گُذريل ويهه سالن کان روهڙي ڪئنال جي آخري سب ڊويزنس مان هڪ سب ڊويزن نصير ڪئنال جي پوڇڙ جي آبادگارن کي سندن جائز حق جو پاڻي نه ٿو ملي. سدائين خيرپور گمبوهه جا آبادگار احتجاج ڪندي ڏسبا آهن ان جا ڪارڻ ڪهڙ آهن جو سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود پاڻي نه ٿو ملي. ادريس راجپوٽ جو هڪ 2010 جو لکيل آرٽيڪل ان جي جافي وضاحت ڪري ٿو. ڪڙيا ڪڍڻ واري نظام سنڌ جي زراعت سان ڪهڙي ويڌن ڪئي؟ اڱارو 6 جولاءِ 2010ع سومر 28 جون 2010ع جي ڪاوش ۾ خيرپور گمبو سب ڊويزن جي آبادگارن جي هڪ اپيل ڇپي، جيڪا هنن صدر پاڪستان، چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ۽ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي ڪئي آهي. اپيل ڪجهه هن طرح آهي: ”انسانيت جي ناتي اسان جي اها دردمنداڻي اپيل آهي ته هڪدم 1988ع کان هيستائين نڪتل سمورن ڊائريڪٽ آئوٽ ليٽس (واٽر ڪورس) بند ڪري حڪومت سنڌ کي وڌيڪ ڊائريڪٽ آئوٽ ليٽس (D.Os) ڪڍڻ کان روڪيو وڃي ۽ سب ڊويزن خيرپور گمبو جي سمورين شاخن جي پڇڙي وارن علائقن تائين پاڻيءَ جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي.“ پهرين اچو ته ڪجهه حال خيرپور گمبو سب ڊويزن جو ڪيون، تنهن کانپوءِ ڊائريڪٽ آئوٽ ليٽس جو ۽ پڇاڙي ۾ انهن جي اپيل جو. 1. خيرپور گمبو سب ڊويزن: روهڙي ڪينال سکر بيراج جي کاٻي پاسي کان نڪرندڙ هڪ اهم واهه آهي، جيڪو 1038 آر ڊي ڊگهو آهي. آبپاشي ۾ آر ڊي (Reduced distance) کي ننڍو ڪري لکجي ٿو، جنهن جي معنيٰ هڪ هزار فوٽ ڊيگهه. پنجن آر ڊين کي هڪ ڪينال ميل چون ٿا، يعني 5 هزار فوٽ. ياد رهي ته هونءَ هڪ ميل ۾ 5280 فوٽ ٿين ٿا. روهڙي ڪينال جي آر ڊي 890 تي اڏيرو لال ريگيوليٽر آهي، جنهن جي کاٻي کان هڪ واهه نڪري ٿو، جنهن کي نصير برانچ چئجي ٿو. انهيءَ نصير برانچ جي پڇڙي تي ڦرهو ريگيوليٽر آهي، جتان ٽي شاخون نڪرن ٿيون، جرڪس، آئل پور ۽ سانگي. معنيٰ ته اهو پڇاڙي وارو ريگيوليٽر سکر بيراج کان اٽڪل 250 ڪينال ميل هيٺ آهي. انهن پڇڙين وارن ۽ پڇڙي کان مٿي ڪجهه شاخن تي جيڪا آبپاشي کاتي جي پڇاڙي واري سب ڊويزن آهي، انهيءَ کي ”خيرپور گمبو سب ڊويزن“ چون ٿا. انگريزن جي زماني ۾ آبپاشي نظام جي ڪاميابي پڇڙي تي پاڻي پهچائڻ سمجهي ويندي هئي ۽ هو هر شاخ جو ”ٽيل گيج“ وٺندا هئا ۽ جيڪڏهن ڪنهن انجنيئر جي حد ۾ ”ٽيل گيج“ پورا نه هوندا هئا ته ان جو نالو