• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سورهين سالن جي ڇوڪري جي دل جو سترهون آپريشن

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
رطانيا ۾ سورهن سالن جي هڪ ڇوڪري جي حياتي بچائڻ لاءِ هن جي دل جو 17 آپريشن ڪيو ويو آهي. سارا هيزل گروو نالي جي هن ڇوڪري جي ڄمڻ کان هڪ هفتي کان پوءِ اي ڊاڪٽرن چئي ڇڏيو هو ته هن ڇوڪري جو جيئڻ ڏکيو آهي. هڪ سال جي ٿيڻ تائين هن جا پنج آپريشن ٿي چڪا هئا.

ڀلي هن جي اڌ حياتي اسپتال ۾ ئي گزري آهي پر پوءِ به عام ماڻهن وانگر جيئڻ جي چاھ ۾ آهي. هن جي دل جو اڌ حصو درست ڪم ڪندو آهي. جڏهن هو ٽن ڏينهن جي هئي تڏهن هن جي دل جي هڪ نالي کولڻ لاءِ هن جي ٻانهن مان هڪ نالي ڪڍي دل ۾ هنئي وئي هئي.

سارا جي ماءُ جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ماڻهو ۾ همٿ هجي ته هو ڏکئي وقت مان به آساني سان ئي نڪري ويندو آهي.
 
جواب: سورهين سالن جي ڇوڪري جي دل جو سترهون آپريشن

سولنگي صاحب اهڙيون تازا توانيون خبرون ونڊ ڪرڻ جي مهرباني
 
Back
Top