رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
شعور کان لاشعور ٿيندي
؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛
شعور کان لا شعور ٿيندي ماڻهپي کان معيوب ٿيندي
ڪري ٿو انسانيت جون ڳالهيون عقل کان عاري خوب ٿيندي
نفس جو هي پڄاري پاپي نظر سان ڀي ڪري زنائون
اگهاڙو ٿيندي نه شرم هن کي هي وحشي اهڙو اسلوب ٿيندي
چئي ٿو آزادي هتي هو جنهن کي سي خباثتن خيال آهن
نه عشق هن کي نه ڪا محبت هي شهوتن ۾ شوب ٿيندي
وڃا ئي ٿو هي وصل ۾ ويتر اجايا هن جا اصول آهن
نه ڀيڻ جي لڄ نه ماءُ ممتا ننگو نچي ٿو ڀاڀوت ٿيندي
لڇڻ وڃائي هي ٿيو لڄادار ڪار ڪرت ڀڙوتن جي
غيرتن جي غيور کي هي ڏسي ٿو ويٺو غروب ٿيندي
لبستم دائودپوٽه