هي حوا ڄائي هئي ...

هي حوا چائي هئي
””””””””””””””””””””
هو ته آهي
باک جهڙي
ماڪ جهڙي
ماکيءَ کان آ وڌ مٽي
کير جهڙي چاشني
ڏينهن جهڙي آ چٽي
جهڙ جهڙالو ڪو ڪڪر ڄڻ
مينهن ٿو اکين ٽمي هو
ڏک جنهن کي ڏاج ۾
سور هن سهاڳ ۾
پور ۾ هو چور ٿي
روئي رڙي حور ٿي
هن جي اندر
محشر حشر
هي نه ٻولي ٿي ٻاهر
هي نه چاهي ۽ چري ٿي
۽
ڪين حرکر ۾ حري ٿي
هي وئي آ سانت ٿي
روح ۾ بدروح ٿي
هن کي ههڙو ڪنهن ڪيو
ڪو ته ڀاڙي بت هيو
هن کي بازاري ڪري
عظمت انڪساري ڦري
ديس ۾ آ ڌوڙ ڪئي
روح ۾ هن روڙ ڪئي
هن سان وهشت وار ڪنهن ڪيا
هن سان هي ڪيس جنهن ڪيا
سو نه ماڻهو ماڻهپي ۾
آ دلن جي ڳاڻپي ۾
هن سان دوکو ۽ دولاب
ڪنهن وٽ نه جنهن جو آ جواب
وهشتن وئشا وئي ٿي
ناچ ۾ نچندي رهي
گهور پيسن ٿيندي رهي
سور سختيون پور سهندي
هر ماڻهوءَ کيڙ ٿيندي
کيڙ ۾ پو ڇيڙ ٿيندي
هي نه ڏمري ڏک تي
عادتن جي بک تي
پاڻ کان ڀي نفرتن ۾
گند ٿي غلاظتن ۾
ڳوڙها جنهن جا ويا سڪي
پاڪ پوتر ٿي پليت
روح ۾ رمندي رهي
ڪجه نه ڪنهن چوندي رهي
هي حوا ڄائي هئي
جنهن عزت سڀ وئي
جنهن جي عزت سڀ وئي
لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top