Exchange of Shah’s اظهر سولنگي دبئي کان هلندڙ سنڌ حڪومت ۾ تبديلي جا فيصلا سامهون آيل آهن. جنهن ۾ اهم فيصلو سنڌ جي وڏي وزير جي تبديلي جو آهي. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي هٽائي سيد مراد علي شاهه کي ان جي جاء تي نئون وڏو وزير مقرر ڪرڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي. جنهن ڪري سنڌ سرڪار جي ڪابينا ۾ به تبديليون سامهون اينديو. سنڌ حڪومت ۾ پيپلزپارٽي جي قائدين پاران جيڪي وڏ وزارت جي تبديلي جو فيصلو ڪيو آهي ان سان اهو سوال سلهاڙيل آهي ته ڇا سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي ۾ به ڪا تبديلي اچڻي آهي يا نه ..؟ نظام جي ان تبديلي جي حوالي سان اهڙي ڪا نئين ڳالهه سمجه ۾ نه ٿي اچي ته ڪو وڏ وزارت جي ڪرسي تي نئين چهري کانسواء ٻيو ڪجهه به ٿيندو.. وڏي وزير جي تبديلي واري اعلان کانپوء سنڌ جي عوام ۾ ڪو اهڙو رد عمل نظر نه آيو جڏهن ته هڪ ٻن شهرن ۾ اهڙي قسم جو رد عمل ظاهر ٿيو آهي. جتي قائم علي شاهه جي هٽائڻ سان مراد علي شاهه جي حمايت ۾ ريليون ڪڍيون ويون آهن. سنڌ جي ماڻهن ۾ وڏي حد تائين اڳوڻي وڏي وزير کان مايوسي ملي هئي ماڻهو ان وقت کان وٺي هن وقت تائين هلندڙ ٻئي ٽينيوئر تائين مايوسي ۾ گهيريل رهيا ان جو سبب اهو آهي ته سنڌ حڪومت جي سلو ڪارڪردگي ۽ ان کان اڳ 2010ع واري ٻوڏ ۾ به ڪافي حد تائين سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ وڏي وزير جي فيصلن ماڻهن کي مايوس ڪيو. روزگار جي حوالي سان به سنڌ جي ماڻهن کي اڳوڻِي وڏي وزير جي اڪثر دور ۾ نوڪرين تي بين لڳل رهيو. گذريل ستن اٺن سالن جي سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي ۾ سنڌ وطن کي ڪرپشن، بدامني، بدحالي ( ڏڪار) ۽ اقربا پروري جو زمانو رهيو آهي. ان ڪري به سنڌ جا ماڻهو پيلپزپارٽي جي هلندڙ هن سنڌ حڪومت ۾ ڪائي دلچسپي نٿي رکي. پر ڪالهه جڏهن اهي فيصلا انائونس ڪيا ويا ته ماڻهن کي ڪابه حيرت نه ٿي ۽ نه ڪائي دلچسپي نظر آئي جيتوڻيڪ سنڌ جي سياسي حوالي سان هي وڏو فيصلو ٿي رهيو. ان جو سبب اهو آهي سموري سنڌ ۾ ڪي به سنڌ حڪومت پاران ترقياتي ڪم يا روزگار نه ملي سگهيو آهي جنهن جي ٻل تي عوام پاران ڪا پزيرائي يا ردعمل ظاهر ٿئي. ۽ هاڻي جڏهن سنڌ حڪمت ۾ وڏي تبديلي رونما ٿي آهي ته تڏهن به ماڻهن جي دلين ۽ سوچن ۾ ڪا تبديلي نظر نه اچي رهي آهي. عوام جي نظرن ۾ صرف اها تبديلي آئي آهي ته شاهن جي مٽاسٽا ٿي آهي. جيڪڏهن مراد علي شاهه جي