فقير ذوالفقار علي لنڊ: ست ساز وڄائيندڙفنڪار تحرير: غلام شبير لغاري شادي لارج شهر جي ويجهو هاڻوڪي تعلقي ڪلوئي جي ديهه اٺ ڊهو جيڪا هاڪڙي ۽ پراڻ جي ونگي واري ڦٽل ونگي شهر واري سرزمين آهي، جتي ڪڏهن مير ٺاري خان جي ڪيٽي جو ڪوٽ هو ۽ هاڻي ان ڦٽل ڪوٽ ڀرسان فقير مير محمد لنڊ جي نالي سان ڳوٺ آهي. جتي هاڻي مٺو پاڻي اڻلڀ آهي، سامهون پراڻ جي ٻي ڪناري سرسبز زمينون باغ ۽ شادي لارج جي شهر جون عمارتون نظر اچن ٿيون. اوڀر طرف مهراڻي واري ڀٽ شروع ٿئي ٿي ۽ ڏکڻ طرف وري هاڪڙي تي ڄار وارو مشهور پتڻ آهي، جتي هاڪڙي ۽ پراڻ جو سنگم ٿيندو هو. ونگو ڪڏهن پرڳڻو به هو، شاندار بندر ۽ شهر به هو. سنڌي ٻولي جو ونگائي لهجو به پراڻن ۽ لسانيات جي ڪتابن ۾ پڙهي سگهجي ٿو ته ونگي جا ڄام ارباب به مشهور رهيا آهن. ارباب الهجڙيو جنهن مولوي حاجي احمد ملاح جو ڪتاب “ نورالقرآن ” ڇپايو هو، اتي ارباب امير حسن وري هر هفتي ڍوڍاري واري بنگلي تي فقير مير محمد سان رهاڻ رچائيندو هو، بوڙينڊي ۽ نڙ تي جڏهن مير محمد لنڊ سان سندس پٽ فقير ذوالفقار لنڊ سُرندي جا سُر ڇيڙيندو هو ته پرهه ٿي ويندي هئي پر فقيرن جا سر جهيڻا نه ٿيندا هئا. اهي سُر هن پٽ جي فضا ۾ ٻُري پڙاڏا بڻيا آهن، جيڪڏهن انهن جو پيرو ٿو کڻجي ته فقير الهڏنو لنڊ جڏهن سانوڻ فقير سان نڙ وڄائيندو هو تڏهن ڪن تي هٿ رکي سانوڻ فقير نڙ بيت ڏيندو هو ۽ ويندل قافلن جا اوٺي اُٺ بيهاري سندن نڙ بيت ۽ نڙ جي ساز کي ٻڌنڌا هئا، ان ئي الهڏني جي گهر ۾ مير محمد اک کولي هو نه جاگيردار هو ۽ نه وري ڪو هزارين ايڪڙن جو مالدار ۽ وڏو زميندار پر هو سنڌ جي مٽي جو عاشق ۽ ساز ۽ آواز جو بادشاهه هو، هي اهو خوددار ۽ سنڌ جو غيرت مند حلالي پٽ هو، جنهن جرمني جي ملڪ ۾ ثقافتي ميلي ۾ پنهنجو ساز بوڙيندو ڊالرن ۾ نه وڪيو، هن چيو ته “هي سنڌ جي مٽي مان ٺهيل آهي ۽ سنڌ جي مٽي ڪوبه ملهه ڪونهي ”. “ اي نه مارن ريت جي سيڻ مٽائين سون تي” وانگر هن دنيا کي اهو ٻڌائي ڇڏيو ته سنڌي غيرت مند آهن. نڙ وڄائيندڙ الهڏني جي پٽ مير محمد جي اهڙين ادائن تي ئي سنڌي ٻولي جي محبوب شاعر حسن درس لکيو ته: پراڻي عشق پوڙهي جي وڄت نڙ ڦوڪ مان نڪتي، ملڻ هي مير محمد جو جوانين کي جڙي ٿو پيو اوهين مرڪي ملي آخر هليا ويا شهر پنهنجي ڏي اسان جي ڳالهه جي ڳل تان اڃان ڳوڙهو ڳڙي ٿو پيو. سو مير محمد جي ڳالهين ۽ آلاپن ۾ جيڪا ڳوڙهن جي ڳالهه هئي، انهي درد کي ڪنهن ورلي ئي محسوس ڪيو هوندو. لاڙ سميت سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ نڙ ۽ بوڙيندي جي ساز جي سرهاڻ پکيڙيندڙ مير محمد جا پير سدائين عشق جي پنڌ ۾ رهيا. سندس گس ۾ ڪنڊن ۽ ڪاون جي ڪمي