اسان جي سوچ جي ساڃاه ...

اسان جي سوچ جي ساڃاه سدائين سنڌ لئه آهي
آ،هي سڪ ثمر سڀ ساڻ محبت جند لئه آهي
اسان جو قرب ڪڙمي سان اسان جو محب آ مزدور
جو کيڙي ٿو زمين ۽ کيت محنت سنگ لئه آهي
پگهر هن جو خوشبو آ عمبيرن ۾ عطر جهڙو
پورهيت سان اسان جو پيار هر دم پنڌ لئه آهي
وطن هي سنڌ سک جو ٿي جوانيون سنڌي سڀ ماڻي
دعائن ۾ ڪيون ٿا ياد حب هر هنڌ لئه آهي
کرارن ڪيچ لئه تانگهيون ٻنيون ٻارا هي ساوڪ آ
مٽايون ديس مان دوکو جو دلبر دنگ لئه آهي

لبستم دائودپوٽه
27946815924_5c5de35587_o.jpg
 
Back
Top