رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
نڌر نماڻي عيبن هاڻي
؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛
نڌر نماڻي عيبن هاڻي روڄ رڙي ٿي اکين پاڻي
ڏيه ڏکن جو انگ عذابن بره هي بڇڙو سير نه ساڻي
دريا موجن ڪين ڊيڄايو ڪلنڀر ڪڙ تي ڪين پتڻ هو
هام هڻي هو يار گهري هئي ساٿ هو سڪ جو روح ۾ راڻي
گهوتا کائي سڪ سوائي اندر پيو اٿلي ڪوڪ ۾ وائي
ساه گهٽيو هو من مرڪيو هو سامهو ميهر پريت پراڻي
هو هلي هئي لڪندي ڇپندي ڪڇ گهڙو هو فڪر فراقي
پير نه پٻ پو ڪوئي روڪي منزل ماري هي ڪهاڻي
ازل هي اهڙو من مستيون هو ويندي ويندي ويرم وئڙي
ڪين ڪيائين ڌيان گهڙي ڏي عشق اکين ۾ قرب ڪوماڻي
لبستم دائودپوٽه