گزٽ ۾ ڇاپيو ويندو هو ۽ انهيءَ وقت جي انجينئر لاءِ اهو ٻڏڻ جو مقام هوندو هو ته ان جو نالو انهيءَ حوالي سان گزٽ ۾ ڇپجي. انهيءَ سبب جي ڪري گهڻو ڪري سڀني واهن جي پڇڙيءَ تي پاڻي پورو هوندو هو. 1947ع ۾ پاڪستان ٺهيو، انگريزن جي حڪومت ختم ٿي ۽ اسان پاڪستانين نظام سنڀاليو. پوءِ اسان جيڪا آبپاشي نظام سان ويڌن ڪئي آهي، سا سڀني کي خبر آهي ته پڇڙين تي ڪهڙي حالت آهي. انگريزن جي زماني ۾ ته انهيءَ انجنيئر جو نالو گزٽ ۾ ڇپيو هو، جنهن جي حد ۾ پڇڙيون کٽل هونديون هيون، هاڻي جيڪڏهن سرڪار انهن انجنيئرن جا نالا گزٽ ۾ ڇاپي ته جن جي حد ۾ پڇڙيون پوريون آهن ته منهجي خيال ۾ گزٽ ۾ ڪنهن انجنيئر جو به نالو نه ڇپجي سگهندو. 1984ع جي مارچ واري مهيني ۾ انهيءَ وقت جي آبپاشي سيڪريٽري جناب اي اين جي عباسي صاحب مون کي سپرنٽنڊنگ انجنيئر روهڙي ڪئنال مقرر ڪيو. مان اٽڪل سوا ٻه سال اتي رهيس ۽ منهنجي آبپاشي واري نوڪريءَ جو پهريون سال ڏکي ۾ ڏکيو سال هو، ڇاڪاڻ جو نصير ڊويزن جهڙي کوٽ مون ڪڏهن نه ڏٺي هئي. زبردست ٽيمپرنگ ۽ زورآوري، جنهن کي هٿ لايو، سو بااثر، هيٺيون عملو ملوث، ٽيل وارن جون دانهون ۽ ڪوڪون، خاص طرح خيرپور گمبو سب ڊويزن وارن جون. ٽيل وارن جا نمائندا علڻ خان کوسو ۽ راشدي جن کي ڏسي انجنيئر لڪي ويندا هئا، ۽ مون کي منهن ڏيڻو پيو. انهيءَ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مان هفتي ۾ ٻه ڏينهن نصير برانچ جو دورو ڪندو هوس. اسٽاف جن ماڊولن تان پيسا ورتا هئا، اهي ڪيئن بند ڪن. هوڏانهن منهنجا دورا ۽ سختي. نيٺ شاخون بند ڪري ٽيل پوري ڪندا رهيا ۽ ٽيل وارن کي ڪجهه رليف مليو. آبڪلاڻي پوري ٿيڻ کانپوءِ مان عباسي صاحب جي مدد سان اهو معلوم ڪيو ته فني طرح نصير برانچ ۾ کوٽ جا ڪهڙا سبب هئا. پتو پيو ته ان ۾ سڄي روهڙي ڪئنال جي سلٽ اچي گڏ ٿيندي هئي، جنهن ڪري ريگيوليٽرن کان هيٺ شاخ جي ڊيڊ ليول ريگيوليٽر جي Crest ليول کان مٿي ٿي وئي هئي، جنهن ڪري ريگيوليٽر به پورو پاڻي نه پيا ڪڍي سگهن. ٻيو وري لٽ ۾ چيڪي مٽي هجڻ ڪري سلٽ بار ٺهي پئي وڃي، جنهن ڪري شاخ ۾ پاڻي آٺرجي پيو هلي. انهيءَ جو حل شاخ مان لٽ ڪڍرائڻ هو. هڪڙي ربيع واري بنديءَ ۾ دمبالي کان ڦرهو تائين لٽ ڪڍرائي، ۽ ٻي بندي ۾ ٽنڊو الهيار کان دمبالي تائين. شاخ جي کاٽي ٿيڻ ڪري پاڻي جي ليول ڪري پئي، جنهن ڪري جيڪي ماڊول نمبر برانچ مان سڌو نڪرن پيا، جن کي