جو سندس حياتيءَ ۾ لکيل احوال پر سندس وفات تي چند اخبارن ۾ ڇپيل تاثرات ڪُجهه هن ريت آهن؛ وال اسٽريٽ جنرل لکي ٿي ته ايڌي کي ڪُجهه ماڻهن درويشِ خُدا مڃيو ته ڪُجهه ماڻهن وري کيس مسيحا چيو. هي پاڪستان جو قائداعظم کان پوءِ وڌ کان وڌ مقبول شخص رهيو جنهن پنهنجي طور چندا گڏ ڪري بيواهن، لاچار نوجوانن توڙي ٻارن، مسڪينن ۽ حادثي جي شڪار ٿيل ماڻهن کي سهولتون ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. هن 2010 ۾ ايوارڊ وٺڻ مهل به اها ئي ڳالهه ڪئي جيڪا سندس ايڏي پذيرائي جو بنيادي ڪارڻ لڳي ٿي ته ”مون وٽ سڀ کان وڏو مذهب انسانيت آهي. مون وٽ جڏهن به ڪو لاچار آيو ته مون کانئس سندس مذهب نه پُڇيو“. ڪُجهه شرپسندن کيس غير مسلمانن جي مدد تي تنقيد جو نشانو به بڻايو ته ڪُجهه وري اهو به چوڻ لاڳا ته هي مدد جي آڙ ۾ غير شرعي جنسي لاڳاپن کي هٿي ڏيئي رهيو آهي ڇو ته ناجائز ٻارن لاءِ هن شخص پنهنجي ايڌي هائوسز ۾ پينگها رکرايا آهن. پر هو 1996ع ۾ ڇپيل پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکي ٿو ته ”مون کي اهڙن الزامن تي کل آئي جڏهن چيو ويو ته ايڌي اسان جي دماغ ۾ يورپي زندگي وجهي رهيو آهي. آءُ سوچڻ لڳس ته ڇا هو اهوئي چاهين ٿا ته سندن دماغ ۾ اُهي ئي روايتي سوچ ۽ ڪٽرپڻي وارا خيال ڀريل رهن؟“. کيس ماڻهن جو مولانا چوڻ به پسند نه هو ڇو ته هو چوندو هو هُن ڏاڙهي انقلابين جي جذبي ۽ روايتن تحت ڇڏي آهي. پر اصل حقيقت اها آهي ته سڄي مُلڪ ۾ ساڻس حسد رکندڙ تمام ٿورا رهيا پر کيس چاهيندڙن جو وڏو انگ آهي. نيشنل پبلڪ ريڊيو اخبار لکي ٿي ته توڙي جو ايڌي پاڪستان ۾ ڪڏهن به ڪا سياسي سرگرمي نه ڪئي پر ان هوندي به سندس جنازي ۾ رياست جي واضع شرڪت نظر آئي. انهي حوالي سان فلپ ريوز جا ايڌي جي خدمتن تي مختلف ماڻهن سان ڪيل ڳالهه ٻولهه کان پوءِ ڏنل خيال پيش ڪيا ويا آهن. فلپ چئي ٿو ته ايڌي پنهنجي زندگي صفا سادگي سان گذاري پر سندس جنازي ۾ کيس فوجين يا سياستادنن وانگي سلامي ڏني وئي. ايڌي ڪُجهه ماڻهن جي نظر ۾ ته هڪ درويش هو ۽ گهڻن جي نظر ۾ هو هڪ هيرو هو. هي جهونو پنهنجي سگهه تائين پاڻ به ڪم ڪندو رهيو ۽ پنهنجي حياتيءَ لاءِ بس ٻه جوڙا ڪپڙن جي ملڪيت ئي رکي جيئندو رهيو. اڪثر کيس ڏکڻ ڪراچيءَ ۾ پنهنجي ٽرسٽ لاءِ چندا گڏ ڪندي ڏٺو ويو. فلپ لکي ٿو ته ايڌي 60 سال اڳ جڏهن ڪم شروع ڪيو وٽس ٽڪو به نه هو. هو رستن تي بيهه لاچار ماڻهن جي فلاح لاءِ پئسا گهُرندو رهيو ۽ محنت ۽ سچائي سان هڪ وڏو ادارو قائم ڪري ويو جنهن ۾ ايمبولينسز جو هڪ وڏو نيٽ ورڪ اڄ به هر جاءِ ته ضرور پُهچي ٿو جتي ايمبولينس جي ضرورت هوندي آهي. فلپ فيصل سان ڳالهائي ٿو ته فيصل چوي ٿو ”مون سان مُلڪ جي ماڻهن ته عذر خواهي ڪئي آهي پر مون کي سوين فونون پرڏيهه کان به اچن پيو ان مان اندازو ٿئي ٿو ته ماڻهو منهنجي والد کي ڪيترو چاهيندا هُئا. آءُ بابا جي ضعيف ٿي وڃڻ جي ڪري سندس مدد ڪندو هوس ۽ هو خوش ٿيندو هو. آءُ پوري ڪوشش ڪندس ته هي ڪم هلندو رهي“. فلپ فيصل لاءِ لکي ٿو ته سندس ڳالهه ۾ دم آهي. ڇو ته آءُ ڏسان ٿو ته ايڌيءَ جي جنازي مهل به سندس ٽرسٽ جون ايمبولينسز شهر ۾ ڪم ڪري رهيون آهن. واشنگنٽن پوسٽ لکي ٿي ته هڪ اهڙو انسان جيڪو ورهاڱي وقت خانه بدوش هو تنهن 1951ع ۾ ايڌي فائونڊيشن ٺاهي انساني همدرديءَ جو هڪ مثال قائم ڪيو. اڄ هن ايڌي فائونڊيشن ۾ بي سهارا، لاچارن، حادثي جي شڪار ٿيل، نشي جي عادي بي گهرن لاءِ سينٽر آهن ۽ 2000 ايمبولينس هر وقت ضرورتمندن لاءِ تيار هجن ٿيون، خاص ڪري جڏهن بم حملا يا فائرنگ جا واقعا ٿين ته ايڌي جي ايمبولينس ان مهل اُتي ضرور پُهچي ٿي. تنهنڪري چئي سگهجي ٿو ايڌي هڪ اهڙي ملڪ ۾ رهنمائي جي اميد هو جتي غير يقيني صورتِحال سدائين قائم رهي ٿي.