زهر کي به زم زم ڪري پي ڏٺوسين نينهن نگر جو نماڻو شاعر: مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي تحرير: غلام شبير لغاري ٽنڊي باگي شهر کان سورهن ڪلوميٽر اوڀر پاسي يونين ڪائونسل ڏاڏاهه شروع ٿئي ٿي. ڏاڏاهه ديهه ۽ تپو به آهي ته ضلعي بدين جي تعلقي ٽنڊي باگي جي يونين ڪائونسل به آهي. ڏاڏاهه جو نالو وٺڻ سان ذهن تي ماضي جي مشهور ڏاڏاهه جاگير جا تصوراتي عڪس تري اچن ٿا. ڪڏهن ڏاڏاهه جي پٽن تي عشق، محبت ۽ نينهن جا گچ نار ڦٽا هئا. ۽ لاڙ جي ان ڏاڏاهه جاگير ۾ ڪڻڪ جي سنگن سان گڏ عشق جا سنگ به پچندا هئا. جوانڙين جي جوڀن جي خوشبو سان واسيل ڀون تي پيرن سان گڏ ڏاڏاهه جي مٽيءَ به خوشبو بڻجي نچڻ لڳندي هئي. ڏاڏاهه جي عروج جي ڪهاڻي جنهن به ٻڌي اهو اڄ ڏاڏاهه جاگير جي عروج کي ساري ڪي گھڙيون سوچن جي وهڪري ۾ لڙهي وڃي ٿو. چون ٿا ته ڏاڏاهه 30 هزار ايڪڙن کان وڌيڪ ايراضي تي ڏاڏاهه جي سيدن جي جاگير هئي. جن جي سخا جي ڳالهه لوڪ ۾ مشهور هئي. مهمان نوازي سان گڏ محبت واري مڻيا به مولا هنن ۾ رکي هئي. هاڻوڪي ڏاڏاهه يونين ڪائونسل ۾ ديهه کاري کٻڙلو پڻ آهي. ان ئي ڏاڏاهه ۾ 26 نومبر 1939ع تي سيد امام الله شاهه جي وشال حويلي ۾ هڪ ٻار جنم ورتو. ڏاڏاهه جي ڏيهه ۾ سيد امام الله شاهه حويلي ۾ خوشين مورن جيان کيڙا ڪيا. ان ٻار تي پيار مان نالو علي مرتضيٰ رکيو ويو. ڏاڏاهه جي سرزمين تي هي اهڙو گل ڦٽو هو، جنهن جي خوشبو سنڌ جي نگري نگري ۾ سرهاڻ پکيڙي. شاهه گھراڻي جي هن لاڏلي ٻار جو ننڍپڻ لاڏ ڪوڏ سان گذريو. ڏاڏاهه جي پٽن تي بانبڙا پائيندي مرتضيٰ جي ٻالڪپڻ جا ڏينهن گذريا، اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ نه ويو. پر پنهنجي پيءُ وٽ فارسي، اردو ۽ انگريزي جا سبق پڙهيائين. ڏاڏاهه جي واٽن تي شفاف صبحن ۽ سرمئي شامن جون گھڙيون وهنديون رهيون ۽ علي مرتضيٰ تي جواني جا رنگ رچڻ لڳا ته ڪنهن جي ڪجلين اکين جو ديوانو بڻجي پيو. عشق جي ڍٻي ۾ ڦاسڻ کان پوءِ ماڻهو ويچارو لاچار بڻجيو پوي. علي مرتضيٰ جي رڳن ۾ عشق گردش ڪرڻ لڳو ته هن ڀٽائي ۽ خليفي واري واٽ وٺندي ڪافين ۽ ڪلامن ۾ درد جي دانهن ڪئي. ۽ حضرت عشق 14 سالن جي ڄمار ۾ شاعري سرجڻ جي شروعات ڪرائي ڇڏيس. نه ته ويجهڙائي ۾ سندس خاندان مان ڪوبه وڏو شاعر ڪونه هو پر هن کان اها واٽ نينهن جي نانگ وٺرائي. اها ڳالهه ضرور هئي ته ڏاڏاهه جي جاگير ۾ سرهين راتين ۾ ادب ذوق ماڻهن جون رس رهاڻيون مچنديون هيون، ادب ذوق ماڻهن جي اوطاق تي حاضري هوندي هئي. ته وري ڪنهن مهل فونو جي ڦيرن تي ماسٽر چندر، ڪنور ڀڳت، جيوڻي ٻائي، سونا خان بلوچ، يوسف ماڇي، مولي ٻائي، ڀورو خالصو، استاد خير محمد خان، الهڏنو نوناري، ساوتري گدواڻي، مٺو ڪلهوڙي جو آواز ٻرندو هو ته دلين جي ديس ۾ محبت جي مهڪ اٿي پوندي هئي. پر وقت جي ڦيري کيس ڏاڏاهه کي ڇڏي، پراڻ ڪنڌي تي اڏيل جهڏي شهر ۾ رهايو ۽ نيٺ اتان کان ٽنڊوالهيار شهر ۾ اچي ٺڪاڻو ٺاهيائين. جتي شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويو، رب پاڪ کيس نياڻين ۽ گلاب جي گل جهڙا پٽ جاويد مرتضيٰ ۽ سجاد مرتضيٰ عطا ڪيا. ڏاڏاهه سندس نيڻن جي ماڻڪين ۾ اڃان به ٽڪيل آهي. جنهن ڪري اڃان به پاڻ کي ڏاڏاهي سڏائي ٿو. راما پير، ڍول ۽ وتائي فقير جي هن شهر سان جيءُ جڙي ويس. ۽ مستقل ٺڪاڻو ٺاهي اتي ئي رهي پيو. ڏات جي ڏيهه ۾ سندس شاعري ڏياٽيون بڻجي جرڪي پئي. ۽ هي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان واڳجي ويو. سندس سريلو آواز ۽ تخليق جي سڳند فضائن کي مهڪائي ڇڏيو. سندس پهريون ڪلام سندس بقول ته سنڌ جي لوڪ فنڪار اسحاق ڪاري مڱڻهار هڪ شادي ۾ ڳايو هو. سندس والد پڻ ان شادي ۾ مرتضيٰ سان گڏ هو، جنهن ڪري کيس ڏڪڻي وٺي وئي هئي. مرتضيٰ موجب ته هو پنهنجي شاعري جا ڪجهه اسم کڻي مولوي حاجي احمد ملاح وٽ به ويو هو. جنهن هن جي سرجيل شاعري پڙهڻ کان پوءِ چيو ته تون سٺو شاعر ٿي سگهين ٿو. پوءِ هن باقاعدي لکڻ شروع ڪيو ۽ سندس شاعري مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجڻ جي پڻ شروعات ٿي. سندس شاعري “ نئين زندگي” ، “ نئين زندگي” ، “ ٽه ماهي مهراڻ” ، “ اسان جي منزل” ، “ فلمي دنيا” ، “ روزانه نواءِ سنڌ” ، “ هلال پاڪستان” ، “ مهراڻ” ، “ عبرت” سميت ٻين ۾ ڇپجندي رهي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان جڏهن 80ع واري ڏهاڪي ۾ ٻڍو فقير جي سندر آواز ۾ سندس ڪلام “ قرب واري ڪئي ڪچهري سا مٺا وسري نٿي” نشر ٿيو. سنڌ جي ڳوٺن، شهرن ۽ جھرجھنگ ۾ سندس ڪلام مڌر آواز ۾ پهتو ۽ بيحد مقبوليت حاصل ڪيائين. وري لاهوتي فنڪار استاد غلام قادر جو سريلو آلاپ “ زهر کي به زم زم ڪري پي ڏٺوسين” مرتضيٰ ڏاڏاهي جي ڄڻ سڃاڻپ بنجي ويو. سنڌ جي هن بنهه سادڙي ۽ عوامي شاعر جا ڪلام هزارين دلين ۾ ڌڙڪن بڻجي ويا. عشق، محبت، سڪ، سونهن، وصل ۽ وڇوڙي جي موضوع تي سندس سرجيل سٽون چنگ جي ساز جيان وڄڻ لڳيون. شاعري هن جي اندر مان ائين ڦاٽ کائي نڪتي، جئين سرن جي بٺي مان دونهون ڪاريون لاٽون ڪري فضائن ۾ وکري ويندو آهي. ڇو ته هن جي زندگي ڏاڏاهه جي رنگين ڳوٺ کان ٽنڊي الهيار جي انڙ پاڙي تائين ڏکن، سکن، وصل ۽ وڇوڙن، سونهن جي جلوه گيرين جو سنگم رهي آهي. تنهن ڪري سندس ڪلام ۾ اهي رنگ رچيل نظر ايندا. مان ته ورهين کان، وفا ۽ دوستي ڳوليان پيو بس، چريو آهيان، جو دنيا ۾ خوشي ڳوليان پيو ساز سُرندي تي سريلا ٻول ٻيجل جا ٻڌي سُر مٿي جو سر ڏئي، اهڙو سخي ڳوليان پيو. زمانو هن کي ڪهڙي به نگاهه سان ڏسي پر هن کي سنڌ جي ماڻهن سان بي پناهه محبت آهي ۽ هو سنڌ جي ماڻهن کي وڏو قدردان ۽ محبت ڪندڙ سمجهي ٿو. کيس سنڌي ماڻهن کان ڪابه شڪايت ناهي. ڇو ته هن کي جيڪا محبت سنڌي ماڻهن کان ملي آهي. ان جو اظهار هو برملا ڪندو رهيو آهي. سندس ڳوٺ ڏاڏاهه مان سيد نزاڪت شاهه ڏاڏاهي ۽ سيد پناهه شاهه ڏاڏاهي به ادب جي باغ جا گل آهن. پر هرهر مرڪندي پوندڙ هن محبوب شاعر جون ادائون نراليون آهن. هن جي شاعري جھرجھنگ ۾ مختلف فنڪارن جي آوازن ۾ گونجندي رهي. سندس شاعري سنڌ جي مقبول ۽ معروف فنڪارن محمد ابراهيم، ٻڍو فقير، ممتاز لاشاري، ڦوٽو زرداري، مراد فقير، غلام قادر، فيروز گل، روبينا ۽ ٻين ڳايا ۽ سندن آوازن ۾ مرتضيٰ جي شاعري جا ٻول ٻريا ۽ بيحد مقبول بنيا انهن ۾ “ قرب واري ڪئي ڪچهري سا مٺا وسري نٿي” ، “ زهر کي به زم زم ڪري پي ڏٺوسين، مرڻ کان اڳي مري جي ڏٺوسين” ، “ نٿو وسرين خدا جو سونهن، مٺا منور نٿور وسرين” ، “ اي پرين پرديس وارا پيار جي پارت اٿئي.” ، “ اڄ سڄڻ مون عيد ڪئي، جو يار جا ديدار ٿيا” ، “ ها اڃان تائين رهي ٿي انتظاري اکين ۾” ، “ ڪيو جڏهن سهڻن ملڻ بند آهي” ، “ پرديسين جا پيار دم دم دلڙي ياد ڪري پئي” سميت ڪيترائي ڪلام سدابهار آوازن ۾ هوائن جي آڌار جڏهن جھر جھنگ ۾ گونجيا ته مرتضيٰ ڏاڏاهي کي اهڙي سڃاڻپ ملي ۽ اهڙي محبت ڀري موٽ ملي، جيڪا ڪنهن ڪنهن جي نصيب ۾ ايندي آهي. انهن فنڪارن کان سواءِ ڍول فقير، جلال چانڊيو، مائي ڀاڳي، قمر سومرو، وحيد علي، استاد غلام علي، سيد سليما شاهه، عابده پروين، چاڪر چانڊيو، انور حسين وسطڙو، قاسم اوٺو، غلام شبير شاهاڻي، امينا، نور بانو، ثمينه ڪنول، حميرا چنا، گل بانو، اياز علي، نگھت جعفري، زيب ميمڻ، عبدالله پنهور، عبدالله ڪڇي، اسحاق ڪارو، غفور گل، غلام جعفر زرداري، تاج مستاني، انجم آرا، ماريا بلوچ، رازدا پروين، غلام رسول لوهار سميت 100 کان وڌيڪ فنڪارن ڳائي آهي. هن جا ڪلام مختلف فنڪارن جي آواز ۾ اي. ايم. آءِ گراموفون ڪمپني ۾ به رڪارڊ ٿيا آهن. جن جون سي ڊي ڊسڪون پاڻ وٽ سنڀالي رکيون اٿس. 50 سالن جي عرصي کان اڃان تائين سندس ڪلام ريڊيو پاڪستان ۽ ٽي وي تان سندس ڪلام ٽيليلڪاسٽ ٿيندا رهيا آهن. اڪثر مرڪن جا پوپٽ سندس چپن تان اڏرندا رهندا آهن. پاڻ کي ٺاهي هلندڙ، ملڻ ۾ محبتي مزاج، انتهائي حساس جذبن واري هن ڪلاسيڪل شاعر جي ڪافين ۽ ڪلام ۾ جادو جهڙو اثر آهي. سندس شاعري ۾ جماليات جو جادو آهي. سندس شاعري هر طبقي جو ماڻهو پسند ڪري ٿو؛ دل چوي ٿي پيار جون ڳالهيون ڪجن ياد حُسن يار جون ڳالهيون ڪجن نازنين، نازڪ بدن جي ناز جون درشن و ديدار جون ڳالهيون ڪجن يا وري سونهن جي ساراهه جا ڍڪ ڀريندي چوي ٿو؛ تون مٺو، منهنجا مٺا، ديدار دل وارو مٺو ڳل مٺا ڳالهيون مٺيون، سهڻو بدن سارو مٺو سنڌ جي انتهائي وڏي ليکڪ پير حسام الدين راشدي مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي لاءِ جيڪي لفظ چيا. اهي هن تي ٺهڪي اچن ٿا ته“ مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي اهل دل جو شاعر آهي. جيڪي اهل دل ناهن، مرتضيٰ جي شاعري انهن لاءِ ناهي.” مون ڪٿي پڙهيو هو ته پير حسام الدين راشدي هن لاءِ ائين به چيو هو ته“ جتي به مرتضيٰ جو