ڊائريڪٽ آئوٽ ليٽ چئجي ٿو، ڀڳل هئا، اهي به گهٽ پاڻي کڻڻ لڳا ۽ خيرپور گمبو سب ڊويزن کي تمام سٺو پاڻي مليو. انهن جا دانهيندڙ نمائندا علڻ خان کوسو ۽ راشدي غائب ٿي ويا، ملڻ ئي ڇڏي ڏنائون. هڪڙي دفعي مون کي ڪراچي سيڪريٽريٽ ۾ ملي ويا. پڇيو مان ته ”اڳي ته روز ڀڳا بيٺا هئا، هاڻي شڪل به نٿا ڏيکاريو“. جواب ڏنائون ”سائين پاڻي نه هوندو ته ايندا هئاسين، هاڻي پاڻي آهي ته ڇاجي لاءِ اچون.“ 2. ڊائريڪٽ آئوٽ ليٽ يا D.O: سکر بيراج ۽ انهن مان نڪرندڙ واهه انگريزن ٺاهيا. هرڪو ڪم سهڻي طريقي سان ڪيائون، پاليسي ٺاهيائون ته ڪڙيا ننڍين شاخن يا ڊسٽري بيوٽريز ۽ مائنرن مان ڪڍندا ۽ وڏا واهه يعني مين ڪينال برانچن مان واٽر نه ڪڍبا. وري هڪڙي واٽر ڪورس تي آباد ٿيندڙ زمين 800 ايڪڙن کان مٿي نه رکبي ۽ واٽر ڪورس جي ڊيگهه 3 ميلن کان مٿي نه رکبي. روهڙي ڪئنال جي هيڊ کان پاڻي هلندو هو ته بدين جي ويجهو کوسڪي تائين پهچندو هو. واهه ۾ لاها چاڙها ايندا هئا ته پاڻي سڀني کي انهيءَ تناسب سان گهٽ يا وڌ ملندو هو. ٽيمپرنگ جو سوال ئي پيدا نه ٿيندو هو. جڏهن سڀني کي پنهنجو حق بنا ڪنهن امتياز جي ملندو هو ته ماڻهن ۾ هڪ ٻئي تي ساڙ به ڪو نه هوندو هو. گهرجون گهٽ هيون ۽ سڀني جو وقت عزت سان گذرندو هو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ مردم شماري وڌي ۽ کاڌي خوراڪ جي شين تي دٻاءُ وڌيو. حڪومت انهن ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ (Grow more food) ”اپت وڌايو“ مهمون هلايون، واهن ۾ ڊيزائن کان مٿي پاڻي ڇڏيو ويو. لالچ (Greed) وڌي وئي، انگريزن وارو Discipline ڪو نه رهيو. زو وارن ماڻهن ماڊول ڀڃي واهن ۾ وڌيڪ پاڻي استعمال ڪيو ته ڪن وري مختلف الائونس ورتا، جيئن ڊيگهه الائونس، وارياسو الائونس، گارڊن الائونس وغيره، انهيءَ کان وڌيڪ خرابي ٿي ته زور وارن سياسي يا پيسي جي زور تي وڏن واهن يعني مين ڪينال ۽ برانچن مان پنهنجي ايراضين لاءِ سڌا ڪڙيا يعني ڊائريڪٽ آئوٽ ليٽ ورتا ويا. انهيءَ ۾ 800 ايراضي واري ڳالهه کي به نظرانداز ڪري ڇڏيائون. جڏهن مٿين واهن ۾ ناجائزيون وڌيون ۽ نوان ڪڙيا نڪتا ته ٽيلن تي پاڻي کٽڻ لازمي هو، جيڪي غريب هئا، سي گهٽ آباديون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا، جيڪي زور وارا هئا ۽ جن جو پاڻي گهٽجي ويو، تن پاڻي جي ٻين وسيلن ڏي واجهايو. سکر بيراج جي روهڙي ڪئنال جي شاخن