ڪارڪردگي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪجي ته سنڌ حڪومت جي ڪابينا ۾ هن وقت تائين ناڻي واري اهم وزارت تي فائض رهيا آهن. ان سموري عرصي ۾ پنهنجي تڪ جي ڪجهه ڪمن ڪارين کي ڇڏي ڪري سنڌ جي حوالي سان مراد علي شاهه جي ڪارڪردگي به ڪا مثبت نه ٿي ملي. تنهن هوندي به سنڌ جو عوام ڪجهه اميدون پڻ رکي ٿو جنهن جو اظهار سنڌ جي ڪجهه شهرن ۾ نئين وڏي وزير جي حمايت ۾ ريليون ڪڍي ڪيو ويو آهي. پر اصل ڳالهه هي آهي ته مراد علي شاهه کي وڏ وزارت ملڻ کان اڳ ناڻي واري وزارت هوندي ڪهڙا ڪم سرانجام ڏنا جنهن جو سنڌ کي فائدو مليو هجي يا سنڌ جي افراديت مضبوط ٿي هجي. يا سنڌ جي پيداوار ۾ ڪا پيش رفت سامهون آئي. ڇا اين ايف سي ايوارڊ ۾ سنڌ جي حقن مطابق وفاق سان منهن ڏئي پنهنجا حق حاصل ڪرڻ جو ڪوئي ڪردار آهي. سنڌ ۾ ناڻي واري وزارت هوندي هن سنڌ ۾ موجود بدحالي (جنهن سنڌ جي پڊن تي راڱا مچائي ڇڏيا آهن) کي ڪو روڪڻ لاء ڪي قدم کنيا. ٿر ۾ موجود ڪيترن سالن کان ڏڪار واري حالت ۾ ڪي اپاء ورتا ويا..؟ اهي اهڙا سوال آهن جنهن کي غور سان ڏسڻ جي ڳولا ڪبي ته ان حوالي سان سنڌ حڪومت جون پنهنجون رپورٽون يا ڪنهن به تحقيقي ادارن جو رپورٽون ڏسبيون ته ان مند ۾ ڪي سنڌ حڪومت جي سمورن ڪابينا جي ميمبر ۽ وزيرن (جنهن ۾ مراد علي شاهه به اچي وڃي ٿو ) جي ڪارڪردگي ڪا متاثر ڪن نه آهي. سو جيڪڏهن سيد قائم علي شاهه تي صرف تنقيد ڪجي ۽ ٻين جي ڪارڪردگي کي نه ڏسجي ته مان سمجهان ٿو ته بهتر نه هوندو. سنڌ جي وڏ وزارت ۾ تبديلي اچڻ سان منهنجي خيال ۾ سنڌ جي حوالي ڪابه ٻي تبديلي نه ايندي ائين چئجي ته سنڌ جي سورن ۽ ڏکن جو علاج ٿيندي نظر نه ٿو اچي. سنڌ حڪومت ۾ هن تبديلي کي جيڪڏهن سياسي حوالي سان ڏسجي ٿو ته تڏهن اهو سمجهه ۾ اچي ٿو ته تڏهن اهو ظاهر ٿئي ٿو ته عسڪري قوتن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي زور مان سنڌ حڪومت به اڃا تائين آزاد ناهي ٿي سگهي . هن تبديلي مان ثابت ٿيو آهي ته ڪراچي آپريشن ۽ رينجرز جي معاملي ۾ عسڪري قوتن سنڌ حڪومت پاران مقرر ڪيل ڪپتان جو سمجهوتو نه هلي سگهيو ۽ عسڪري قوتن اڳيان سنڌ حڪومت جي ڪمانڊ ڪنهن ٻئي ماڻهو کي ڏني ويئي. پيپلزپارٽي قيادت هي جيڪو فيصلو ڪيو آهي اهو فيصلو پارٽي اندر ۽ ٻاهرين حالتن ۾ اسان جي خيال مطابق ڪو مثبت نتيجو نه ڏئي سگهندو.
جيڪڏهن اها تبديلي رڳو نالي جي ۽ آٿر مَٽڻ جي آهي ته پوءِ ايترا ڏينهن قائم علي شاهه جي وڏ وزارت هجڻ کي وڏو مسئلو ڇو پئي قرار ڏنو ويو؟