مشتاق علي جمالي
سينيئر رڪن
رياست ۽ مذهب وچ ۾ ڪهڙو تعلق هئڻ گھرجي.. ؟
اڄ دنيا دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي لپيٽ ۾ آهي ان جا مختلف سبب آهن. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ان تي غور ڪيو پيووڃي ته جيئن هن ناسور کي هميشه هميشه لاءِ دنيا جي هستي تان مٽائي امن ۽ محبت جي پکي کي آب حيات پياريو وڃي ته جئين هر طرف سڪون ئي سڪون هجي، محبت جي رواداري روا هجي ۽ پيار جا پيچ پائيجن.ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ انتها پسندي عروج تي پهتل آهي پاڪستان ۾ جيڪا انتها پسندي ملي ٿي اها مذهبي انتهاپسندي آهي. ۽ ڏٺو وڃي ته سڀني مذهبن جي پوئلڳن جي اڪثريت جا هٿ انتها پسندي جي رنگ ۾ رنگيل آهن. اهو ئي سبب آهي جو اڄ هن ملڪ جو امن موڪلائي ويو هر طرف قيامت صغرا برپا آهي اکين ۾ هڪ ٻئي جي لاءِ نفرت دلين ۾ حسد ۽ ٻين کان برتري جا بند آهن.
سوال اهو آهي ته مذهبي انتهاپسندي جا ڪهڙا سبب ٿي سگھن ٿا؟
جيئن ته ٻين ملڪن ۾ هن جي سببن جي ڳولا جاري آهي ائين هتي به امن جا محافظ، دانشور ۽ محب وطن ان سببن جي ڳولا ۽ ان کي حل ڪرڻ ۾ محو آهن.ان مان اڪثريت ان نتيجي تي پهتو آهي ته مذهب جو رياست جي قانون ۾ عمل دخل ئي هن جو وڏو سبب آهي مذهب کي رياست کان جدا ڪري سيڪولرزم تحت ملڪ جي آئين جي نئين سر جوڙجڪ ڪري فيدريشن جي تمام ماڻهن کي بنا ڪنهن مذهبي فرق جي برابر جا حق ۽ ذميواريون ڏنيون وڃن. ٻئي طرف جن سيڪولرزم کي لادينيت قرار ڏنو آهي اهي ان تجويز جي ڀرپور مخالفت ڪن ٿا ۽ هن ڳالھ کي مذهب اسلام تي حملو تصور ڪن ٿا.
انهن جو چوڻ آهي ته شريعت اسلامي هن ملڪ جو هميشه آئين رهيو آهي ۽ رهندو ۽ اهو ئي صحيح تصور ڪيو وڃي فيدرشن لاءِ انتهاپسندي جا ذميوار ٻاهرين سازشون آهن.ان سان گڏوگڏ انهن جو چوڻ آهي ته آزادي جي تحريڪ ۽ رياست ٺاهڻ جو مقصد ئي اهو هو ته مسلمانن جو الڳ رياست هجي ۽ ان تي شرعي قانون لاڳو هجي. انهن جي اها دعوا سراسر ڪوڙ تي ٻڌل آهي ڇو ته آزادي جي تحريڪ تقريرن ۽ مواد مان ڪٿي به اها ڳالھ واضح نه آهي ته ان رياست جو ڪو به مذهب هوندو ۽ اهو اسلام هوندو، نه ئي وري 40ع واري ٺهراءُ ۾ ان جو ڪوذڪر آهي.
11 آگسٽ تي باني رياست محمد علي جناح واضح لفظن ۾ چئي ڇڏيو هو ته مذهب جو رياست سان ڪو تعلق نه هوندو.فيدريشن جي شروعاتي ڪجھ سالن ۾ واقعي به هن جي رواداري ۾ مذهب جو ڪو به تعلق نه رکيو ويو هو. اڳتي هلي رياست کي جبري طور قلمو پڙهائي ملڪي رواداري ۾ مذهبي عمل دخل رکيو ويو.
اها ڳالھ واضح آهي ته ملڪ کي ترقي جي رستي کان پري رکيو ويو پنهنجي ذاتي مفادن کي مد نظر رکي مذهب جو آڙ وٺي عوام جي فائدي جي هر بل کي اسلامي نظرياتي ڪائونسل رد ڪندو آيو. واقعي اها ڳالھ تعجب ۾ وجھندڙ آهي ته پارليامنٽ ۽ سينيٽ جي هوندي هاڻ مذهبي ٺيڪيدار فيصلا ٻڌائيندا.؟
مذهب ته ماڻهن جو هوندو آهي ڀلا رياست جا به مذهب هوندا آھن ڇا؟
۽ وري ملڪ ۾ ڪي هڪ مذهب جا پوئلڳ ته ناهن هتي ته ڪيترائي مذهبن جا ماڻهون ملن ٿا ڪي اهڙا آهن جن جو ڪنهن مذهب سان ڪو به واسطو ناهي هوندو. پوءِ اهڙي حالتن ۾ رياست ڪهڙو مذهب اختيار ڪري ڪهڙو نه اهو به هڪ سواليا نشان آهي؟ تنهنڪري چڱو آهي ته رياست کي دنيائيت رهڻ ڏنو وڃي پاڪستان جي موجوده صورتحال کي ڏسي نٿو لڳي ته مذهب کي رياست کان ڌار ڪرڻ سان هنگامو نه ٿيندو رتوڇاڻ نه ٿيندو.