وارن جيڪي حيدرآباد جي ويجهو هيون، تن ڪوٽڙي بيراج مان سڌا ڪڙيا ورتا يا وري نيون شاخون ڪڍرايائون، جيئن ماتلي برانچ ۽ مراد واهه يا ڪوٽڙي بيراج جي شاخن مان سپليمينٽري پائيپ ورتا. سکر بيراج جون ڪيتريون شاخون ڪٽجي ويون، پر پوءِ به ڪٽجي ويل شاخن جي ٽيل تي به پاڻي ڪونهي. وري ان ڪري ڪوٽڙي بيراج جون شاخون پڻ متاثر ٿيون. اڪرم واهه مان ايتريون لفٽ مشينون منظور ڪرايون ويون، جو انهيءَ جي بدين وارين شاخن ۾ زبردست کوٽ پيدا ٿي وئي. انهيءَ کي پوري ڪرڻ لاءِ وري ڦليلي ڪينال مان علي پور وٽان سائفن ذريعي پاڻي ڏنو ويو، جنهن ڪري اڪرم واهه وارن جي ڪجهه گهرج پوري ٿي، پر ڦليلي ڪينال جي ٽيلون کٽي پيون. گهڻي خرابي مين ڪينال ۽ برانچن منجهان D.Os ڊائريڪٽ آئوٽ ليٽس سبب ٿي، شاخن مان جدا ڪڙيو منظور ڪرڻ جو پاور اريگيشن قانون موجب ڪينال آفيسر جو آهي، جيڪي آهن ايگزيڪيوٽو انجينئر ۽ سپرنٽينڊنگ انجنيئر پر جڏهن انهن جي پوزيشن ڪمزور ٿي ته اهي پاور چيف منسٽر تائين پهتا. 1972ع ۾ پ پ جي حڪومت ۾ مختلف ذريعن وسيلي واڌو پاڻي کڻڻ جي ڪري پڇڙيءَ تي ايتري ته تڪليف ٿي، جو 1974ع ۾ سنڌ ڪابينا گهوٽڪي واري علائقي ۾ ساريون پوکڻ، مين ڪينال ۽ برانچن مان نوان ڪڙيا منظور ڪرڻ، باغن جو پاڻي ڏيڻ، عارضي پائيپ ڏيڻ ۽ ڊي ڪلاس زمينن کي پاڻي ڏيڻ تي پابندي وجهي ڇڏي، پر تنهن هوندي به اهو وهنوار بند نه ٿي سگهيو. اسان جي ملڪ ۾ ڪڏهن جمهوريت رهي ٿي، ڪڏهن فوجي حڪومت. جمهوريت واري وقت ۾ سياسي جوڙ توڙ جي گهرجن ڪري نون ڪڙين جي منظوري ۽ ٻيون شيون وڌي وڃن ٿيون. وري جڏهن فوجي حڪومت اچي ٿي ته اهي ڳالهيون ڍريون ٿي وڃن ٿيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن ڳالهين کي بند ڪرڻ يا اڳي ئي منظور ٿيل شين کي رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. مارچ 1999ع ۾ جڏهن فوجي حڪومت ته نه هئي، پر سنڌ ۾ گورنر راڄ هو ۽ گورنر معين الدين حيدر هو. اسان هڪ آر ڊيننس جاري ڪرايو، جنهن ۾ 107 اهڙن D.Os کي رد ڪيو ويو هو، جيڪي سفارشي بنيادن تي منظور ٿيا، جنهن مان گڊو براج جا 4، ڪوٽڙي بيراج جا 13 ۽ سکر بيراج جا 90 ڊائريڪٽ آئوٽ ليٽس هئا. کاتيدار انهيءَ خلاف ڪورٽ ۾ هليا ويا ۽ هنن جهمٽ مل کي وڪيل ڪيو. ڪورٽ اهو آرڊيننس انهيءَ ڪري رد ڪري ڇڏيو، جو متاثر ٿيل ماڻهن کي ڪو نه ٻڌايو هو. جيستائين نصير برانچ تي D.Os جو تعلق آهي، اهو ٻڌائيندو