هڪ نئين ريسرچ ۾ واضع ٿيو آهي ته پيدا ٿيندڙ ٻار خاندان وارن کي نه رڳو خوشي ڏيندو آهي بلڪ ماءُ کي عقلمند ٿيڻ ۾ مدد ڪندو آهي. پهريان ڪيل ريسرچ ۾ ٻڌايو ويو هو ته عورتن جي ذهني صلاحيت گهٽجي ويندي آهي. هاڻي رچمنڊ يونيورسٽي جي سائنسدانن جي هڪ ٽولي ريسرچ ڪئي آهي ته ٻار پيدا ڪرڻ سان ماءُ وڌيڪ عقلمند ٿيندي آهي. ماهرن موجب ماءُ بڻجندڙ عورت پنهنجي دماغ کي ٻيهر تيار ڪندي آهي ته جيئن هو سندس مامتا سان ٻار جي حفاظت ڪري سگهي. ۽ جڏهن ٻار پيدا ٿيندو آهي ته ماءُ جي ڏاهپ ۾ اضافو ٿيندو آهي. سائنسدان ڪوئن تي ريسرچ ڪرڻ کانپوءِ هن نتيجي تائين پهتا آهن. هنن جي ذريعي خبر پوي ٿي ته جڏهن ٻار پيدا ٿيندو آهي ته نر ۽ ماده ڪوئا وڌيڪ بهادر ۽ پنهنجي ٻار جي خوراڪ ڳولڻ لاءِ وڌيڪ محنت ڪندي آهي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته عقل ۾ ٿيندڙ اضافو وقتي طور لاءِ نه بلڪ سڄي زندگي لاءِ هوندو آهي.
جواب: ٻار پيدا ڪرڻ سان عورتون عقلمند ٿينديون آهن ادا سائين ماءُ ٻار پئدا ڪرڻ سان نه فقط عقلمند پر اڳي کان وڌيڪ سهڻي به ٿي پوندي آهي ۔۔۔ هڪ دفعي منهنجي هڪ سنڌ جي سڄڻ، سنڌ جي شاعر ۽ مفڪر سان ڪچهري ٿي رهي هئي، مون کائنس پڇيو ” چاچا! اوهان ترقي پسند ۽ جدت پسند ماڻهون آهيو، اڄڪلهه جي دور ۾ ماڻهون خانداني منصوبابنديءَ تي عمل ڪندي ۔۔۔ ٿورا ٻار پيار ئي پيار ڪندا وتن ۔۔۔ ۽ اوهان آهيو جو ڊزن ٻارن جو پئدا ڪري ويٺا آهيو“ کلي ٽهڪ ڏيندي چيائين ته يار نثار! حقيقت پڇين ته هر ٻار پئدا ڪرڻ کانپوءِ تو واري چاچي اڃان وڌيڪ سهڻي لڳندي آهي ۽ منهنجو پيار اڃان گهرو ٿيندو آهي، انڪري آءُ ان سونهن ۽ پيار کي ختم ڪرڻ نٿو چاهيان بلڪه وڌائڻ تي زور آهي“ سو ادا بيشڪ ماءُ جيترا گهڻا ٻار ڄڻيندي آهي اوتري سهڻي عقلمند ۽ پياري ٿي پوندي آهي ۔۔۔ بشرطيق کيس ٻار ڄڻڻ جي لئه گهربل سهولتون ۽ پالڻ لئه گهربل وسيلا هجن ۔۔۔۔