اچو ته ان مسئلي جو ڪو ٻيو حل ڳولجي . دنيا جي مختلف ملڪن ۾ دنيائيت جا مختلف رخ ملن ٿا آمريڪا ۽ برطانيه ۾ هر مذهب جو احترام ڪيو وڃي ٿو. عام ماڻهن کي پنهنجن پنهنجن مذهبن تي عمل ڪرڻ لاءِ مڪمل آساني حاصل آهي اتي اسڪولن ۾ مسلمان شاگرد ۽ شاگردياڻين جو هڪ خاص تعداد موجود هجي ته انهن لاءِ اسلاميات پڙهاڻڻ جو انتظام ڪيو وڃي ٿو.
فرانس،جرمني ۽ اٽلي گھڻو ڪري هڪڙوئي دنيائيت جو نظام رکن ٿا ترڪي ۾ به اهوئي سيڪولرزم آهي هن ملڪن ۾ مذهب کي بلڪل مخالفت ۾ سمجھيو وڃي ٿو، مثلن فرانس جي ڪنهن به سرڪاري اسڪول ۾ ڪا مسلمان شاگردياڻي نقاب پائي نٿي سگھي، سک پڳڙي نٿو پائي سگھي، عيسائي سليب لٽڪائي سگھي ٿو نه ئي وري يهودي مخصوص ٽوپي پائي سگھن ٿا.
ڀارت ۾ سيڪولرزم جو نظام ٻين کان مختلف آهي هن ۾ اڪثريت کي اهميت حاصل آهي هن جي دل آزاري روڪڻ جي لاءِ ڪجھ اهڙا قانون ملڪي رواداري ۾ شامل آهن جو پنهنجي اعتبار ۾ مذهبي آهن مثلن ڳئون کي ذبح ڪرڻ تي پابندي آهي ڇو ته ان سان عوام جي هڪ وڏي انگ کي تڪليف ٿئي ٿي.
هي دنيائيت قابل غور آهي جنهن ۾ اڪثريت جي جذبن کي ائين مدنظر رکيو ويو ته جيئن اقليت کي ڪو وڏو نقصان نه ٿئي. ان کي مذهبي سيڪيولرزم چئي سگھجي ٿو.جيئن ته پاڪستان ۾ مڪمل طور رياست کي مذهب کان ڌار ڪرڻ نا ممڪن آهي يا اڄوڪي صورتحال ۾ ان جي ڪا واٽ نظر نٿي اچي. اسان هن آخري طريقي کي ٿورڙي ترميم سان انهي مطابق بڻائي سگھون ٿا جو شايد سڀ اتفاق ڪن ۽ ان ۾ مذهب کي ٿورڙي لچڪ ڏيکارڻي پوندي ان ۾ ڪوئي حرج ناهي نه ئي ان ۾ دين جي وحدانيت کي ڪو خطرو آهي.
علاما نياز فتح پوري پنهنجي ڪتاب “من و يزدان” جي صفحي نمبر 398 تي لکي ٿو ته “دين ۽ مذهب ٻه الڳ الڳ شيون آهن. دين مان مراد اهي اصولي عقيدا آهن جن ۾ ڪو اختلاف ناهي سڀ ان تي متفق آهن مثلن خدا هڪ آهي محمد (ص) ان جو رسول آهي ان کان علاوه ٻيو سب ڪجھ مذهب ۾ داخل آهي، ان ۾ اختلاف هجي تڏهن به ان جو وحدت دين تي ڪو اثر ناهي. مذهب مان مراد اسان جا تمدني ، سياسي ۽ معاشرتي قوانون شامل آهن.” يا وري ٻين ان ملڪن جن ۾ مسلمانن جي اڪثريت آهي ان ملڪن وانگر غيرمسلم کي پنهنجي مذهبي قانون کان آجو ڪرار ڏنو وڃي. ته جيڪي ٻين مذهبن سان تعلق رکندڙ آهن ان جو ڪو وڏو نقصان نه ٿئي ۽ پنهنجي زندگي کي آساني سان بسر ڪري سگھن.
ڇو ته دين اسلام پنهنجا رياستي قانون ملڪ جي ٻين مذهب جي ماڻهن تي لاڳو نٿو ڪري نه تمدني مسئلن ۾ نه وري فوجداري رواداري ۾، جيڪڏهن هو چاهين ته رياستي قانون تي عمل ڪن. هڪ طرفي مذهبي قانون تي ڪيئن عمل ڪندا اها ڳاله عقل جي منافي آهي. ته پوءِ جمهوري طريقي سان پنهنجي لاءِ الڳ قانون مقرر ڪن اسلامي تعليم تحت ان کي ان جو به اجازت آهي ته هو پنهنجا مذهبي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ الڳ عدالتون به ٺاهي سگھن ٿا. مطلب ته هرڪو پنهنجي مذهبي زندگي پنهنجي مرضي سان گذاري سگھي ٿو.
ان کي اسان هڪ خاص مفهوم ۾ “اسلام هڪ سيڪيولر مذهب آهي” چئي سگھون ٿا.
مشتاق علي جمالي