هلان ته تازو آبپاشي کاتي وارن ايشين ڊيولپمينٽ بينڪ کان جوهي برانچ لاءِ نصير برانچ جي شاخن کي مضبوط ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڪ رپورٽ تيار ڪرائي آهي، جنهن ۾ٻڌايو ويو آهي ته ٽنڊو الهيار سب ڊويزن ۾ 22 ڊائريڪٽ آئوٽ ليٽس اهڙا آهن، جيڪي پنهنجي ڊيزائن کان 129 کان 955 سيڪڙو مٿي پاڻي کڻن ٿا. چانگ سب ڊويزن ۾ 15 اهڙا ڊائريڪٽ آئوٽ ليٽس آهن، جيڪي پنهنجي ڊيزائن کان 42 کان 97.5 سيڪڙو وڌيڪ پاڻي ٿا کڻن. خيرپور گمبو سب ڊويزن ۾ 18 D.O اهڙا آهن، جيڪي پنهنجي ڊيزائن کان 162 کان 716 سيڪڙو مٿي پاڻي پيا کڻن. انهيءَ رپورٽ ۾ انهن D.Os جا نمبر ۽ مکيه کاتيدارن جا نالا به ڏنل آهن. جڏهن نصير برانچ تي ماڊولن جي اها حالت آهي ته ٽيل سب ڊويزن وارا يعني خيرپور گمبي وارا دانهون ۽ ڪوڪون نه ڪندا ته ڇا ڪندا؟ D.Os جي نقصانن مان پهريون اهو آهي ته شاخ مان سڌو سوراخ ڪڍڻ جي ڪري شاخ ڪمزور ٿئي ٿي، ٻيو ورهائڻ وارا منڍ وڌڻ جي ڪري ورهاست ڏکي ٿي پوي ٿي. ٽيون انهن ۾ ٽيمپرنگ سولي ٿي پوي ٿي ۽ چوٿون وارابنديءَ ۾ اهي بند نٿا ٿين، جو ننڍين شاخن جي وارابندي ته ٿئي ٿي، پر وڏين شاخن يعني مين ڪينال ۽ برانچن ۾ پاڻي هلندو رهي ٿو. 3. خيرپور گمبي وارن جي اپيل: اپيل ۾ ٽي ڳالهيون ڪيون ويون آهن، هڪڙي اها ته 1988ع کان وٺي هن مهل تائين منظور ٿيل سڀ D.Os رد ڪيا وڃن ۽ ٻي اها ته سنڌ حڪومت کي نوان D.Os منظور ڪرڻ کان روڪيو وڃي، ٽئين اها ته خيرپور گمبو سب ڊويزن جي سڀني شاخن ۾ پاڻي جي فراهميءَ کي يقيني بڻايو وڃي. هنن اها اپيل سنڌ حڪومت کي نه ڪئي آهي، بلڪه صدر، چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ۽ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي ڪئي آهي. جيستائين صدر صاحب جو تعلق آهي ته هو پهرين ڳالهه نٿو مڃي سگهي، ڇاڪاڻ جو منظور ٿيل D.Os ۾ سڀ بااثر ماڻهو آهن. هو ٻي ڳالهه کان به نٿو روڪي سگهي، ڇو ته سياسي حڪومت کي پنهنجن ماڻهن کي Oblige ڪرڻو هوندو آهي. باقي هو سنڌ حڪومت کي پاڻي پوري ڪرڻ لاءِ چئي سگهي ٿو. جيستائين چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ۽ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جو تعلق آهي، سي پاڻمرادو نوٽيس وٺي ايڪشن کڻي ڪيس ٻڌي سگهن ٿا، ۽ جيستائين ڪيسن ۾ ٻين ٻن ڳالهين جو فيصلو ٿئي، نوان آئوٽ ليٽس منظور ڪرڻ کان سنڌ سرڪار کي روڪي سگهن ٿا.