ڪان هئي. مٽي جي ان ملوڪ ماڻهو مير محمد جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ذوالفقار علي لنڊ جي زندگي جي ڪهاڻي به نرالي آهي. هن سادڙي ۽ نماڻي ٻار جي نصيب ۾ اسڪول وڃڻ ته لکيل ڪون هو. جنهن ڪري پنهنجي والد کان سازن جا سبق سکيائين. بوڙيندي جي سوراخن مان نڪرندڙ سُرن کي ڪنن سان ڪُنائي، اهي رمزون روح جي پاتال ۾ لاهڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪي عشق جو آلاپ هيون. ائين جئين عمر جا ڏينهن وڌنڌا ويا، هو فن جي بٺي ۾ پچندو رهيو ۽ گائڪي سان گڏ بوڙينڊي، نڙ، تنبوري، چنگ، بانسري، ڍولڪ ۽ باجو وڄائڻ جو ماهر بنجي ويو. ذوالفقار پنهنجي والد سان گڏ محلفن ۽ ڪچهرين ۾ پنهنجي والد سان گڏ ساز وڄائيندو هو پر 16 اپريل 1997ع تي مير محمد لنڊ جي وڇڙي وڃڻ بعد هن ورثي ۾ مليل فن کي زندهه رکڻ جا جتن ڪندي زندگي جا سمورا پل سُرن جي نانءَ ڪري ڇڏيا ۽ مهان ڪوي شيخ اياز جي سٽن جيان ته “ وستي وستي نگري نگري گيت اسان جي گيت ڪئي، چانڊوڪي ۾ چنگ وڳو ٿي رات پرين جو پور هيو.” هن چانڊوڪين ۾ اهڙو چنگ چوريو جو سُرن جو پڙاڏو ٿرن برن ۽ وستي واهڻن ۾ گونجي پيو. ڀلين سندس ڳوٺ ۾ مٺو پاڻي اڻلڀ هجي پر سندس آواز ۽ بوڙيندي جي ساز ۾ ماکي ۽ مصري کان وڌ ميٺاج ۽ ڪمند جي رس جهڙو چس آهي. سنڌي ٽوپي پائي ۽ اجرڪ اوڍي هلندڙ ۽ فخر وچان پاڻ کي فقير سڏرائيندڙ ذوالفقار جي چپن تي مرڪ رقص ڪندي نظر ايندي آهي ته سندس اکين جي ماڻڪين ۾ ڪيئي ڪهاڻيون ليئا پائيندي نظر اچن ٿيون. هن وٽ ڪو وڏو ڌن ناهي تڏهن به سندس سخا ۽ محبت جو اهو مثال آهي ته پنڌ پڇائي سندس ڳوٺ ايندڙ مهمانن کي ڊهي ويل اوطاق جي سامهون ڄار جي وڻ جي ڇانءَ ۾ ويهي ڪچهري ڪري ٿو ۽ سندن فرمائش تي بوڙينڊي ۽ چنگ جا ساز ٻڌائي ٿو ته تنبوري جي تارن کي ڇيڙي شاهه سائين جو وايون، شيخ اياز، خليفي نبي بخش لغاري، حسن درس ۽ مظهر لغاريي جي شاعري پنهنجي ئي ڪمپوز ڪيل ڌُنن ۾ پنهنجي آواز ۾ ڳائي ٻڌائي ٿو. هو پنهنجي غربت جو روئڻ ڪنهن اڳيان نٿو روئي پر بيماري سبب سندس معذور ٿي ويل ڌيءُ ماروي جي علاج نه ڪرائي سگهڻ وارو ڏک سندس دل جي ڀٽ تي مريڙي جيان ڦٽي پوندو آهي ته اکين مان ٽمي پيل لڙڪ منهن ڦيري اجرڪ جي پلئه سان اگهي ڇڏي ٿو. فقير ذوالفقار اهو کاهوڙي آهي، جنهن سنڌ جي شهرن ۽ وستين واهڻن ۾ وڃي محبت جا ساز وڄايا آهن. سيف سميجي سان سندس گهري دوستي آهي، هن لاهوتي آشرم قاسم آباد ۾ ساڻس گڏجي ڌنون ڪمپوز ڪيون آهن ۽ لاهوتي لائيو سيڪشن ۾ هن پنهنجي فن جو جادو جڳايو آهي. ڪوڪ اسٽوڊيو ۾ سُر ڇيڙڻ کان وٺي ريڊيو ۽ پي ٽي وي سميت سمورن سنڌي چئلن تي پنهنجا ساز ڇيڙي چڪو آهي ته ملڪ کان ٻاهر