ڪو ڪلام يا ڪافي سڻندو آهيان ته ائين ڀائيندو آهيان ته آءُ پاڻ پيو ڪلام ٺاهيان ۽ ڳايان، ڄڻ اهو منهنجي اندر جو آواز آهي. مرتضيٰ ڏاڏاهي ملهائتا موتي جوڙي، موڙي ماڻ لکيا آهن. مرتضيٰ آدرشي، محبتي ۽ انسان ۽ موتي داڻو آهي، سندس گفتگو ماکي لار جهڙي آهي. ڪچهرين جو مور ۽ اکين جو ٺار آهي. ڪنهن تي تنقيد جا ڀالا اڇلائڻ واري ڳالهه نه اٿس، محبت سان ڪنهن کي اتساهه بخشڻ ۽ همٿائڻ واري سندس ادا به نرالي آهي. هن شاعري جي مختلف صنفن ڪافي، غزل، گيت، نظم، وائي، بيت، قطعه، حمد، نعت، منقبت، مناجات تي طبع آزمائي ڪري پاڻ مڃايو. ته هن ڪهاڻيون، افسانا، مضمون، مزاحيه ڪالم، ريڊيو لاءِ فيچر ۽ پي ٽي وي لاءِ غنايا، ميوزيڪل فيچر پڻ لکيا. سندس شاعري جو پهريون ڪتاب “ زهر و زم زم” 1984ع ۾ ڇپيو. سندس ٻيو شاعري جو ڪتاب “ تون پارس آئون لوهه” 1994ع ۾ ڇپيو. “ سهڻا سرها گل” 1996ع ۽ “ مان ذرو تون مهتاب” 2012 ۾ ڇپجي مارڪيٽ ۾ پهتا. ڪافي ڪتابن جيترو مواد اڃان تائين ڇپائي جي انتظار ۾ اٿس. مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي “ بزم مرتضيٰ ڏاڏاهي ادبي تنظيم، ( ڏات) وتايو فقير يادگار ڪميٽي تنظيمون قائم ڪيون. جڏهن ته مختلف تنظيمن سان سندس وابستگي رهي آهي. انهن ۾ بزم مسافر، بزم طالب الموليٰ، بزم نور ادب، سنڌي ادبي ثقافت سنگت، پريس ڪلب ٽنڊوالهيار، سنڌ سيد ايسوسيئشن، هلال احمر ڪميٽي، اينٽي نارڪوٽڪس ڪميٽي، ڪرائيم ڪنٽرول ڪميٽي، پيشنٽ ويلفيئر سوسائٽي، تعليمي ڪميٽي شامل آهن. سندس خدمتن عيوض کيس سهڻي ميهار گولڊ ميڊل، نئين زندگي گولڊن جوبلي ايوارڊ. قلندر لال شهباز ايوارڊ، مهراڻ ايوارڊ، سوشل ويلفيئر ڪميٽي ايوارڊ، بلديه حسن ڪارڪردگي ايوارڊ، آرٽ لورس ايوارڊ، سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم ايوارڊ، ڍول فقير ايوارڊ، مصطفيٰ قريشي ايوارڊ، مهراڻ ڪلچرل ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي سرٽيفڪيٽ ۽ ايوارڊن سان نوازيو ويو. سال 2003ع ۾ کيس ادب دوستن ۽ ٽنڊي الهيار واسين پاران سندس تاجپوشي ڪري کيس خراج پيش ڪيو. مرتضيٰ سان سوين شامون ملهايون ويون ۽ رهاڻيون رچايون ويون آهن. ڪيترن ئي اهم پروگرامن جي صدارت ۽ مهمان خاص طور شرڪت ڪري چڪو آهي. ۽ ريڊيو ۽ ٽي وي جي سوين مشاعرن، مذاڪرن ۽ ادبي پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي اٿس. مارئي جي ميلي جي ميلي تي ٿيل سنڌي اردو مشاعري جي صدارت جو اعزاز به کيس مليو. مختلف وقتن تي بيماري جي بلا مرتضيٰ مٿان حملا ڪيا، ڦڦڙن جي تڪليف کيس هيڻو ڪري وڌو، ۽ اکين جي روشني به جهيڻي ٿيڻ لڳي آهي. پر ان جي پرواهه نه اٿس. پيار جي هن شاعر لوڪ کان لڪي ڳوڙها به ڳاڙيا آهن، ته مزاح به سندس مزاج ۾ رچيل آهي. مزاحيا شاعري ڪئي اٿس ته مزاحيه ڪالم پڻ لکيا اٿس. اڄ سڄي سنڌ ۾ کيس احترام ۾ سائين مرتضيٰ سڏيو وڃي ٿو. Shabirlaghari2@gmail.com