نيپال ۽ چائنه ۾ پنهنجي ڏات جا ڏيئا روشن ڪري پاڻ مڃايو آهي. جتي سندس فن کان متاثر ٿي هڪ نيپالي ڇوڪري پيٿو سندس شاگرد بڻجي کائنس فن جي سکيا ورتي. هو اها ڳالهه چڱي ريت ڄاڻي ٿو ته سندس والد مير محمد لنڊ کي هن سنگيت ۽ سرن جي دنيا مان ڪا مايا نه ملي ۽ سندس وڇڙي وڃڻ کان پوءِ کيس ثقافت کاتي ۽ ادبي ادارن ياد به ناهي ڪيو پر پوءِ به هڪڙو عشق جو ساگر آهي جنهن ۾ هو ٻڏي ۽ تري ٿو. سندس پٽن مختيارعلي، محمد اسلم ۽ امتياز کان وڌيڪ هو بوڙيندي ۽ نڙ جي فن جي مستقبل بابت سوچي ٿو. اصول پرست ۽ خوددار فقير سان منهنجي ملاقات ليکڪ عثمان راهوڪڙو ڪرائي، پهرين ملاقات ۾ محبت مان ڀاڪر پائي مرڪي ملڻ واري سندس ادا مونکي وڻي. سندس فن تي صحافي نصرالله جروار ڊاڪومينٽري ٺاهي ته شاعر فراق هاليپوٽو، عثمان راهوڪڙو، رزاق کٽي، ادريس لنڊ ۽ امير منڌرو سندس فن عاشق رهيا آهن. امير منڌرو هن لاءِ لکي ٿو ته “ ذوالفقار لنڊ نڙ، بوڙيندي ۽ يڪتاري سان گڏ چپڙي به وڄائي سگهي ٿو. گهنگهروئن جي ڇن ڇنا ڇن ٻڌندي ائين ٿو محسوس ٿئي ته ميران جو روح پرڀو کي پرچائڻ ڪاڻ ڪا پازيب پائي اچي رقصان ٿيو آهي، هو جڏهن فن جي ورکا ٿو ڪري تڏهن هزارين سالن جي تهذيب اکين اڳيان وڄ وراڪا ڪري جلوه افروز ٿئي ٿي.” ذوالفقار علي لنڊ پنهنجي ڪمپوز ڪيل ڌُنن ۾ جڏهن “ پهر نه جاڳئين وري ڇو، چري هاڻي ويٺي روءُ، ڏسيو جايون جتن جون الا ” ۽ “ مڙنيائون موڪل ڪالهه ڪندا ويا ڪاپڙي” ٻڌائي ٿو ته ٻڌندڙن تي وجد طاري ٿيو وڃي. حسن درس جي شاعري “ پکي پرديس جا سورج پرن پويان لڙي ٿو پيو” جي ڪمپوز ڪيل ڌُن به اهڙي تيار ڪيائين جو ٻڌنڌڙ ان جي سحر مان نڪري نٿو سگهي. ته عثمان راهوڪڙي جي نظم “سڪو سنڌو ڪنارا رُنا” جي ڌُن ٺاهي درديلي انداز ۾ سنڌو جو نوحو ڳائي اٿس. هو بوڙينڊي جو ساز مٽيءَ مان پنهنجي هٿن سان ٺاهي ٿو، اهو به سندس هنرمند هٿن جو ڪمال آهي جو هن بوڙينڊي کي جديد بڻائيندي ان کي ٽن سوراخن مان مان ست سوراخ ڪري ان کي نئون انداز ڏنو. هن کان اڳي بوڙينڊي تي صرف لهرا وڄايا ويندا هئا پر هاڻي بوڙينڊي تي سمورا سُر آلاپي سگهجن ٿا. اهو فقير ذوالفقار جو وڏو ڪمال آهي. هن شاهه لطيف وانگر جنهن تنبورو ايجاد ڪيو، ائين ذوالفقار وري بوڙيندي تي تجربو ڪري ان مان ڳائيڪي جا سُر نکيريا آهن. ڪڏهن ڪڏهن غربت به ڪيئي خواهشن کي چکيا تي چاڙهي ٿي، جئين ذوالفقار جي خواهش هئي ته هو پنهنجي پٽن کي اعليٰ تعليم ڏياري پر هو ائين ڪري نه سگهيو، سندس اها خواهش اڻپوري ئي رهجي وئي، تڏهن ته هو مهراڻي جي ڀٽ تي ويهي اڪن جي نيرين ڦلڙين کي ڏسندي ڪنهن گهري سوچ ۾ گم ٿي وڃي ٿو ۽ سامهون سج آخري ڪرڻا ڌرتي تي اڇلي لهي وڃي ٿو.